ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي خود مختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت
Noor Sindhi
سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ
سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ادب، موسيقي ۽ روحاني ورثي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام منفرد آهي. شاهه لطيف رڳو هڪ عظيم شاعر نه، پر اهڙو فڪر ڏيندڙ مفڪر آهي، جنهن جي شاعري انسانيت، امن، رواداري، محبت، وطن دوستي، انصاف ۽ سماجي هم آهنگي جو دائمي پيغام ڏئي ٿي. ان فڪر کي محفوظ ڪرڻ، ان تي تحقيق ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت سنڌ 1954ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو ملڪ جو پهريون جامع ثقافتي ادارو هو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي قيام جو بنيادي تصور ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرڻ، ان جي واڌاري لاءِ علمي، ادبي ۽ فني سرگرمين کي منظم ڪرڻ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر کي قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائڻ شامل هو. مرڪز کي اهڙو ادارو بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو هو، جيڪو سنڌ جي تهذيبي سڃاڻپ جو مرڪز بڻجي، جتي تحقيق، اشاعت، موسيقي، فنون لطيفه ۽ فڪري تربيت گڏيل طور اڳتي وڌن. مرڪز جي قانوني مقصدن تي نظر وجهجي ته انهن مان واضح ٿئي ٿو ته اداري کي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي حفاظت ۽ ترقيءَ جو ذمو سونپيو ويو هو. ان سان گڏ لوڪ ادب، لوڪ موسيقي، شاهه جي راڳ، روايتي سازن ۽ سنڌ جي ٻين ثقافتي قدرن کي محفوظ ڪري انهن کي مقبولِ عام بڻائڻ لاءِ منظم ڪوششون ڪرڻ پڻ ان جي ذميوارين ۾ شامل هو. ان کان علاوه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تخيل، شاعري، فلسفي ۽ فڪر جي تشريح، تحقيق ۽ تبليغ ڪرڻ ۽ دنيا کي اهو ٻڌائڻ ته شاهه جو پيغام امن، شانتي، محبت، رواداري ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي، مرڪز جي بنيادي ذميوارين مان هڪ هئي. اداري جي مقصدن ۾ اهو پڻ شامل هو ته مشرقي ٻولين جي عالمن، شاعرن، اديبن ۽ محققن جي رهنمائي ۽ همت افزائي ڪئي وڃي، جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي، شاعري، فلسفي ۽ فڪر بابت تحقيقي مواد گڏ ڪري سگهجي. ان بنياد تي معياري ڪتاب، تحقيقي جرنل، رسالا ۽ ٻيون اشاعتون شايع ڪيون وڃن، جيئن شاهه لطيف جي فڪر تي تحقيق جو دائرو مسلسل وسيع ٿيندو رهي.
ساڳئي وقت شاهه لطيف جي سورمين جي اعليٰ ڪردار کي قومي تربيت جو ذريعو بڻائڻ به مرڪز جي اهم ذميواري هئي. سسئي جي ثابت قدمي، مارئي جي حب الوطني، نوري جي نوڙت، سهڻي جي همت، مومل جي سونهن ۽ وفا، ليلا جي ڪردار مان اخلاقي سبق اخذ ڪري نوجوان نسل ۾ وطن سان محبت، خدمت، قرباني، ايمانداري ۽ اعليٰ انساني قدر پيدا ڪرڻ مرڪز جي فڪري مشن جو حصو هو. تحقيقي نقطهءِ نظر سان ڏٺو وڃي ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي اصل تصور ۽ موجوده عملي ڪردار جي وچ ۾ هڪ واضح فرق محسوس ٿئي ٿو. مرڪز جي قيام وقت ان کي هڪ جامع علمي، ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي اداري طور ڏٺو ويو هو، پر موجوده حالتن ۾ ان جي سرگرمين جو وڏو حصو انتظامي ذميوارين تائين محدود ٿي ويو آهي. عملي طور تي هن وقت مرڪز جون بنيادي ذميواريون شاهه لطيف ميوزيم، لائبريري، ريسٽ هائوس، شاهه جي باغ، فنڪار هاسٽل، شيخ اياز جي مزار، موٽيل سُورلي هال، ڪجهه پارڪن ۽ ڪراڙ ڍنڍ جي سار سنڀال سان لاڳاپيل آهن. يقينن اهي ذميواريون به مرڪز جي فرائض جو حصو آهن، پر جيڪڏهن انهن کي مرڪز جي بنيادي مقصدن سان ڀيٽجي ته معلوم ٿئي ٿو ته تحقيق، اشاعت، لوڪ فنون جي اداري واري ترقي، شاهه جي راڳ جي سکيا، نوجوانن جي فڪري تربيت ۽ عالمي سطح تي شاهه لطيف جي فڪر جي واڌاري جهڙن شعبن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت موجود آهي. اهو مشاهدو ڪنهن اداري يا فرد تي تنقيد نه، پر هڪ اداري جي ارتقا جو تجزيو آهي. هر اداري وانگر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي به بدلجندڙ دور جي ضرورتن مطابق پنهنجي اصل منشور سان ٻيهر هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي اصل حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ان کي مڪمل انتظامي، مالي ۽ علمي خودمختياري ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي خود مختيار بورڊ آف گورنرز جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، جنهن ۾ شاهه لطيف جا ڄاڻو، اديب، محقق، موسيقار، فنڪار، آثار قديمه جا ماهر، يونيورسٽين جا استاد، ثقافتي ماهر ۽ لاڳاپيل شعبن جا نمائندا شامل هجن. اهڙو بورڊ سياسي تبديليءَ کان مٿانهون ٿي ڊگهي مدي واري پاليسي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. مرڪز جي مالي ڍانچي کي به مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. الڳ بجيٽ، ترقياتي فنڊ ۽ تحقيقي منصوبن لاءِ مستقل وسيلا مهيا ڪيا وڃن، جيئن هر سال تحقيق، اشاعت، ثقافتي پروگرامن ۽ نون منصوبن کي مالي مشڪلاتن سبب روڪڻو نه پوي. ثقافتي ادارا روزمره جي انتظامي ضرورتن سان گڏ علمي ۽ فڪري سيڙپڪاري جا به طلبگار هوندا آهن، تنهنڪري انهن جي مالي استحڪام کي پاليسي جو حصو بڻائڻ ضروري آهي.
تحقيقي حوالي سان مرڪز کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي عالمي سطح جو ريسرچ سينٽر بڻايو وڃي، جتي رسالي جا مختلف قلمي نسخا، ناياب ڪتاب، تصويرون، آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگون، تاريخي دستاويز ۽ جديد تحقيقي مواد گڏ ڪري ڊجيٽل آرڪائيو قائم ڪيو وڃي. هر سال تحقيقي جرنل، علمي رسالا، تنقيدي ايڊيشن ۽ نوان ڪتاب شايع ڪيا وڃن، جيئن شاهه لطيف بابت علمي ڪم کي نئين وسعت ملي. ساڳئي وقت غير فعال شاهه جي راڳ واري اسڪول کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. شاهه جي راڳ، سازن ۽ لوڪ موسيقي جي باقاعده سکيا لاءِ مستقل موسيقي اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جتي نوجوان فنڪارن کي جديد ۽ روايتي ٻنهي طريقن سان تربيت ڏني وڃي. ان سان گڏ چترڪاري، خطاطي، ڪاشي سازي، دستڪاري، لوڪ سازن جي تياري، سنگتراشي ۽ ٻين فنون لطيفه جا تربيتي مرڪز قائم ڪيا وڃن، جيئن ڀٽ شاهه واقعي هڪ زنده ثقافتي ڪيمپس جي صورت اختيار ڪري. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي صرف هڪ علاقائي اداري طور نه، پر ڏکڻ ايشيا جي اهم علمي ۽ ثقافتي مرڪزن جي صف ۾ آڻڻ جو ويزن اختيار ڪيو وڃي. هندستان جي چنائي (مدراس) ۾ قائم ٿياسافيڪل سوسائٽي ۽ رابندرناٿ ٽئگور جي قائم ڪيل شانتي نڪيتن (وشوا ڀارتي) اهو مثال پيش ڪن ٿا ته جڏهن ڪنهن اداري کي واضح مقصد، علمي آزادي، خود مختيار انتظام ۽ مسلسل سرپرستي ملي ٿي ته اهو وقت سان گڏ عالمي علمي ۽ ثقافتي مرڪز بڻجي سگهي ٿو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ به اهڙي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي، ادبي ۽ روحاني سرمايو موجود آهي، ضرورت رڳو ان کي مناسب ادارتي ڍانچي، خود مختياري ۽ جديد منصوبابندي سان ڳنڍڻ جي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام سرحدن، نسلن ۽ مذهبن کان مٿانهون آهي. اهو پيغام انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ، ڌرتي سان وفاداري نڀائڻ، ڏکن ۾ ثابت قدم رهڻ ۽ سچ، انصاف ۽ رواداري تي قائم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. اهڙي فڪر جي امين اداري کي رڳو عمارتن، باغن، ميوزيم، لائبريري، ريسٽ هائوس ۽ ٻين اثاثن جي سارسنڀال تائين محدود رکڻ سان ان جي تاريخي ۽ علمي ڪردار جي مڪمل ادائگي ممڪن نه آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت سنڌ، علمي ادارا، يونيورسٽيون، اديب، محقق، فنڪار ۽ سول سوسائٽي گڏجي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي ان جي اصل مقصدن سان ٻيهر هم آهنگ ڪن. جيڪڏهن هن اداري کي قانوني اختيار، مالي خود مختياري، جديد انتظامي ڍانچو ۽ واضح علمي پاليسي ڏني وڃي ته اهو نه رڳو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر جو عالمي ترجمان بڻجي سگهي ٿو، پر سنڌ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ، تحقيق، اشاعت ۽ فروغ لاءِ پڻ هڪ مثالي ادارو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي خود مختيار بڻائڻ ڪنهن هڪ اداري جي انتظامي سڌاري جو سوال نه، پر سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ روحاني مستقبل سان لاڳاپيل هڪ بنيادي قومي ضرورت آهي. جڏهن هي ادارو پنهنجي قيام جي اصل مقصدن مطابق فعال ٿيندو، تڏهن ئي شاهه لطيف جو آفاقي پيغام وڌيڪ موثر نموني دنيا تائين پهچندو ۽ ڀٽ شاهه پنهنجي حقيقي حيثيت ۾ علم، تحقيق، موسيقي، فن ۽ ثقافت جي عالمي مرڪز طور سڃاتو ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟