همسري ۾ ڇپيل لطيفي مضمون ۽ مقالا
Khaleeq Rehman Keerio ڪالم نگار، محقق
تعليم: MPA-HRM, LLB، تصنيف: “لطيفي ببليوگرافي” (آگسٽ 2023ع ۾ ڇپيل)
سنڌي ادب جي نامور رسالن لطيفي سائينءَ جي فڪر کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ “ماهوار همسري” پڻ هڪ نمايان علمي، ادبي ۽ تحقيقي رسالو رهيو آهي. جنهن ۾ لطيفي فڪر تي نوان ۽ تحقيقي مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. هن فهرست کي ترتيب ڏيڻ جو مقصد محققن، شاگردن ۽ لطيف جي پارکن لاءِ “ماهوار همسري” ۾ ڇپيل انهن سمورن لطيفي مضمونن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ آهي ته جيئن لطيفي پيغام کي سمجهڻ ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي. اميد آهي ته هيءَ فهرست لطيفي شائقن جي علم ۾ واڌاري ۽ سنڌي ادب جي شاگردن لاءِ هڪ اهم رهنمائي ۽ اڳڀرائي ثابت ٿيندي.
ڊسمبر 2015: شيخ اياز جي سرن ۾ سمايل فڪر جو تقابلي جائزو- ادل سومرو.
مئي 2016: شاھ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورت جي عظمت- ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ.
سيپٽمبر 2016: شاھ جي ڪلام جو فلسفو- (ڊاڪٽر تهمينه مفتي جي ڪتاب تي تبصرو) زاهده ابڙو.
حاجي محمد عيسيٰ ڀرڳڙي شاھ جو پارکو ۽ حافظ- ناصر بلوچ.
جنوري 2018: صوفي لاڪوفي شاھ عبداللطيف ۽ شيخ اياز جي مابعدالطبیعاتي شاعري- گل محمد عمراڻي.
سيپٽمبر 2018: سر ڪيڏاري جو اڀياس- سپنا گل قاضي.
مئي 2020: شاھ لطيف روايتون ٽوڙيندڙ شاعر- حسن شر.
ڊسمبر 2021: شاھ لطيف جي عالمي سطح تي مڃتا ڏيندڙ ڊاڪٽر پي لي هوانگ- جوکيو جسارت الياس سنڌي.
آگسٽ 2021: هر دور جو ڪيمياگر؛ شاھ عبداللطيف ڀٽائي- شوڪت لوهار.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ٻيو جنم- شبير کوکر.
آڪٽوبر 2022: مومل راڻي جي آخري آرامگاهہ- مهر فقير.
جنوري 2023: ٿانور ڀٽي لطيف جو ڏاتار ڪردار- مير سردار چنڙ.
فيبروري 2023: مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس- ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي.
مارچ 2023: ڀنڀور جو ڀيرو- مهر فقير.
اپريل 2023: شاھ جي ڪردارن جون مزارون- (حصو پهريون) مهر فقير.
مئي 2023: شاھ جي ڪردارن جون مزارون- (حصو ٻيون) مهر فقير.
جولاءِ 2023: شاھ جي ڪردارن جو معاشي ذريعو- مهر فقير.
آڪٽوبر 2023: همعصر دور ۾ لطيف جا مثالي ڪردار- شبير کوکر.
دسمبر 2023: سسئي جهد ۽ جاکوڙ جي علامت- ڄام ولي محمد انڙ.
جنوري 2024: سهڻيءَ جي ڪردار تي هڪ شاگرد جو سوال- ڄام ولي محمد انڙ.
فيبروري 2024: مارئي سڪ ۽ ست جو مثال- ڄام ولي محمد انڙ.
شاھ لطيف جا تعليم بابت تصور- شريف کوسو.
مارچ 2024: سر ليلا پڇتاءُ نياز ۽ نوڙت- ڄام ولي محمد انڙ.
اپريل 2024: شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام- محمد عرفان عباسي.
مئي 2024: ڄام راهو- ڄام ولي محمد انڙ.
نوري، ڄام ۽ هوندل شاھ- مهر فقير.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڇپيل اڻ ڇپيل ايم فل ٿيسز جا مقالا- خليق الرحمان ڪيريو.
جولاءِ 2024: لطيف جي شاعريءَ جون خوبيون ۽ خاصيتون- ڄام ولي محمد انڙ.
شاھ جي رسالي جو شيخ اياز جي اردو ترجمي جو اڀياس- شبير کوکر.
آگسٽ 2024: جيئي لطيف- سرور رشيد صديقي.
فيبروري 2025: ڀٽائي جي دور جي ادبي بوطيقا ۽ لطيف- شبير کوکر.
جولاءِ 2025: ڀٽائي ۽ عورت- اڪرم حيدري.
آگسٽ 2025: شاھ جو ڪلام مشعل راھ آهي- حسيب ناياب منگي.
سيپٽمبر 2025: افلاطوني عشق مرشد لطيف ۽ صنوبر- (ڪهاڻي) پروفيسر بشير احمد سومرو.
آڪٽوبر 2025: شاھ جي رسالي جي سرن جي سمجهاڻي- شبير کوکر.
نومبر 2025: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کھڙي جي لطيف شناسي- ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ.
چالاڪ دماغ نوري ۽ سائبروفيليا جو مريض سمون صاحب- مدهوش مير.
جنوري 2026: پروفيسر محمد آفاق صديقيءَ جون لطيف شناسيءَ ۾ خدمتون- ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ.
مارچ 2026: شاھ لطيف ۽ وليم ورڊسورٿ جي شاعري ۾ فطرتي منظر نگاري- برڪت چانڊيو.
مئي 2026: ڀٽائي جي رسالي اندر سر رامڪلي ۽ هندو ازم جي ٻارنهن ڏينهن واري چلي جو داستان- مدهوش مير.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟