مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

جوڳي پسان نه جوءِ ۾! (قاضي مشتاق احمد مورائي)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جنھن سماج ۾ ٺڳي ۽ مڪاري عام ھجي، پر اتي ڪو شخص وقت ڪڍي پنھنجون سرڪاري ذميداريون به نڀائي ۽ سماجي ڀلائيءَ جا ڪم به ڪري. جڏهن ته اهڙن هنڌن تي ويٺل ماڻهو راتو رات دولتمند ٿيڻ جا گر استعمال ڪندا آهن، پر اھڙا ماڻھو گھٽ ھوندا آھن جيڪي پنھنجي گوناگون زندگيءَ مان پنھنجي ماڻهن ۽ ملڪ لاءِ اباڻي شھر جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو عزم رکندا آهن. انھن عظيم ماڻھن ۾ قاضي مشتاق احمد سائين جن جو نالو سرفھرست آهي. پاڻ موري جي قاضي خاندان جي جيد عالم شاعر ليکڪ، قاضي مولوي محمد صادق مورائي ( متوفي 1965 ) جي ننڍي فرزند قاضي محمد طيب المعروف قاضي محمد حڪيم جي گھر ۾ 16 اپريل 1947 تي جنم ورتو. سندس پڙڏاڏو مخدوم قاضي عبدالرئوف مورائي پڻ جيد عالم هو. پاڻ پنھنجي پرائمري تعليم موري جي پرائمري اسڪول ۽ سيڪنڊري موري جي پراڻي ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. قاضي صاحب بيچلرز (بي اي) سنڌ يونيورسٽي مان 1972 ۾، ايل ايل بي 1975 ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان، جڏهن ته 1972 ۾ CSS جو امتحان پاس ڪيو. 18 ڊسمبر 1973 تي پاڻ منسٽري آف ڪميونيڪيشن آف پاڪستان اسلام آباد ۾ سيڪشن آفيسر (گريڊ 17) طور جوائن ڪيائون، جتي 26 نومبر 1978 تائين رھيو. تنهن کانپوءِ 1983 کان 8 مئي 1985 تائين منسٽري آف فنانس ۾ سيڪشن آفيسر طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ 9 مئي 1985 تي پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ سيڪشن آفيسر ٿي ويو جتي 15 آگسٽ 1985 تي ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ منسٽري آف فنانس گورنمينٽ آف پاڪستان ۾ پڻ ڊپٽي سيڪريٽري جي عھدي تي 10 جولاءِ 1988 کان 3 اپريل 1989 تائين رھيا. ان کانپوءِ پاڻ مختلف ڊويزنن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيو ۽ RECP ۾ جنرل مئنيجر، ڊائريڪٽر فنانس ۽ پوءِ PCSIR ۾ پڻ ميمبر طور ڪم ڪيو. ان کان علاوه پاڻ ڪيترين ئي اهم ذميدارين کي نڀائيندي 15 اپريل 2007 ۾ رٽائرڊ ٿيا، جنھن کانپوءِ وري 31 مئي 2007 ۾ ٻيهر جوائن ڪيو. 10 اپريل 2012 تي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري طور اسلام آباد ۾ نوڪري ڪيائون. پاڻ 2008 ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان اڪانامڪس ۾ ايم فل ڪئي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ ننڍي ھوندي کان ئي سوشل ڪمن ۾ تمام گهڻو شوق سان حصو وٺندا هئا. موري جي پھرين سوشل آرگنائيزيشن جنھن جو شھيد عبدالرزاق سومرو اڳواڻ ھو ان ۾ پاڻ سرگرم رهيا ۽ پاڻ سگا اسلام آباد جي برانچ جو بنياد وجھندڙن مان هڪ هئا. نه صرف ايترو پر ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري به پاڻ رهيا. پاڻ اسلام آباد ۾ ساٿين سان گڏجي بھترين سماجي ڪم ڪيا ۽ اتي ويندڙ سنڌي نوجوانن جي رھائش ۽ روزگار لاءِ بندوبست ۽ ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. پاڻ سگا جو مرڪزي اڳواڻ پڻ رھيو، 1981 کان 1983 تائين ايمپلائمينٽ سيڪريٽري رھيا. پاڻ پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپن ۽ پنهنجي عهدي کي استعمال ڪري تمام گهڻو فائدو پهچايو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪيترائي سنڌي اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. هن ڪيترن ئي پڙھيل لکيل نوجوانن کي اتي روزگار سان لڳايو. موري سان تعلق رکندڙ منھنجو پيارو دوست سماجي اڳواڻ مولا بخش چنڊ جيڪو اڄڪلھه سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھائش پذير آھي ۽ سٺي سرڪاري پوسٽ تي آھي، کيس به قاضي مشتاق احمد تمام گھڻو ويجھو رھيو. پاڻ جڏهن RECP ۾ ھئا ته هنن اتي ڪيترن ئي ماڻهن کي مين پاور ٽريننگ ۽ سوشل سيڪيورٽيءَ جي ذريعي ڪيترن ئي ماڻھن کي روزگار سان لڳايو. سگا جي سڀني برانچن کي خط لکرايا ته ٽيڪنيڪل ۽ ڪواليفائيڊ ماڻھن جون درخواستون موڪليون وڃن. هن نه صرف ميرٽ تي سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون، رپ انهن کي ذاتي طور تي پنھنجي گھر وٺي ايندو ھو ۽ لکپڙھ ۾ انهن جي مدد ڪندو هو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي تاريخ ۾ ايمپلائمينٽ بيورو جو ايترو ڪم ڪنھن ٻئي دور ۾ نه ٿيو، جيترو قاضي مشتاق احمد صاحب جن ڪيو. پان هڪ فخر لائق انسان، ڪامورا ۽ سماج سڌارڪ هئا. پاڻ پنھنجي دوست ۽ ساٿي محمد يوسف ميمڻ سان گڏجي شاھ لطيف ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد پڻ وڌو. جنھن پاران اسلام آباد ۾ رھندڙ سنڌين جي ڊيٽا گڏ ڪري ڊائريڪٽري ٺاھي. سڀني سنڌين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. اڳتي هلي قاضي صاحب ۽ سائين محمد يوسف ميمڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن اسلام آباد شاخ جو بنياد پڻ وڌو ۽ پوءِ سگا جي پليٽ فارم تان اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ نوجوان جيڪي بي گھر ھئا انھن کي منسٽري آف هائوسنگ کان گھر مسواڙ تي وٺي ڏنا. سندن ڪم سڀني سنڌين جو ڳاٽ اوچو ڪندڙ آهي. جتي اڄ ڪروڙين رپين جو، شاھ عبداللطيف ڪميونٽي سينٽر موجود اھي، اتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ھاسٽل موجود آھي. اسلام آباد ۾ جيڪي نوجوان نوڪرين لاءِ داخلائن يا ڪمن ڪارين لاءِ وڃن ٿا ته انهن کي اتي انتھائي مناسب پئسن تي رھائش مھيا ڪئي وڃي ٿي. جڏھن به انھن منصوبن جو ذڪر ٿيندو ته قاضي مشتاق صاحب سر فھرست ھوندو. مون ذاتي طور تي کين آفيس ۾ ڪيترائي دفعا سنڌي نوجوانن لاءِ مختلف جاين تي روزگار وٺي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو. پاڻ انھن جي لاءِ مڪمل سپورٽ ھئا. ڇو ته سندن پهچ تمام وڏن ڪامورن تائين هئي ۽ پاڻ پنهنجي ان پهچ کي سنڌ جي عوام جي لاءِ تمام سخاوت سان استعمال ڪيو. پاڻ کلڻا ملڻا ۽ ڀوڳ مسخري ڪرڻ واري شخصيت جا مالڪ هئا. جڏھن موري ايندا ھئا ته اتي پنهنجن عزيزن ۽ خاص طور تي ڳوٺ جي عورتن سان سندن ڪچھري جو انداز ئي نرالو ھوندو ھو. ڳوٺ جو هر شخص ان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ جو خواهشمند هوندو هو. قاضي صاحب وڇڙيا آھن. پر وسريا ناهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو