مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

5 جولاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن ۽ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جا پاڪستان لاءِ ڪيل ڪارنامه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جيڪڏهن اوهان ڪڏهن سچي دل سان اهو سوچيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڇا ڪيو هو ته اوهان ان جو هڪ احسان به نٿا لاهي سگهو. ڇاڪاڻ ته ذوالفقار علي ڀٽو ئي اهو اڪيلو عوام جو سڄڻ هو جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ عوام لاءِ ڪنهن قدر وڏو ثقافتي انقلاب برپا ڪيو. حقيقت کي جيڪڏهن سچائي جي عينڪ سان ڏٺو وڃي ته ڀٽو جي دور کان اڳ ٻه يا ٽي سيڪڙو ماڻهن لاءِ تعليمي ادارا هوندا هئا ۽ ڀٽو جي دور کانپوءِ ايندڙ پنجاهه سالن تائين سو سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم دستياب رهي. ڀٽي کان اڳ نوي سيڪڙو آبادي جي لاءِ صحت جون سهولتون موجود نه هيون، پر سندس پاليسين جي ڪري ايندڙ پنجاهه سالن تائين سئو سيڪڙو عوام کي صحت جون سهولتون ميسر رهيون. ڀٽو، جنهن جي وقت ۾ پاڪستان جي آبادي چار پنج ڪروڙ هئي، پر هن ان وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون روزگار پيدا ڪري معاشري کي خوشحالي جو هڪ اهڙو دور عطا ڪيو، جنهن جو اثر هر طرف نظر آيو، پر ان ثقافتي انقلاب کي رجعت پسندن ڪريڪيولم ۽ ميڊيا کان غائب ڪري ڇڏيو. اڄ جو بيوقوف نوجوان سمجهي ٿو ته هن جي ابن ڏاڏن کي سدائين چوڌري، جاگيردار، سردار ۽ خان جي سامهون کٽ يا ڪرسي مليل هوندي هئي. 1973ع کان اڳ ان جو تصور به نه هوندو هو. کٽ يا ڪرسي تي ويهڻ جو حق صرف ٻه سيڪڙو آبادي وٽ هو، باقي سڀ ماڻهو بيٺا يا زمين تي ويٺا هوندا هئا. نه صرف اهو بلڪه اوهان جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ اسٽيل جو ٿانو کڻندو ۽ ان تي پاڪستان اسٽيل جو ليبل نظر اچي ته سمجهو ڀٽو اوهان جي گهر ۾ آهي. جيڪڏهن اڄ اسان ڀارت کي ڇاتي تاڻي ڌمڪي ڏيڻ جي قابل آهيون ته ان جو سبب اسان جي ايٽمي طاقت آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو. جيڪڏهن فضا ۾ ميراج جو پڙاڏو ٻڌو ته اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو ته اهو ميراج ڀٽو وٺي آيو هو. جيڪڏهن اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڪنهن کي به ويندي ڏسو ته ان جو پٽڪو به ڀٽي جي مٿي تي آهي. جيڪڏهن نوي هزار فوجين منجهان ڪنهن به پراڻي فوجي سان ملو ۽ اهو توهان کي ٻڌائي ته ڀارت جي جيل ۾ اسان کي شيشو پياريو ويندو هو، جنهن سان آنڊا وڍجي ويندا هئا ۽ اهو جيڪڏهن توهان کي زنده نظر اچي ته پڪ سمجهو ته ان تي ڀٽي جو احسان آهي. جيڪڏهن ڪڏهن ريڊيو چالو ڪيو ۽ ان تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جا لفظ ٻڌو ته پڪ ڄاڻو ته اهو اسان کي ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏنل تحفو آهي جتان اهو آواز اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪڏهن پاڪستان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ميڊيڪل ڪاليجن کي ڳڻيندوَ ته توهان کي جلد ئي خبر پوندي ته انهن منجهان اڌ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قائم ٿيا، يقين نه اچي ته تاريخ پڙهي وٺو. جيڪڏهن مرحوم ڊاڪٽر قدير جي ڳالھه ڪيو ته ان کي ملڪ گهرائڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو. ڪراچي وڃو ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ جي وچ ۾ ريل لائين ڏسو ته ضرور ڪنهن کان پڇجو ته هيءَ ٽرين ڪڏهن آئي هئي ته توهان کي جواب ملندو ته پنجيتاليھه سال اڳ ڀٽو جي دور ۾ هتي ٽرام يعني ميٽرو ۽ ڊبل ڊيڪر بسسز هلنديون هيون، ڪڏهن پي ايس او برما شيل هو ۽ ان جي پٺيان ڀٽو هو. جڏهن ڪشمير جي تاريخ پڙهو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ڀارت جي نمائندي کي منهن تي پاڻي جو گلاس هاريندي ۽ شينهن جهڙي گجگوڙ ڪندي ڪنهن کي ڳالهائيندي ڏسو ته ان جي پٺيان توهان کي ڀٽو نظر ايندو. جيڪڏهن پاڪستان جي اقتصاديات پڙهندا ته اڄ چين جي بينڪ دنيا کي قرض ڏئي ٿي، پر اوهان ڏسندو ته ستر جي ڏهاڪي ۾ ڀٽو جي ٺاهيل BCCI بينڪ سڄي دنيا کي قرض ڏيندي هئي، جنهن جي اثاثن جي ٽوٽل ماليت ويھه ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي، جنهن جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو، آغا حسن عابدي سان گڏجي رکرايو هو. ڪجھه سالن ۾ ان جون چار سئو برانچون اٺهتر ملڪن ۾ کولي چڪو هو، مگر پوءِ ضياءُالحق جو مارشلائي دور شروع ٿيو ۽ ان بينڪ ۾ آمريڪي مداخلت شروع ٿي وئي جنهن سبب ان جو خاتمو ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪڏهن آمريڪي ڌمڪي جي جواب ۾ ان جو خط ڦاڙي پيرن هيٺان لتاڙيندي ۽ عوام جي وچ ۾ بيهي آمريڪا کي للڪاريندي ڪنهن کي ڏسو ته اهو پڪ سمجهجو ته اهو ڀٽو ئي هو. افسوس ته اهڙي عظيم ليڊر جو هن ملڪ ۾ ڪو قدر نه ڪيو ويو ۽ جنهن ظالم ضياءُ الحق کي هن چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو. انهيءَ ڊالرن جي لالچ ۾ پئجي ملڪ جي محسن ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت جو 5 جولاءِ 1977ع تي تختو اونڌو ڪري ملڪ ۽ ان جي عوام کي سدائين لاءِ بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو