فلسطين جو قومي شاعر محمود درويش
Tufail Magsi
ڪالم نگار
محمود درويش: عربي ٻولي ۽ ادب جو هڪ عظيم شاعر آهي. ڀنڀوريءَ جو ٻوجھه سندس شاعري جو هڪ بي مثال مجموعو آهي، جنهن جو خالق فلسطيني شاعر محمود درويش آهي. جيتوڻيڪ هو هن وقت هن فاني دنيا ۾ ناهي رهيو، ليڪن عالمي قومن تي فرض آهي ته ان جي ڀنڀوري کي ٻوجھه کان ڇوٽڪارو ڏيارين. ڀنڀوري جو مقصد سندس وطن فلسطين ان ۾ رهندڙ فلسطيني آهن. سندس عظمت جو شاهد ته اچڻ وارو زمانو ٿيندو ته ان جا لکيل شعر ڪيترو عرصو زنده رهن ٿا، پر ناقدين کيس کي ويهين صديءَ جو نهايت مانائتو ۽ بهترين شاعر قرار ڏين ٿا. سندس شاعري ۾ وڃائجي ويل جنت يعني سن 1948ع واري سن 1967ع ۾ قابض ٿي ويل وطن فلسطين جو ڏک ۽ صدمو اوتيل آهي. 13 مارچ سن 1941ع ۾ اتر اسرائيل جي علائقي گليلي جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. محمود درويش ڪيترائي سال دل جي مرض ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ 9 آگسٽ جي ڏينهن هن فاني دنيا کان ابدي دنيا ڏانهن راهي ٿي ويو. سندس چاهيندڙن جو خيال آهي ته فلسطين جي آزادي جو خواب هن کي قبر ۾ به سمهڻ نه ڏيندو هوندو. مغربي ڪناري ۾ محمود عباس جي حڪومت ته محمود درويش کي فلسطيني ثقافت جو شاهڪار تصور ڪري ٿي ۽ هو فلسطين جي قومي تراني جو خالق به آهي. سن 1993ع ۾ هن پاڻ فلسطيني عوام جي لاءِ هڪ منشور به ترتيب ڏنو هو. هو اوسلو معاهدي تائين فلسطيني لبريشن آرگنائزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر رهيو.
محمود درويش جهڙي ريت هڪ بيباڪ شاعر هئڻ سان گڏوگڏ ان جا سياسي نظريا پڻ هئا. هر مامري تي هو هڪ خاص نقطهءِ نظر رکندو هو ۽ انهن جو مسلسل اظهار به ڪندو رهيو. هو اسرائيل سان ڳالهين ٻولهين جو حامي ضرور هو، مگر هو انهيءَ ۾ سخت موقف جو حامي رهيو. فلسطيني قيادت تي تنقيد ڪندو رهيو. حماس ۽ الفتح جي اندرين ڇڪتاڻ جي پڻ خلاف هو ۽ ان کي فلسطيني مسئلي لاءِ سخت نقصان تصور ڪندو هو. چيو ويندو آهي ته عربي شاعري جو دامن قصيدن ۽ مرثين سان ڀريو پيو آهي. امرائو القيس کان وٺي محمود درويش تائين مرثئي جو رنگ عربي شاعري ۾ تمام گهڻو آهي. ڪڏهن اهو عزيزن جي لاءِ ته ڪڏهن وطن سان جدائي تي ٻيو درويش جي شاعري ۾ اتم طور تي ڏيک ڏئي ٿو. سندس ٽيهن کان وڌيڪ شاعري جا مجموعا آهن ۽ اٽڪل هر شعر جي سِٽ ولاريل فلسطين جي ڏک جو اظهار ڪري ٿي. انهيءَ مناسبت سان هن کي فلسطين جو ساھ سڏيو ويو ۽ سمورن فلسطينن جي احساسن کي درويش پنهنجن شعرن ۾ سموئي ڇڏيو آهي. سندس شاعري جيان هن جي مجموعن جا نالا به تعجب ڏيڻ وارا آهن. مثلن بنا وارن ۽ پرن وارا پکي، زيتون جا پن، بندوق جي روشنيءَ ۾ لکڻ، گليلي ۾ پکي مري رهيا آهن، ڏور جي خزان ۾ لهڻ واري هلڪي برسات، اجنين جو بستر ۽ هوءَ هڪ جنت هئي وغيره وغيره. ڪنهن ريت اهو به چئي سگهجي ٿو ته درويش پراڻن عربي شاعرن جي شاعري واري روايت کي مڪمل طور تي پنهنجي مٿان غالب ٿيڻ نه ڏنو. ان جو هڪ اهم ۽ بنيادي سبب معروضي حالتن جو فرق به هو. ٻيو جنهن دور ۾ شعر چوندا هئا ان ۾ پابند غزل جي جڳھه جديد نظم والاري ڇڏي هئي. ان مناسبت سان ويهين صدي جي بصره سان تعلق رکڻ واري عراق جي عربي ٻولي جي عظيم شاعر بدر شاڪر السياب ۽ گذريل صدي جي بغداد جي استاد شاعر عبدالوهاب البيتي جي شاعري واري انداز جو امين قرار ڏئي سگهجي ٿو. محمود درويش اردو ادب جي عظيم شاعر مرزا اسد الله خان غالب جيان وڏو انا پرست هو، ليڪن پوءِ به هو مشهور يهودي شاعر يهودا آمي شائي جي ڪلام جو به وڏو شوقين هو ۽ ان کي پاڻ جهڙو سمجهندو هو. درويش جي خيال ۾ اهو اچڻ وارو وقت طئي ڪندو ته هڪ ئي زمين جي لاءِ آمي شائي جا خيال معتبر سڏبا يا ان جا پنهنجي وطن کان بي وطني جو عذاب سڄي عمر ان سان گڏ رهيو ايستائين ته 1960ع ۾ پنهنجو پهريون مجموعو اسرائيلي شهر حفيه ۾ شايع ڪرائڻ کانپوءِ هو لبنان ۽ پوءِ سوويت يونين پهتو هڪ سال ماسڪو يونيورسٽي ۾ پڙهندو رهيو، ليڪن بي آرام طبيعت وطن جي محبت جي ٻوجھه هيٺان دٻيل هئي، سو مصر وڃي آرام اختيار ڪيائين، جتي هو مشهور اخبار الاهرام ۾ ملازم به رهيو. 1977ع ۾ هن ياسر عرفات جي تنظيم پي ايل او ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي هئي. 1995ع کان هو فلسطيني علائقي رام الله ۾ ڪافي عرصي تائين رهيو. محمود درويش پنهنجي شاعري صرف عربي ٻوليءَ ۾ ڪئي هئي، ليڪن هو انگريزي، فرانسيسي ۽ عبراني وڏي رواني سان ڳالهائيندو هو. هن کي ڪيترن ئي ادبي انعامن سان نوازيو ويو، جن ۾ لوٽس پرائز کانسواءِ فرانسيسي حڪومت جو هڪ اعليٰ تغمو به شامل آهي. سندس شاعري جا مجموعا ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ سندس شاعري تي ڪيترائي ڊگها مضمون اردو رسالن ۾ شايع ٿيڻ جي سبب کان هو ادبي ڌرين ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس نظمن ۾ عربي ادب جي روايت مطابق راڳ جو عنصر بي انتها هو ۽ انهيءَ سبب عرب دنيا جي وڏن موسيقارن ان کي خاص انداز ۾ ڪمپوز ڪيو.
انسان جي باري ۾:
هنن ان جي منهن تي پٽيون ٻڌي ڇڏيون،
۽ سندس هٿن کي هٿڪڙيون ٻڌيون!
۽ ان جي کيسي مان رخصت نامو ڇني ورتو
۽ چيائون: تون چور آهين!
هنن سندس سڀ تصويرون ڇني ڦاڙي ڇڏيون
سندس يادگيرين کي باهه ڏئي ڇڏيائون
پر هنن کي اها خبر نه هئي ته
صرف سندس جسم ئي قيد ۾ آهي
سندس روح، سندس آواز ۽ سندس خواب،
اڃان به آزاديءَ سان گونجي رهيا آهن! –
(محمود درويش)
هي مضمون ڪيئن رهيو؟