مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌي سماج جي مذهبي سجاڳيءَ لاءِ لطيف جو ڪردار

Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم

پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شاهه لطيف جو ڪلام اونهو ساگر آهي جنهن جي عميقيت جو ڪوبه انت ڪونهي هر دفعي هر بيت نئون ۽ مختلف معنائن ۽ ڏَسائن جا ڏس ڏيندڙ ٿو ڀاسجي. هُو انسان ذات جي روحاني، ذهني اصلاح جو طلبگار ۽ سندن قلبي، نفسياتي، اخلاقي، ديني ترقيءَ جو خواهشمند هو، علم جهڙي اعليٰ ڄاڻ جي رهنما اصولن ۽ مقصدن سان سندس رسالو مالا مال آهي، ڪائنات جي معمولي کان معمولي شيءِ مان پڻ سبق پرائڻ ۽ سکڻ جو ڏس ڏيندڙ آهي، “ٻيهر ڄاپي ڄاڻ اِبرَ جي اوصاف کي” هڪ عام شيءِ سُئي سندن نظر ۾ ايتري قيمتي آهي جو ان جي وصفن کي جاچڻ لاءِ ٻيو جنم گهرجي، هڪ جنم مختصر آهي، سُئيءَ جون وصفون لاتعداد آهن، جا انسان جي اوگهڙ ٿي ڍڪي. “ڪونر پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس” ڍنڍ ۾ بيٺل ڪنول جي گُل مان پڻ حڪمت جا موتي ٿو آڇي، هُو هڪ اعليٰ عالم جيان پنهنجن جي سک، شانتي ۽ سلامتيءَ لاءِ صدين کان ڌارين، جاگيردارن ۽ مذهب جي جاهل هٺ ڌرمي ڪردارن وٽان بچڻ جو درس ٿو ڏي، انهن سڄڻن جو عاشق آهي جي سچ، سورهيائي، سخا، علم ۽ حلم جا پروانا آهن.
“هي سڄڻ سيئي، جي مون ڪو ڏنهاريا”
اهڙا سڄڻ سڄاڻ جن جي اچڻ، محفلن مچائڻ، قرب ڀرين ڪچهرين ۽ ميٺ محبت وارين ملاقاتن ۾ سندس يقين آهي ته اهي سڄڻ سڀ ڏکڙا لاهيندا، شاهه لطيف قديم ۽ جديد سنڌي سماج جي رهنمائي ۽ تربيت ۾ جيڪو سهڻو ڪردار ادا ڪيو. صدين کان عام سوچ ۽ فڪر کي لوچڻ جو سبق ڪماليات سان ڏئي ٿو پيو.
لطيف سائين قومي شعور رکندڙ شاعر هو، ملڪ ۽ قوم سان محبت سندس شاعريءَ ۾ پڌري پٽ پئي آهي، هن ماڻهن جي سياسي اخلاقي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتن کي پروڙي پنهنجن جي قومي ڪمزورين، خامين ۽ مشڪلاتن جو مطالعو ڪيو ۽ شعوري سگهه سان پنهنجي شاعريءَ وسيلي گسَ ڏسيا.
جيئن ته عرب دور کان ئي سنڌ ۾ مدرسن ۽ مڪتبن جو رواج پيل هو، منصوره شهر جي علم ۽ ادب جي هر هنڌ واکاڻ هئي، ڪيترائي عالم جيئن قاضي محمد بن ابي شوراب، ابو عطا سنڌي، حافظ ابوالسندي، يعقوب الثقفي، ابو نصر بن فتح بن عبدالله السندي ۽ ٻين مذهبي علمن جي سکيا ۾ شاگردن کي ڀڙ ڪيو، 1051ع کان سنڌ ٻاهرين ۽ اندروني خلفشارن کان آزاد هئي انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر سني شيعن جي هم آهنگي هئي، وقت جا حڪمران سومرا، اسماعيلي هئا، اسماعيلي دعوت کي هن دور ۾ وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو، 1079ع ۾ اسماعيلي عقيدي جو وڏو مبلغ سيد نور الدين سنڌ ۾ پهتو سما سنڌ جا ڏيهي حڪمران هئا انهن روحاني اثرن کي سنڌ ۾ قبول ڪيو، ويو ۽ اڳتي ڪلهوڙن ديني تبليغ کي وڌايو. سومرا ۽ سما سنڌي حڪمران هيا سندن مادري ٻولي سنڌي هئي، عربي ۽ سنڌي جي لاڳاپي سان سنڌي ٻوليءَ جي اهميت نمايان ٿي هيءُ دور مذهبي طور تبليغي دور هو، مذهبي تبليغ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ فقرن جي استعمال جو واڌارو ٿيو، ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ سنڌ جي مذهبي حالتن جي پيروي هوندي به ڪيتريون ڪچايون هيون، هِن ئي دور کان سنڌ ۾ بدامني، مذهبي ڇڪتاڻ مذهب جي غلط استعمال سان فتوائون ڏيئي ملڪ ۾ انتشار ۽ ظلم جو بازار گرم ڪرڻ به شامل هو، جنهن جو وڏو مثال مخدوم بلاول جي شهادت جو واقعو آهي، هن جليل القدر عالم ۽ درويش تي غلط فتوائن سان الزام لڳائي کين جيئري لوهي گهاڻي ۾ پيڙائي ۾ 1522ع ۾ شهيد ڪيو ويو، کانئن پوءِ شاهه عنايت جي درد ناڪ شهادت ٿي جنهن جو سبب پڻ اهو ساڳيو هو ته هن دور ۾ معاشي ۽ سياسي بي حاليءَ ۽ ٻين مسئلن جي ڪري مذهب جي اصل روح تي پردو پئجي چڪو هو، عام ماڻهو نراس، نا اُميد ۽ مظلوم هو، شاهه عنايت ئي هو جنهن جي سوچ ۾ هڪ تعميري فڪر جنم ورتو ۽ هُو هڪ زرعي سماج سڌارڪ ٿي سامهون آيو هن واقعي مهل ڀٽ ڌڻي 28 سالن جو نوجوان ۽ شاهه عنايت جي نظرياتي تحريڪ جو حامي هو، شاهه عنايت جي شهادت کين تمام گهڻو ڏک ڏنو اهو اظهار بيتن ۾ هن ريت ڪيائين.
اَڄ نه اوطاقن ۾ سَندي جوڳين جوڙ،
ساري سنياسين کي، کامِي ٿيس کوڙ،
مَن جَني سي موڙ، سي لاهوتي لڏي ويا.
(سر رامڪلي، داستان ڏهون، بيت 2)
عربن جي اچڻ کانپوءِ جي دورن ۾ ديني تعليم سڄيءَ سنڌ ۾ رائج هوندي هئي، ڪلهوڙن جي وقت ۾ پڻ ڪيترائي مدرسا ۽ مڪتب هلندڙ هئا، خاص مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم معين ٺٽوي ۽ ٻين عالمن مذهبي سکيا کي وڌايو، ڏيهي ماڻهن جي لاءِ منظوميا لکيا جن ۾ اسلامي عقيدن جي پرچار ڪئي، قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير تي ڌيان ڏنو ويو، سڀ کان پهرين مخدوم هاشم آخري سيپاري جو ترجمو ڪيو پوءِ ٻين عالمن پڻ هٿ ونڊايو، نصاب جي درس و تدريس، حديث، شرعي مسئلن جو علم، وقت جي عالمن جي ڪتابن جو اڀياس، تعميري ۽ اصلاحي تنقيد، واعظ، تصنيف ۽ تاليف تي مشتمل هو، الف اشباع جي قافيي سان ڪيترائي مذهبي ڪتاب لکيا ويا، اهڙن منظومين جو چڱو انگ هو جيڪي نثر ۽ نظم جو ميلاپ آهن. اهڙي علمي دور ۾ لطيف سائينءَ عربي ٻولي، قرآن پاڪ، تفسير ۽ حديث جو علم ضرور حاصل ڪيا هوندا، سڄو رسالو ڪيترين قرآني آيتن، حديثن ۽ عربيءَ جي قولن سان سينگاريل ۽ اسلامي قدرن جو بيان آهي.
جي تو بيت ڀانيا سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
لطيف سرڪار جي ڪيترن بيتن ۾ قرآني آيتن جا ڪجهه لفظ مطلب کي سمجهائڻ لاءِ استعمال ٿيل آهن ته ڪافي جڳهين تي آيتن جي سمجهاڻي بيتن اندر پڌري پسجي پئي. مطلب ته پنهنجي ماڻهن جي اخلاقي، ديني تعليم ۽ تربيت لاءِ هُن جتي مذهبي رهنما جو ڪردار ادا ڪيو اتي هڪ ڄاڻو، مدبر سنڌ جي سچي عاشق طور مسلمانن، هندئن، سُنين، شيعن ڪنهن ۾ به ويڇو نه رکيو، مذهبي سجاڳي وٽس انسانيت جي اعليٰ وارفع قدرن تي مشتمل رهي.
ان پر نه ايمان جِئن ڪَلمي گو ڪوٺائين،
دَغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين،
(رسالو ٻانهون خان شيخ، سر آسا، داستان چوٿون، بيت، 14)
لطيف سائين منهن جي مسلمانيءَ کان اندر جي اڇائيءَ تي زور ڀريو آهي. “اکر پڙهه الف جو اندر تون اجار”، “سسي ڌار ڌري پڇج پوءِ پريتڻو”، “پسو پکيئڙن ماڻهنئان ميٺ گهڻو”، شاهه لطيف سنڌي سماج کي مذهب جي نالي تي ظلم جي باهه ٻاريندڙن حق غضب ڪندڙن، دغا رکندڙ شيطانن کان پليندي کين مذهب جي اصل روح تائين پهچائڻ جون ڪوشش ڪيون آهن، چاهي اهي ٻڌمت، هندو، مسلمان يا ڪهڙي به مذهب سان واسطو رکندڙ هجن، پر انهن کي پنهنجي پنهنجي دين ۾ سچو رهڻو آهي، دنيا جو ڪو به مذهب ڪٿي به، ڪابه بي ايماني، انياءُ ۽ ظلم نٿو سيکاري، اهوئي لطيف جي مذهبي سجاڳي جو سڏ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو