مختلف مذهبن ۾ انسان جي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ متعلق جيتوڻيڪ عقيده ته مختلف آهن، پر سندن عقيدن جو بنياد هڪ ڳالھ تي بيٺل آهي ته مرڻ کان پوءِ به انسان جي هڪ زندگي آهي. اسلام ۾ آخرت تي ايمان ۽ قبر جو عذاب بنيادي عقيدن مان آهن. اسلامي نظريي مطابق، انسان مرڻ کان پوءِ جڏهن قبر ۾ لهي ٿو، يعني جڏهن دفنايو وڃي ٿو ته دنيا ۾ هن جنهن طرح جي زندگي گذاري آهي، انجو حساب هن کي پهرين قبر ۾ ئي ڏيڻو پوي ٿو. جنهن جا جيڏا وڏا گناهه آهن، ان کان حساب به اوترو ئي وڏو ورتو ويندو. هندو ڌرم ۾ مرڻ کان پوءِ جي زندگي جو عقيدو وري ائين آهي ته انسان مري وري ٻيهر جنم وٺي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ڪردار ۾ واپس اچي ٿو. عيسائيت موجب انسان مري ٿو وڃي، پر سندس روح هن دنيا ۾ اڃا باقي رهي ٿو. مطلب ته جيترا مذهب موجود آهن، اوترا ئي عقيده پڻ، پر مرڻ کان پوءِ انسان سان اصل ۾ ٿئي ڇا ٿو؟ سائنس ان باري ۾ ڇا ٿي ٻڌائي؟ ڇا واقعي به مرڻ کان پوءِ ڪا زندگي يا ڪو حساب ڪتاب آهي؟ يا ڪوئي قبر جو عذاب؟ اچو ته انکي مرحلي وار سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون.