مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لاڙ پٽ جو مھمان نواز، انسانيت جو امر ڪردار: ڪسيرو خاصخيلي

Noor Sindhi

سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي سر زمين صوفين درويشن بهادرن ۽ سخي انسانن جي ڌرتي رهي آهي هن ڌرتيءَ تي اهڙا بي شمار ڪردار پيدا ٿيا جن جي نيڪي ۽ انسان دوستي وقت جي دز هيٺ دٻجي نه سگهي آھي. اھڙن ڪردارن مان ڪسيرو خاصخيلي به ھڪ آھي، جيڪو لاڙ جي مهمانوازي، سخاوت، ايمانداري ۽ انسانيت جي علامت جو امر ڪردار آھي. اڄ به بدين واري علائقي ۾ جڏھن مھمان نوازي سخاوت ۽ انسان دوستي جي ڳالھه نڪرندي ته ڳوٺن جا ماڻھو ڪسيرو خاصخيلي جو مثال ڏيندي چوندا آھن تون ڪھڙو ڪسيرو خاصخيلي آھين. اڄ به بدين سيراڻي، ڪڇ ٿر ۽ لاڙ جي پراڻن ماڻهن جي زبان تي ڪسيرو خاصخيلي جي اوطاق مھمان نوازي، سخاوت، انسان دوستي جا قصا ڪھاڻيون زنده آهن. سندس نالو ايندي ئي ذهن ۾ هڪ اهڙي اوطاق جو تصور اڀري ٿو جتي هر ايندڙ مسافر کي عزت ملندي هئي، بکئي کي ماني، اڃايل کي پاڻي، ٿڪل کي آرام، مايوس کي حوصلو ۽ غريبن کي مدد ملندي هئي. بدين کان ڪلو ميٽر اوڀر طرف بدين سيراڻي روڊ تي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ھڪ زميندار بابو خاصخيلي پنهنجي خاندان برادري ۽ ھارين سان گڏ آباد هو هن وٽ زمين هئي جنهن تي سندس خاندان جو گذر سفر ٿيندو هو. بابو خاصخيلي کي اولاد ۾ فقط هڪ پٽ ڪسيرو خاصخيلي ھو، جنھن جو جنم تقريبن 1840 ۾ ٿيو. ان وقت ٻھراڙين ۾ تعليم جو رواج گهٽ هو، رڳو قرآن جي تعليم ڳوٺ جي ھڪ مولوي کان وٺي سگھيو. تاريخ مان خبر پوي ٿي ته سمن جي دور ۾ ڄام خير دين جي نسبت سان هڪ بهادر فوج جي وڏي دستي جو سپهه سالار هو جيڪو خاصخيلي هو. ترخانن، ڪلهوڙن ٽالپر جي دور ۾ به خاصخيلي بهترين گهوڙي سوار ويڙهاڪ هئا. هي قبيلو سنڌ جي قديم سماٽ راجپوت ۽ ڄاموٽ روايتن سان لاڳاپيل آهي. تاريخدانن جا هن قبيلي بابت مختلف رايا آهن، پر هڪ ڳالهه تي متفق آهن ته هي قبيلو بهادري، محنت ۽ وفاداري لاءِ مشهور رهيو آهي. ڪراچي کان وٺي لاڙ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سانگهڙ، ٿر ڪڇ ۽ بلوچستان جي لس ٻيلي، اٿل ۽ ڪيچ مڪران تائين خاصخيلي آباد آهن. سنڌ ۾ اهي لاڙي لهجي واري سنڌي ۽ سرائيڪي به ڳالهائين ٿا. پنجاب ۾ سرائيڪي ۽ بلوچستان ۾ سنڌي ۽ بلوچي لاسي لهجي سان ڳالهائين ٿا. چيو وڃي ٿو ته “خاص” مان مراد اهم ۽ “خيلي” مان مراد گهوڙي سوار بهادر آهي. قديم فوجن ۾ خاصخيلي اهڙي دستي طور سڃاتا ويندا هئا جيڪي جنگ جي پهرين صفن ۾ رهي دشمن تي حملو ڪندا هئا. لاڙ جا خاصخيلي محنتي ۽ ايماندار هجڻ جي ڪري زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان قبيلي جو ڪسيرو خاصخيلي ننڍپڻ کان ئي زمين سان محبت رکندو هو. نوجواني ۾ پنهنجي چاچن ۽ سئوٽن سان گڏ زرعي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو والد کان مليل زمين سندس لاءِ ڪافي هئي ۽ هو محنت سان پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. اهي ڏينهن لاڙ جي خوشحالي جا ڏينهن هئا، زرعي پاڻي تمام گھڻو هوندو هو، ساريال جا فصل ڀلا لهندا هئا ۽ ماڻهن جي زندگي آسودگيءَ سان گذرندي هئي. ڪسيري خاصخيلي وٽ اٺڻين، اٺن جا ولر، مينهون، ڳئون، ٻڪريون ۽ مال متاع جي کوٽ نه هئي. وٽس گھوڙا به هئا. سندس زمينن تي گاھ به پوکيو ويندو هو. پاڻ ننڍي ھوندي کان ئي رحم دل، ھمدرد مھمان نواز انسان ھو. سندس عظمت جو راز مال متاع ۾ نه، پر سندس دل جي سخاوت هئي. ھن پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ مهمانن ۽ مسافرن لاءِ ھڪ اوطاق ٺھرائي ۽ اتي مسافرن کي ماني کارائڻ شروع ڪئي، جتي ديسي، پرديسي، فقير، فقراءُ جو تعداد وڌڻ لڳو ته پاڻ ھڪ وڏي اوطاق ٺھرائي. ماضيءَ ۾ سواريءَ لاءِ گھوڙا، اٺ، گڏھ، خچر ھوندا هئا، انهن لاءِ به هڪ وڏو ڇپر ۽ آھرا ٺھرايا، جتي ھڪ ئي وقت ٻه ٽي سئو اٺن، گھوڙن ۽ گڏھن بيهارڻ ۽ انهن جي گاهه جو بندوبست ٿيل هو. ان علائقي جا ڪجھه جھونا ساڃاھ وند ماڻھون چون ٿا ته ڪسيري جي اوطاق علائقي ۾ هڪ وڏو آشرم بڻجي وئي. سندس مھمان نوازي جي ھاڪ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. سندس اوطاقت تي سڀني مھمانن کي ماني ملندي هئي، سندن وهٽن کي داڻو ۽ گاهه ملندو هو ۽ هر مسافر کي کٽ ۽ ڀلو بسترو ملندو ھو. سندس اوطاق تي ٽن وقتن جي ماني ملندي هئي. ان دور ۾ چڱا ڀلا ماڻھون به مهمانن کي دال سبزي کارائي نه سگهندا هئا، اتي هي سخي مڙس ماڻهن کي هڪ ئي وقت ٻه ٽي طعام کارائيندو هو. اوطاق تي آيل شخص ڪير به هجي کيس ماني هڪ جهڙي ملندي هئي. رات جو ماني کانپوءِ سڀني کي پيئڻ لاءِ کير به ملندو هو، صبح جو مکڻ، لسي ۽ ڏھي سان نيرن ڪرائيندو هو. مھمان ڀلي ڪهڙي مهل به اچي کيس تازي ماني ملندي هئي. اوطاق تي نه مذھب پڇيو ويندو هو ۽ نه ئي ذات پات. ھن وٽ انسانيت سڀ کان وڏو مذهب هو. ھر ايندڙ کي کلي کيڪاري حال احوال وٺندو ھو ۽ سڀني مھمانن سان ڪچھري ڪندو ھو. مٿس شاھ جي شاعريءَ جو اثر به ھو ۽ پاڻ به لطيف شناس ھو. ان زماني ۾ نه پڪا رستا هئا، نه تيز رفتار سواريون هيون، ماڻهو اٺن، گهوڙن، ڍڳي گاڏين، گڏهن تي ۽ پيادل سفر ڪندا هئا. ڪڇ، ٿر ۽ لاڙ جا ماڻهو واپار، زيارت، شادين يا ٻين ڪمن لاءِ سفر ڪندا هئا. اهڙن مسافرن لاءِ ڪسيري جي اوطاق هڪ محفوظ پناهه گاهه هئي. وقت سان گڏ سندس مھمان نوازي جي ھاڪ پکڙجي وئي ۽ مسافرن جو انگ وڌڻ لڳو. ملازمن سان گڏ گهر جون عورتون به ڏينهن رات مصروف رهنديون هيون. مهمانن لاءِ هر قسم جي ماني، ٻوڙ، کير، لسي، مکڻ، ھٿ واريون سيون، شيرو ۽ ٻيا کاڌا تيار ٿيندا هئا. سندس اوطاق تي شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جڏهن ڪو مسافر يا مھمان نه اچي. ڳوٺ جا وڏا پنھنجن وڏن کان ٻڌل ڳالھيون ٻڌائين ٿا ته هڪ ڀيري ڪجهه مسافر بنا ترسڻ جي اڳتي هليا ويا، انهيءَ ڳالهه کيس ايترو ته ڏک ڏنو جو هن هڪ جتي لٺ ۾ ٽنگي ڇڏي ۽ کل ڀوڳ ۾ چوندو هو، جيڪو منهنجي مهماني نه کائيندو قيامت جي ڏينهن اها جتي ان کي لڳندي. هڪ رات هڪ مسافر گهوڙي تي سندس اوطاق تي پهتو، ڪسيري روايتي انداز سان سندس آجيان ڪئي، ماني کارائي، کير پياريو ۽ ڪچهري کانپوءِ اوطاق تي سمهي رهيا، صبح فجر جي نماز پڙهي پوءِ مهمان لاءِ ناشتو آيو. ان دوران لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهو گهوڙن تي سوار اچي پهتا. ڪسيري انهن کي به عزت سان ويهاري ماني کارائي. حال احوال وٺڻ تي خبر پئي ته هو نئين ڪوٽ مان چور جا پيرا وٺي چور جي گهوڙي جي سنڀن جي نشانن جي پيروي ڪندي اتي پهتا هئا.
انهن اتي ويٺل هڪ شخص کي چور ڄاڻايو ۽ ڪسيري کي چيو ته اهو اسان جي حوالي ڪر، پر ڪسيري وڏي اعتماد سان وراڻيو هي منهنجو مهمان آهي، مون کي يقين آهي ته هن چوري ناهي ڪئي. انهن چيو جيڪڏهن تون سچ ٿو چوين ته مسيت ۾ قسم کڻ، اسان کي اعتبار ڏئي. ڪسيري بنا ڪنهن هٻڪ جي مسيت ڏانهن هلڻ لڳو جڏهن هو مسيت جي در تي پهتا ته مهمان اوچتو ڊوڙي آيو ڪسيري کي چيائين، تون قسم نه کڻ تون سچو ۽ نيڪ انسان آهين، چوري مون ڪئي آهي، سامان فلاڻي هنڌ ٻني ۾ لڪيل آهي. واراڙي کي سامان واپس ملي ويو. هو به ڪسيري کي عزت ڏئي واپس هليا ويا، چور ڪسيري جي ڪردار کان ايترو متاثر ٿيو جو توبهه ڪري وري چوري نه ڪيائين. ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته نيڪي ۽ محبت اهڙو اثر ٿي ڇڏي جيڪو تلوار به نٿي ڇڏي. هڪ ڀيري ڪوٽ لکپت جو هڪ واڻيو وٽس سون امانت طور رکي ويو. هن چيو ته هو سفر تي پيو وڃي واپسيءَ ۾ امانت کڻندو. واپاري سفر دوران بيمار ٿي پيو ۽ ٻه سال گذري ويا، جڏهن واپس آيو ته دل ۾ انديشو هو ته شايد سندس امانت نه ملي، پر ڪسيري نه فقط کيس سڃاتو، پر اها ساڳي هڙ کڻي آيو جنهن ۾ سون محفوظ رکيل هو. واپاري حيران ٿي چيو مون کي خوف هو ته شايد منهنجي امانت واپس نه ملي. ڪسيري جواب ڏنو امانت تنهنجي هئي آئون ڇو کڻان ها. هي واقعو اڄ به ايمانداري ۽ امانتداري جو مثال بڻيل آهي. پاڻ هڪ سماجي خدمتگار پڻ هو. ان زماني ۾ جڏهن سرڪاري مسافر خانه، سرائون يا خانگي هوٽلون نه هيون تڏهن اهڙيون اوطاقون ئي ماڻهن جي زندگين جو سهارو هونديون هيون. هڪ ڀيري ڪجهه مهمان آيا، پر پاڻ ٻاهر هجڻ ڪري اوطاق تي نه وڃي سگهيو. ملازم ڪم ۾ مصروف هئا، مهمان ويٺا، پر بيزار ٿئي نڪتا، سامهون ڪسيرو آيو پئي مسافرن کي ويندو ڏسي پڇيائين ته توهان ڪجهه کاڌو پيتو، هنن انڪار ڪري چيو ته ڪنهن پڇيو ئي ڪونه. اوطاق وڏي، نالو وڏو، پر ڪسيرو ڦوڪائي آهي. هنن به کيس نه سڃاتو. هو انهن ناراض مسافرن کي واپس اوطاق تي وٺي آيو ۽ ماني کارائي جڏهن وڃڻ لڳا ته هنن پڇيو ته ادا تون ڪير آهين؟ ڪيسري پنهنجو تعارف ڪرايو پوءِ هو به ناشڪرا ماڻهو شرمندا ٿيا. سندس دوستن ۾ رپ وارو اشرف ٿيٻو، جانڻ لوهار، سيلو منڌرو، مصري ٻتڙ منڌرو هئا، جيڪي پنهنجي دور ۽ علائقي جا سخي مرد هئا. ھڪ دفعي لاڙ، ٿر ۾ ڏڪار آيو ماڻهو ان داڻي لاءِ سڪي رهيا هئا، پر ڪسيري خاصخيلي جي اوطاق تي سون جي تعداد ۾ ماڻهو اچي رھيا ۽ هن شخص انهن جي مهمان نوازي ڪئي. کيس ڪوبه اولاد نه هو، پر سندس سئوٽاڻو اولاد به تمام نيڪ ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳرو رهيو. اهي اڄ به مھمان نواز ۽ ھمدرد انسان آھن. اها حقيقت آهي ته جيڪا سخاوت ڪسيري پاڻ ڪئي اهڙي ٻيو ڪير به ڪري نه سگهندو. ڪسيري خاصخيلي تقريبن 1940ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري آرام گاھ بدين جي مشھور ولي الله شاهه قادري قبرستان جي روضي جي سامھون آھي. هي سخي شخص اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زنده آھي. اڄ به جڏهن لاڙ ۾ سخاوت جو ذڪر ٿيندو آهي ته ڪسيرو خاصخيلي جو نالو عزت ۽ محبت سان ورتو ويندو آهي. بيشڪ دولتون ختم ٿي وينديون آهن، محل ويران ٿي ويندا آهن، پر سخاوت جا چرچا ڪڏهن به ختم ناٿن ٿيندا. ايئن چئجي ته هي سنڌ جو حاتم طائي هو. جڏھن به بدين ۾ رولاڪيون ڪندو آھيان ته پير قادري شاھ جي مزار تي حاضري ڀرڻ سان گڏ هن سخي مرد جي آخري آرام گاھ تي بھ حاضري ڀري گل رکندو آھيان.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو