لطيفي رنگ
لطيف سائين جي درگاھ جيڪا عالم آشڪار آھي، جتي ھر وقت لطيفي طريقي جون رسمون ۽ شاھ جو راڳ ھڪ مخصوص طريقي سان جاري رھنديون آھن، پر لطيف سائين جي درگاھ تي ۽ ٿيندڙ رسمون ۽ طريقتن جي باري ۾ تمام گھٽ ماڻھن کي آگاھي آھي. اڄ ھڪ مختصر نظر لطيف سائين جي انھن قديم رسمن تي وجھنداسين جيڪي جاري آھن يا جيڪي ڪجھه وقت جاري رھڻ کانپوءِ ھاڻي ختم ٿي ويون آھن يا ختم ٿيڻ جي ويجھو آھن. لطيف سائين جي فڪر باري ۾ حتمي راءِ ڏيئي ڪا حدبندي نٿي ڏئي سگھجي، ھر قسم جو ماڻھو لطيفيات سان محبت ڪري ٿو، پر لطيف سائين جي فڪر جو ڪو ويجھو ڇيڙو نظر نٿو اچي. ٽي سئو سال گذرڻ باجود ھر وقت، لطيفي فڪر ھڪ نئون نڪور نظريو پيش ڪري ٿو، جنھن تي سڀ قسم جا ماڻھو راضي آھن. لطيف سائين جو ھڪ ڪمال جو فڪر آھي، سندس درگاھ تي وڃڻ سندس ڏنل سبق تي تحقيق ڪرڻ، لطيفي راڳ ٻڌڻ لاءِ دنيا جا ڏاھا پريشان آھن ته ڪھڙو ھي فڪر جنھن ۾ امن جو پيغام آھي، لطيف سائين جي فڪر تي دنيا جون مشھور يونيورسٽيون تحقيق لاءِ موضوع ڏئي فڪر جي نئين راھ کولڻ لاءِ شاگردن کي لطيفيات لاءِ راھون کولي رھيون آھن.
شاھ جو رسالو: شاھ جو رسالو جيڪو سنڌ مان نڪري ھندستان، برطانيه، آمريڪا، ڪئنيڊا جي يونيورسٽين ۾ پڙھايو پيو وڃي، پھرين پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي انگلينڊ مان ڪئي ھئي، اڃان تائين تحقيقي ڪم لطيف سائين جي ڪم ۽ فڪر تي جاري آھي. شاھ جي رسالي بابت جيڪي روايتون مليون آھن انھن مان ڪا مستند ڳالھه ناھي ملي سگھي ته ھي شاھ سائين جو لکيل پھريون قلمي رسالو لکيل آھي. اڃان تائين شاھ سائين جي گنج کي شاھ سائين جو پھريون رسالو لکيل سمجھون ٿا، پر حقيقت ان ڳالھه جي برعڪس آھي. شاھ سائين جي رسالي بابت جيڪا تحقيق اڳ ٿيل ھئي اُنھيءَ ڳالھه کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھاڻي خبر پئجي ٿي ته شاھ سائين جا رسالا گنج شريف کان اڳ رسالا به لکيل ملن ٿا، جھڙوڪ: سن 1206 هجري قاضي ابوبڪر وارو رسالو جنھن بابت چيو وڃي ٿو ته ھن رسالي ۾ ٽي سُر يا ڇھه سُر لکيل ملن ٿا، انھيءَ رسالي کي تحقيقدانن نامڪمل قرار ڏنو آھي، پر فقير عبدالرحمٰن نظاماڻي جيڪو لطيف سائين جو رسالو قلم سان لکي 1206 ھجري ۾ لکي مڪمل ڪيو ھو، اُن لطيف سائين جي رسالي جي سُرن جو تعداد 20 آھي، ھن لطيف سائين جي رسالي بابت تحقيق جي ضرورت آھي. ڪاتب فقير عبدالرحمٰن نظاماڻي پنھنجي فن سان لطيف سائين جي رسالي کي ننڍڙي سائز ۾ بھترين قلم جو استعمال ڪري لکي، فني، علمي ڏاھپ ۽ عقيدت جو اظھار ڪيو آھي. فقير عبدالرحمٰن نظاماڻي، لطيف سائين جي رسالي ۾ فارسي جو بياض پڻ سھڻي انداز سان لکيو آھي جيڪو ڪاتب جي علمي لياقت بابت نشاندھي ڪري ٿو ته لطيف سائين جي رسالي کي لکندڙ فقير عبدالرحمٰن نظاماڻي ڪو عام ماڻھو نه ھو، جيڪو علم ۽ ادب جو پارکو ۽ بھترين ڄاڻو ھو.
لطيف سائين جي ھڪ ٻئي رسالي بابت ھڪ روايت آھي ته تمر فقير ڪڇ ڀڄُ رھڻ لاءِ جڏھن ويو ھو ته ھڪ شاھ جو رسالو ۽ لطيف سائين جا دنبورا پڻ ساڻ کڻي ويو ھو، تمر فقير ته ڀٽ شاھ ٻارھن سالن کانپوءِ واپس آيو ھو، پر لطيف رسالي جي واپسي جي ڪا تصديق نٿي ملي، اُتي اھو رسالو ڪنھن وٽ محفوظ آھي يا نه، ڪجھه ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڍالو جي جتن وٽ يا اوريئڙي مڪان جي ماڳ جي جتن وٽ يا تماچي نھيڙي جي درگاھ کي سنڀاليندڙ وٽ محفوظ آھي يا وري چيو وڃي ٿو ته ڪنھن جت قبيلي جي ھڪ عورت وٽ لطيف سائين جو اُھو رسالو موجود آھي، پر تصديق ناھي، ڇو ته تمر فقير جڏھن ٻارھن سالن تائين ڀٽ شاھ کان پري رھيو ھو تڏھن مرشد لطيف سائين جو راڳ اُتي تمر فقير بند نه ڪيو ھو اُتي تماچي جي درگاھ تي ۽ اوريئڙي جي مختلف ماڳن تي لطيف سائين جو راڳ مسلسل ڳايو ھو، جڏھن تمر فقير ڀٽ شاھ آيو ھو ته شاھ سائين جي راڳ وارا دنبورا به نه کڻي آيو ھو، انھن جتن فقيرن وٽ ڇڏي آيو ھو، انھن جتن کي به لطيف سائين جو راڳ سيکاريو ھو، ھاڻوڪي دور ۾ اُھي لطيف سائين جي دور وارا دنبورا، جيڪي تمر فقير ڪڇ ۾ ڇڏي آيو ھو، فقير سومار جت ۽ مٺو فقير جت وٽ محفوظ آھن، پر ھاڻي سومار فقير ڀٽ شاھ مان به نوان دنبورا پڻ خريد ڪيا آھن، جن تي ھُو انھن پراڻن دنبورن سان گڏ شاھ جو راڳ ڳائيندو آھي. ھن سال لطيف سائين جي 283 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي 14،15،16 صفر تي عرس ملھائڻ جو اعلان ڳوٺ پير صدرالدين ابراھيم شاھ ۾ محمد شاھ جي درگاھ تي ڪڇ ۾ منقعد عرس جو پروگرام ڪيو ويندو، جيڪو خادم صوفيات جي نگراني ۾ ٿيندو.
لطيف سائين جو پھريون رسالو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان 26 سُرن وارو رسالو ڇپرائي پڌرو ڪيو ھو. ان شاھ جي رسالي جا سُر به مڪمل ناھن. لطيف سائين جي رسالي ڪابه حدبندي نه ڪئي وئي آھي، ٿيڻ ته ائين گھرجي، جو لطيف سائين جي رسالي کي ھاڻي مڪمل ڪري وڌيڪ رسالي تي تحقيق ڪم سائنسي، روحاني، فڪري انداز سان پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي، نه ته اُھو رسالي تي تحقيقي ڪم جو سلسلو ٽي سئو سالن کان جاري آھي، اڃان ايترو وقت وري به لڳي ويندو.
شاھ جو راڳ: لطيف سائين جو راڳ جنھن بابت تمام گھٽ معلومات عام ٿيل آھي، شاھ جو راڳ بس محفلن ۾ پروگرامن ۾ ٻڌي واھ واھ ڪرڻ تائين محدود آھي، لطيف سائين جي راڳ جا به ڪجھه دور ٿيا گذريا آھن، انھن دورن ۾ شاھ جي راڳ پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي آھي. لطيف سائين جي راڳ شروعات 1144 ھجري شروعات ٿي ھئي جيڪا اڃان تائين جاري آھي، لطيف سائين جي سنڌ نه بلڪه دنيا جي الڳ سڃاڻپ رکندڙ درگاھ آھي جتي ڪنھن ترتيب سان سندس شاعري، پنھنجي موسيقي ۾ ۽ پنھنجي ئي ايجاد دنبوري تي ڳائي وڃي ٿي.
تن تسبيع من مڻيو، دل دنبورو جن
لطيف سائين جي راڳ جي شروعات جمع رات کان ٿي ھئي، پوءِ ھفتي جون سڀ راتيون شاھ جو راڳ ڳايو وڃي ٿو. لطيف سائين جو راڳ آڳاٽي دور ۾ صرف لطيف سائين جي درگاھ تي ڳايو ويندو ھو. لڳ ڀڳ 1950ع واري ڏھاڪي کانپوءِ مختلف مقرر جڳھين تي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي درگاھ تي جمع جي رات شاھ جي راڳ جي شروعات ٿي، جيڪو ھاڻي ڳوٺن، تڪين، مختلف پروگرامن ۽ 1980ع کانپوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ شاھ جي فقيرن، شاھ جو راڳ ڳايو آھي، ريڊيو پاڪستان وارن شاھ سائين جو راڳ رڪاڊ ڪيو، ھاڻي شاھ جو راڳ ٽي وي جي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ دعوتن پڻ شاھ جو راڳ ڳايو وڃي ٿو. لطيف سائين جي درگاھ تي پورو ھفتو ڏينھن رات شاھ جو راڳ ڳايو ويندو آھي.
ڌمال: لطيف سائين جي درگاھ جي سامھون، اڀرندي پاسي کان ھڪ بھترين عمارت جڙيل آھي، جنھن کي ڌمال خانو چيو ويندو آھي، ھر روز شام جو وقت، عيدن جي ڏينھن تي، عرس مبارڪ جي موقعي تي ڌمال خاني ۾ شاھ جا مقرر ڌمالي فقير نغرا وڄائين ٿا، جيڪا جڳھه مٿي ٺھيل آھي، ھيٺئين پاسي کان عام زائرين اُتي وجد واري ڪيفيت ۾ جھومر پائي روح کي رقص ڪرائيندا آھن.
حلقو: لطيف سائين جي درگاھ جي ھي رسم روزانو شام جي وقت سومهڻي نماز کانپوءِ لطيف سائين جي روزي جي سامھون ٿيندي آھي، ھن رسم جي به ھڪ عجيب ڪيفيت آھي، لطيف سائين جو روضي مبارڪ جي چاٻي وارو فقير ھن رسم جي اڳواڻي ڪندو آھي، جنھن ۾ سڀ فقير اولھندي طرف منھن ڪري الله تعاليٰ جو ذڪر ڪري دعا گھرندا آھن، جنھن کي حلقي جي دعا چئجي ٿو، بعد از دعا ساڳيو فقير ھڪ (ونڊ) ورھائيندو آھي، جنھن بابت چيو ويندو آھي ته ھي طريقت لطيف سائين جي دور جي آھي، مٺي کي ڀورا ڀورا ڪري، ان ۾ ڳڙ واري مٺائيون ملائي ھڪ جمن يعني پيالي ۾ وجھي، ورھائجي ٿي. حلقو درگاھ لطيف سائين تي روزانو لڳندو آھي.
جُسي ۾ جبار جو، خفي خيمو کوڙ
جلي تون زبان سين،چارئي پھر چور
فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، ايءُ امل ايائين سپجي.
لطيفي ذڪر: لطيف سائين جو ذڪر مختلف وقتن تي ڪيو ويندو آھي، پر مريدن کي خاص ھدايت ٿيل آهي ته ھر نماز کانپوءِ نفي اثبات جو ذڪر ڪجي، جيڪو لطيف سائين جي درگاھ واري مسجد ۾ھر فرض نماز کانپوءِ ڪيو ويندو آھي ۽ لطيفي ذڪر جو مخصوص وقت فجر نمازکان ٿورو اڳ وارو مقرر ڪيل آھي. لطيفي ذڪر لطيف سائين جي فقيرن عقيدتمندن جي وصال تي پڻ ڪيو ويندو آھي.
“ذالئون” ذڪر رب جو، ويل نه وسارين
سنياسي سيد چئي، سدائين سارين
تسبيع جي ترار سين، ملحد کي مارين
جزاھم عند ربھم، اُتي اختيارين
پر چڱي پارين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي
لطيفي سماع: لطيف سائين جي درگاھ تي ھر سھائي سومار رات سماع جو ذڪر ڪيو ويندو آھي، مچ درگاھ لطيف سائين احاطي جي اڳيان ٻرندو آھي، شاھ جا فقير لطيفي ذڪر ٻن ٽولن ۾ ڪندا آھن، انھن فقيرن مان ھڪ فقير شاھ سائين جا بيت سماع واري ذڪر ۾ پڙھندو آھي، ٻيا فقير ذڪر ڪندا رھندا آھن، لطيف سائين جو گادي نشين سامھون ويٺل ھوندو آھي، پوءِ شاھ جا فقير دعا گُھري جي سماع جي رسم جي پڄاڻي ڪندا آھن.
“ظيون” ظاھر ذوق سين، پنجئي ڪن پورا
ھلن واٽ سماع ۾ ڳاڙھي ڳل ڳوڙھا
سنياسي سيد چئي، پورب ۾ پورا
ھو الله الواحد القھار، سوامي منجھه سورا
ٿي چاڪن سين چورا، گر کي گڏيا ڪاپڙي
ننگر جي رسم: لطيف سائين جي ننگر خاني وارا فقير، مقرر ھنڌن تان، ماني کير وغيره کڻي ايندا آھن، جيڪو لطيف سائين جي ننگر واري فقير وٽ جمع ٿيندو آھي، جيڪو درگاھ جي خادمن ۾ ورھايو ويندو آھي.
پنيو پنج ڪڻي، لڪاڀڻن لوڪ ۾
عرس مبارڪ جون رسمون: لطيف سائين جو عرس مبارڪ سال ۾ 14،15،16 صفر جي مھيني ۾ ھڪ دفعو لڳندو آھي، پھرين رات تيرھين تاريخ شام جو لطيف سائين جا گادي وارا سيد چادر چاڙھي عرس شريف جو افتتاح ڪن ٿا، لطيف سائين جي وڏي حويلي، (وڏي اوطاق) تي ذڪر ڪيو وڃي ٿو. چوڏھين تاريخ جي ڏينھن جو حڪومتي ڪو مخصوص ماڻھو لطيف سائين جي مزار تي چادر چاڙھي افتتاح ڪري سرڪاري پروگرامن جي شروعات ڪري ٿو، جنھن ۾ملاکڙو، ڪانفرنس، راڳ رنگ جي محفل، ثقافتي ڳوٺ زرعي پروگرام شامل ھوندا آھن. ملاکڙي جو پروگرام ٽي ڏينھن ھلندو آھي، سنڌ جي مشھور ثقافت ملھه جو وڏو سنڌ جو ايوارڊ (رستم سنڌ) جو اعزاز پڻ آخري ڏينھن تي لطيف سائين جي عرس جي موقعي تي ڏنو ويندو آھي. راڳ جي محفل رات جو شروع ٿيندي آھي جيڪا پڻ ٽئي راتيون مسلسل ھلندي آھي، عام زائرين، خاص ماڻھو، مٺائين جا دڪان ڪتابن جا اسٽال، سگھڙ ڪانفرنس پڻ مقرر ڪئي ويندي آھي. آخري ڏينھن لطيف سائين جي عرس جي اختتامي تقريب واري ڏينھن تي خاص ھڪ رسم ٿيندي آھي، جنھن کي ڌاڳن جي رسم چئبو آھي، لطيف سائين جو گادي نشين، لطيف سائين جي پڳ، ڪپڙا پائي دعا صبح جو گھرندو آھي، غير سرڪاري طور لطيف سائين جي عرس جي پڄاڻي ٿيندي آھي، سرڪار پاران شام جي وقت آخري ڏينھن تي لطيف سائين جي مزار تي چادر چاڙھي ويندي آھي ۽ پوءِ ھڪ تقريب ايڇ ٽي سورلي ھال ۾ ٿيندي آھي جنھن ۾ ايوارد سرڪاري طور تي شاھ جي راڳ جو ايوارڊ ھڪ فقير کي ڏنو ويندو آھي، ھڪ ايوارڊ ادبي لطيفيات لاءِ رکيل ھوندو آھي، ھڪ ايوارڊ ڪانفرنس ۾ ڳائيندڙ ڳائڻي کي ڏنو وڃي ٿو، ھڪ ايوارد لوڪ ادب جي سگھڙ کي به ڏنو ويندو آھي. ڪجھه شيلڊون خدمتن جي عيوض ڏجن ٿيون.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟