مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن
بلاگ

8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان گهربل آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

  (عورت مارچ جي حوالي سان ڪجھہه گذارشون)

سماج آزاد، عورت آزاد

انسان ھڪ ئي وقت پنھنجي اندر ڪيتريون مختلف زندگيون جئي ٿو ۽ ڪيئن نہه ڪيترا قيد خانہه ۽ آزادي جا پرچم کڻي ھلي ٿو. اھڙي ڪيفيت مان ھر انسان گذري ٿو. جي ڏسجي تہه اسان جھڙي شديد طبقاتي سماج ۾ جھڙي طرح ھن ملڪ جو عام ماڻھو ھر ڏينھن ذلت آميز روين، بيروزگاري گھريلو تشدت اڻبراري انساني ظلم ۽ جبر کي ڀوڳي رھيو آھي، ان جو اختتام ته ڪٿي بہه نظر نہه ٿو اچي ھا البتہه ذھني سجاڳي ڪري ان کي ڪنھن حد تائين گھٽائي يا ختم ڪري سگھجي ٿو. پاڪستان ۾ موجوده غربت جي سطح 34.2 مان وڌي 39.4 ٿي آھي جنھن جي معنيٰ اھا آھي تہه  ھر ڏينھن ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي غربت جھڙي بي رحم مار مان گذري ٿي. ڪنھن بہه سماج جي تعمير نو ۾ سياسي ۽ معاشي ترقي لازم ھجي ٿي، پر جي ڏسجي تہه پاڪستان جو سياسي ۽ معاشي ماڊل مقامي قومن ۽ تھذيبن لاءِ جبر جي صورت اختيار ڪري رھيو آھي، ھي ملڪ انساني حقن جي سوال کي قومن جي بياني کان ڏسڻ جي بجاءِ رياستي بياني تي قائم آھي جيڪو پنھنجي مڪمل جوھر ۾ غير انساني غير جمھوري ۽ ھڪ قسم جي انتھا پسندي آھي. پاڪستان جي اھڙي ماڊل ڪري ملڪ جا ڪمزور طبقا ۽ انجا پرت خاص طرح عورت ۽ ٻار وڌيڪ ڪمزور، محروم ۽ ناانصافي جو شڪار ٿيا آھن. آخر ملڪ جا حڪمران غير انساني سياسي ۽ معاشي حالتن کي جيئن جو تيئن رکڻ جي حق ۾ ڇو آھن.؟ پھرين اچو تہه ان کي سمجھون.

(1) سرمائيدارانہه صنعت  ۽ جاگيردارانہه جيڪو نظام ھاڻ ويج ليبر ۾ تبديل ٿيو آھي لاءِ سستو ليبر (عورت مرد ٻئي).

(2) پاڪستان ۾  منشيات ڦھلائيندڙ مافيائن،  جاسوسي جي ادارن ۽  جھادي تنظيمن لاءِ افرادي قوت (عورت مرد ٻئي)

(3) عورتن جي اڌ آبادي رکندڙ پاڪستان ۾ عورت ڏانھن اسانجا رويا انتھائي پسمانده، انھن جي زندگي ۽ حقن متعلق سطحي، محدود معلومات ۽ اسانجي سوسائٽي ۾ پوشيده ۽ ظاھر خوفناڪ خيال ۽ مفاد.

(4) سماجي ۽ معاشي تنگدستي کان سڌي طرح عورتن ۽ ٻارن جو متاثر ٿيڻ.

(5) ننڍي عمر جي شادين کي جائز سمجھڻ.

(6) پوليس ۽ رياستي ادارن پاران گھر ٻار جي حقن کي پائمال ڪرڻ.

(7) بدعنوان ۽ انتھائي فرسود معاشري، جھڙي طرح پنھنجي گرد نام نھاد اخلاقيات، ظالمانہه اخلاقي قدر ۽ رويا قائم ڪيا آھن، ان مان عورت شديد متاثر ٿي آھي خاص طرح ملڪ جون اقليتون، جيڪي جبرن مذھبي تبديلي، مقامي ۽ گھريل تشدت جو شڪار آھي.

(8) خاص طرح نياڻين جي تعليم کي غير ضروري سمجھڻ.

(9) مرد جي نسبت عورت جو آساني سان استحصال وارو رويو.

(10) مذھب ۽ سياست جو غير انساني ميلاپ ۽ ان جو ڪمزور طبقي خلاف ھٿيار طور استعمال ڪرڻ، ان جو مثال صفيہه بي بي جو اھو ڪيس آھي جنھن ۾ حدود آرڊيننس جي نتيجي ۾ اکين کان محروم صفيہه بي بي عصمت دري جي نتيجي ۾ شاھد پيش نہه ڪرڻ ڪري انصاف کان محروم ڪئي وئي.

(11) اسانجا وراثتي سماجي قانون پڻ عورت دشمني تي قائم آھن.

(12) قصاص ديت جھڙا عورت دشمن قانون ھاڻ تائين قائم آھن جيڪي ڊڪٽيٽر جي دور جي پيداوار آھن.

(13) مسنگ پرسن جھڙا رياستي جبر ۽ خاندان خاص طرح نوجوان نارين سان غير انساني سلوڪ ۽ رويا.

(14) ٻھراڙي جي گھراڻن مان  گھٽ عمرجي ٻارن کي چائلڊ ليبر طور  شھري آسودن گھرن ۾ پورھيو ڪرائڻ جون غير انساني روايتون.

الميو اھو آھي پاڪستان جي 74 سالا تاريخ جنھن جمھوريت جو اھو دور بہه شامل آھي جنھن ۾ اھو خيال ڪيو پئي ويو تہه عورتن متعلق اھي ڪارا قانون جيڪي عدم مساوات،  غير انساني ۽ ناانصافي تي ٻڌل آھن ختم ڪيا ويندا، ان ۾ ھڪ عورت وزير اعظم جو دور بہه شامل آھي. اوھان کي خبر ھوندي تہه پياري پاڪستان  آءِ ايل او عورتن جي 9 ڪنوينشن مان صرف ھڪ نقطي تي صحيح ڪئي آھي جيڪا گرڀ دوران عورت کي موڪل ڏيڻ متعلق آھي. پاڪستان جي گذريل ڪابہه حڪومت آءِ ايل او جي باقي عورتن جي حقن متعلق ڪابہه دلچسپي نہه ڏيکاري آھي. ھاڻ تائين  جمھوري يا غير جمھوري حڪومتون پاڪستان کي عورتن جو جھنم رکڻ جي حق ۾ آھن. اسين جي اھو سوال ڪيون تہه پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي ناري دنيا جي جديد، مھذب ۽ ترقي يافتہه دور ۾ پنھنجي ڪھڙي سڃاڻپ رکي ٿي تہه شرمساري کانسواءِ ڪجھہه بہه نظر نہه ايندو.  8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن آھي تہه اسين ان ڳالھہه جو مطالبو ڪيون تہه آءِ ايل او جي 9 ڪنوينشن جي مڪمل نقطن تي عمل ڪيو وڃي. ملڪ ۾ معاشي اصلاحات ۾ عورت کي شامل ڪيو وڃي. مقامي قدرتي وسيلن تي 70 سيڪڙو مقامي آبادي جي حق کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان حق ۾ 40 سيڪڙو عورتن جو حصوھجڻ گھرجي. زراعت جي اعتبار کان سنڌ جو معاشي ڍانچو زرعي معيشت وارو آھي ان ۾ عورت جي موروثي ۽ وراثتي حق تي عمل ڪيو وڃي، سمال انڊسٽري ننڍا صنعتي يونٽ قائم ڪري عورتن کي پنھنجن پيرن تي بيھڻ لاءِ انھن ۾ ان کي شريڪ ڪيو وڃي. انڊيا ۾ تہه ڪنھن حد تائين لينڊ رفارم ٿيا، پر پاڪستان ۾ اڃا تائين نو آبادڪاري جي باقيات  جاگيرداري، وڏيرائپ قائم آھي. جيڪي 70 سالن کان راڄ ڪندا پيا اچن. اڄ جڏھن عورتن جو عالمي ڏينھن آھي، پاڪستان ۾  زرعي اصلاحات جو پڻ مطالبو ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ تہه جيستائين مرد ۽ عورت معاشي طرح آزاد خود مختيار نہه ٿو ٿئي، تيستائين عورتن جي آزادي خواب جيان ئي رھندي جي ڏسجي تہه پاڪستان جاگيردارن، سردارن، نوابن، بيوروڪريٽن، جنرلن، لاءِ جنت بڻيل آھي ۽ انجي نسبت عورت ۽ محڪوم ڪلاس لاءِ دوزخ. ان لاءِ اچو تہه انصاف تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ لاءِ عورت مارچ سان گڏ بيھون. سماج آزاد عورت آزاد.