مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچيءَ جو پهريون ‘اسپنج پارڪ’ شهري ٻوڏ جو سائنسي حل

Sukaar Jakhro ڪالم نگار، مترجم

جهمپير ڀرسان اتراڻ جو رهاڪو، سينئر صحافي.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسمياتي تبديليءَ جي عالمي اثرن پاڪستان سميت دنيا جي وڏن شهرن لاءِ کوڙ ساريون نيون مشڪلون ۽ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اوچتيون ۽ تيز برساتون هاڻي ڪراچيءَ جهڙي گهاٽي آباد شهر لاءِ رحمت بدران زحمت بڻجي وڃن ٿيون، جنهن جو هڪ اهم سبب شهري ٻوڏ/اربن فلڊنگ آهي. شهر ۾ پڪن رستن، ڪنڪريٽ جي عمارتن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي اڏاوتن سبب برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جا مسئلا ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندا پيا وڃن. تازو سنڌ جي گادي ڪراچيءَ جي علائقي گلبرگ ۾ واقع جمالي پارڪ کي جديد سائنسي اصولن تحت ملڪ جي پهرئين ‘اسپنج پارڪ’ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان رٿا کي شهري رٿابنديءَ جي ميدان ۾ هڪ مثبت ۽ جديد اڳڀرائي قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جو بنيادي مقصد برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ بدران ان کي زمين ۾ جذب ۽ محفوظ ڪرڻ آهي. بهرحال رٿا جي آجيان سان گڏ ان جي ڪارج، فني سار سنڀال ۽ عملي ڪاميابيءَ بابت ڪجهه اهم سوال ۽ کٽڪا پڻ آهن، جن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. عام طور شهرن ۾ ڪنڪريٽ جي اڏاوتن، پڪن رستن ۽ ٽائيلن جي ڪري برساتي پاڻي زمين ۾ جذب ٿيڻ بدران مٿاڇري تي گڏ ٿي وڃي ٿو، جنهن ڪري هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي وڃن ٿا. اسپنج پارڪ ان روايتي شهري ڍانچي جو هڪ ماحول دوست متبادل آهي. ان جو بنيادي تصور قدرتي اسپنج جهڙو آهي، جيڪو برساتي پاڻيءَ کي جذب ڪري، مختلف تهن مان گذاري زمين اندر پهچائي ٿو ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي ڪجهه وقت لاءِ محفوظ پڻ رکي ٿو. اهڙي پارڪ جي تعمير ۾ جديد انجنيئرنگ ۽ فطرت جي قدرتي نظام کي گڏايو ويندو آهي. ان جا اهم جزا هي آهن:
1. پاڻي جذب ڪندڙ مٿاڇرا: پارڪ جا رستا ۽ پيادل هلڻ جا رستا اهڙي خاص مواد مان ٺاهيا وڃن ٿا، جن مان برساتي پاڻي آسانيءَ سان هيٺ زمين ۾ لهي سگهي ٿو.
2. قدرتي ڇاڻ جا تھھ: زمين جي هيٺان مٽي، بجري، واري ۽ ٻين مناسب مواد جا تهه وڇايا وڃن ٿا، جيڪي پاڻيءَ ۾ شامل مٽي ۽ ڪجهه ٻين گدلاڻ وارين شين کي ڇاڻڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
3. مقامي وڻڪاري ۽ ٻوٽا: پارڪ ۾ مقامي ماحول ۽ آبهوا سان ٺهڪندڙ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا وڃن ٿا، جن جون پاڙون زمين جي جوڙجڪ کي مضبوط رکڻ، پاڻي جذب ڪرڻ ۽ ماحول ۾ گهم برقرار رکڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
ماحولياتي ۽ شهري رٿابنديءَ جي ماهرن موجب، جيڪڏهن اسپنج پارڪن کي مناسب فني جوڙجڪ، سارسنڀال ۽ انتظام سان هلايو وڃي ته اهي شهرن کي ڪيترائي ڊگهي مدي وارا فائدا ڏئي سگهن ٿا.
1. شهري ٻوڏ جي خطري ۾ گهٽتائي: تيز برساتن دوران اهڙا پارڪ وڏي مقدار ۾ پاڻي جذب ڪري يا عارضي طور گڏ ڪري سگهن ٿا، جنهن سان آسپاس جي گهٽين ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ ۽ ٻوڏ جو خطرو گهٽجي سگهي ٿو. البته پارڪ جي پاڻي جذب ڪرڻ جي گنجائش ان جي ايراضي، زمين جي بناوت ۽ فني جوڙجڪ تي دارومدار رکي ٿي.
2. زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ واڌ: ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ سبب زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. اسپنج پارڪ برساتي پاڻيءَ کي زمين اندر پهچائي زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن جي بحاليءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ پاڻيءَ جي قدرتي چڪر کي برقرار رکڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي. البته ان فائدي جو دارومدار پاڻيءَ جي معيار ۽ زمين جي جذب ڪرڻ واري صلاحيت تي آهي.
2. گرميءَ جي شدت ۾ گهٽتائي: وڻڪاري، زمين ۾ نمي ۽ پاڻيءَ جي موجودگيءَ سبب پارڪ ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماحول جو گرمي پد گهٽ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي. ان سان شهري گرميءَ جي شدت کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ رهواسين لاءِ وڌيڪ خوشگوار ماحول پيدا ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به نئين رٿا جي ڪاميابيءَ لاءِ ان جي ساراهه سان گڏ ان جي عملي مسئلن ۽ ممڪن نقصانن جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي. ڪراچيءَ جي ماضيءَ جي تجربن کي نظر ۾ رکندي، هن رٿا بابت ڪجهه اهم کٽڪا سامهون اچي سگهن ٿا، جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
1. سارسنڀال جو مسئلو: ڪراچيءَ ۾ اڪثر ترقياتي رٿائون افتتاح کانپوءِ مناسب سارسنڀال نه ٿيڻ سبب پنھنجو ڪارج وڃائي ويھنديون آهن. اسپنج پارڪ جي پاڻي جذب ڪندڙ رستن ۽ ڇاڻ وارن تهن جي باقاعده صفائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ مٽي، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيو ڪچرو انهن جي سوراخن کي بند ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ پاڻيءَ جي زمين اندر جذب ٿيڻ جي صلاحيت گهٽجي ويندي ۽ رٿا جو بنيادي مقصد متاثر ٿيندو. تنهنڪري ان جي مستقل سارسنڀال لاءِ واضح ذميواري ۽ مناسب بجيٽ ضروري آهي.
2. گندي پاڻيءَ جي ملاوٽ جو خطرو: ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي نالن ۽ سيوريج جي نظام جي الڳ نه هجڻ سبب برساتي پاڻيءَ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهڙو آلوده پاڻي اسپنج پارڪ ۾ داخل ٿيو ته اهو زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن کي به آلودو ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ضروري آهي ته پارڪ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻيءَ جي معيار جي جاچ ڪئي وڃي ۽ سيوريج جي پاڻيءَ جي داخلا کي روڪڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن.
3. مڇرن ۽ بيمارين جي پکڙجڻ جو امڪان: شهرين جو هڪ اهم خدشو اهو آهي ته جيڪڏهن برساتي پاڻي مقرر وقت اندر زمين ۾ جذب نه ٿيو ۽ پارڪ جي مختلف حصن ۾ بيٺل رهيو ته اتي مڇرن جي واڌ ويجهه ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ڊينگي ۽ مليريا جهڙين بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ان مسئلي کان بچڻ لاءِ پاڻيءَ جي نيڪال ۽ جذب ٿيڻ واري نظام جي باقاعده نگراني ضروري آهي.
4. وڏي شهر جي ضرورتن آڏو محدود منصوبو: ٽن ڪروڙن کان وڌيڪ آباديءَ واري ڪراچيءَ ۾ رڳو هڪ اسپنج پارڪ شهري ٻوڏ جهڙي وڏي مسئلي جو مڪمل حل نٿو ٿي سگهي. شھري چاھيندا ته هن تجربي کي رڳو هڪ نمائشي رٿا تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ان کي شهري رٿابنديءَ جو حصو بڻائي سرجاڻي، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد، ڪورنگي ۽ ڊفينس سميت ٻين ھيٺانھن علائقن ۾ پڻ اهڙا منصوبا شروع ڪيا وڃن. ان سان گڏ برساتي نالن جي صفائي، قدرتي پاڻيءَ جي لنگهن جي بحالي ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو وڃي.
ڪراچيءَ جو پهريون اسپنج پارڪ يقينن شهري ماحولياتي مسئلن کي سائنسي انداز ۾ حل ڪرڻ جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، پر ان رٿا جي حقيقي ڪاميابيءَ جو دارومدار رڳو ان جي تعمير يا افتتاح تي نه، پر ان جي عملي ڪارڪردگي، مستقل سارسنڀال ۽ برساتي پاڻيءَ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت تي هوندو. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته رٿا جي فني سارسنڀال لاءِ مستقل بجيٽ مختص ڪن، پارڪ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻيءَ جي معيار کي يقيني بڻائين ۽ مقامي ماحولياتي توڙي انجنيئرنگ ماهرن جي نگرانيءَ هيٺ ان جي ڪارڪردگيءَ جو باقاعده جائزو وٺن. ان سان گڏ عوام کي پڻ رٿا جي مقصد، فائدن ۽ سارسنڀال بابت آگاهه ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي گاديءَ ۾ ھي پائليٽ رٿا ڪامياب ثابت ٿئي ٿي ته ان جي تجربي کي شھر جي ٻين مناسب علائقن توڙي صوبي جي باقي ننڍن وڏن شهرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. البته اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسپنج پارڪ برساتي پاڻيءَ جي انتظام جو هڪ اهم ذريعو ضرور آهي، پر شهري ٻوڏ تي ضابطي لاءِ برساتي نالن جي بحالي، سيوريج ۽ برساتي پاڻيءَ جي نظام کي الڳ ڪرڻ، قدرتي پاڻيءَ جي لنگهن کي محفوظ رکڻ ۽ غير منظم اڏاوتن کي روڪڻ جهڙا قدم پڻ لازمي آهن. اصل ضرورت اها آهي ته ڪراچيءَ جي شهري رٿابنديءَ ۾ پاڻيءَ کي رڳو شهر مان ٻاهر ڪڍڻ واري مسئلي طور نه، پر هڪ قدرتي وسيلن طور ڏٺو وڃي، جنهن کي محفوظ ڪري مستقبل جي ضرورتن لاءِ ڪتب آڻي سگهجي. اسپنج پارڪ انهيءَ سوچ ڏانهن هڪ اهم وک آهي، پر ان کي ڪامياب شهري پاليسيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پختي سياسي پھھ، سائنسي نگراني ۽ انتظامي ذميداريءَ جي ضرورت پوندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو