جيسينه (پٽ) ڏاهر؛ هڪ مزاحمتي ڪردار
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري زماني جي ڪردارن ۾ راجا ڏاھر جو پٽ جيسينه ھڪ مکيه ڪردار آھي جنھن جي باري ۾ تمام گھٽ لکيو ويو آھي ۽ سندس مزاحمتي تحريڪ بي ڌيانيءَ جو شڪار رھي آھي. گھٽ ۾ گھٽ راقم جي نظر مان اھڙي ڪا تحرير نه گذري آھي جنھن ۾ جيسينه جي ڪردار کي خاص طور غور هيٺ آندو ويو ھجي، جنھن جو ھو مستحق نظر اچي ٿو. ھن مقالي ۾ سندس زندگيءَ جي متعلق تاريخي معلومات کي بيان ڪري سندس مزاحمتي تحريڪ جي ڇنڊ ڇاڻ مطلوب آھي. محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس روانگيءَ واري دور تائين جيسينه جي باري ۾ جيڪا به معلومات آھي ان جو بنيادي ماخذ چچ نامو ئي آھي. ڇاڪاڻ ته آڳاٽن عرب تاريخن ۾ جيسينه جي باري ۾ ڪجھه به بيان نه ڪيو ويو آھي، پر ان سان جيسينه جي تاريخي حيثيت تي ڪوبه حرف نٿو اچي، ڇو ته آڳاٽن عرب ماخذن ۾ بلاذري ھڪ اھڙو مورخ آھي جنھن محمد بن قاسم کانپوءِ واري زماني ۾ بنو اميه جي مقرر ٿيل گورنرن خلاف سندس مزاحمت جو نه صرف ذڪر ڪيو آھي، بلڪه سندس نالو به کنيو آھي. تنھنڪري ھن مقالي ۾ چچ نامي جو بنيادي متن استعمال ڪيو ويو آھي ۽ جتي جتي عرب ماخذن مان ڪو بيان مليو آھي ته ان جو ذڪر ڪيو ويو آھي. چچ نامي ۾ جيسينه جو ذڪر پھريون ڀيرو ان وقت ٿيو آھي جڏھن سرانديپ (سريلنڪا) کان ايندڙ بحري ٻيڙو ديبل جي سامونڊي حدن ۾ ڦرجي ويو ۽ حجاج بن يوسف جي خط جي جواب ۾ راجا ڏاھر ان سلسلي ۾ ڪو تدارڪ ڪرڻ کان معذوريءَ جو اظھار ڪيو. نتيجي طور بُديل ابن طھفه البجلي سان ٽن ھزارن جو لشڪر ديبل ڏانهن روانو ڪيو ويو. مسلمانن جي لشڪر جو اطلاع جڏھن راجا ڏاھر کي مليو ته ھن پنھنجي پٽ جيسينه کي نيرون ڪوٽ کان چئن ھزارن جي لشڪر سان ديبل ڏانھن روانو ڪيو. جيسينه جي پھچڻ کان اڳي بُديل ديبل جي بھادرن کي شڪست ڏئي چڪو ھو، مگر جيسينه مردانگيءَ سان اچي جنگ کي ٻيھر جوٽيو. صبح کان شام تائين سخت لڙائي ٿيندي رھي. جنگ ھلندي سوارن ۽ ھاٿين جي غلبي کان بُديل جو گھوڙو ٽاهه کائي ڀڄي نڪتو. جيسينه جي ساٿين بديل جو گھيرو ڪري کيس ماري وڌو.
چچ نامي جي ان واقعي جي تصديق بلاذريءَ جي بيان ذريعي ٿئي ٿي (1) پر ھن اھو نه ٻڌايو آھي ته سنڌ جي لشڪر جي سالاري جيسينه يا راجا ڏاھر جو ڪو پٽ ڪري رھيو ھو. بھرحال مٿئين بيان مان اھو نتيجو ضرور اخذ ڪري سگھجي ٿو ته جيسينه ھڪ سورھيه شھزادو ھو، جنھن پنھنجي بلند حوصلي ۽ قائداڻين صلاحيتن جي آڌار تي ھڪ ھارايل جنگ کي فتح ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ھو ۽ اسلامي لشڪر جي انھيءَ شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ محمد بن قاسم کي پوري تياريءَ ۽ ساز ۽ سامان سان سنڌ جي مھم خاطر مامور ڪيو ويو ھو.
محمد بن قاسم جنھن وقت لشڪر ساڻ ڪري شيراز کان نڪري ارمابيل جي رستي ديبل ڏانھن روانو ٿيو، انھيءَ وقت جيسينه نيرون ڪوٽ ۾ ھو، تنھن پيءُ ڏانھن پيغام موڪليو ته محمد بن قاسم عربستان کان لشڪر وٺي ديبل جي حدن ۾ پھتو آھي. مون کي اجازت ڏيو ته مان انھيءَ سان جنگ ڪرڻ وڃان. ڏاھر علافين سان صلاح مشورو ڪيو جن کيس ڊيڄاريو ۽ مسلمانن سان مھاڏو اٽڪائڻ کان منع ڪيو. نتيجي طور ڏاھر جيسينه کي انھن سان وڙھڻ کان منع ڪئي. اھو واضح نظر اچي ٿو ته جيسينه ھڪ جوشيلو جوان ۽ جارحاڻو سياسي ۽ فوجي حڪمت عمليءَ جو قائل نظر اچي ٿو جيڪو ڌرتيءَ جي حفاظت جي خاطر دشمن سان اڳتي وڃي ملڪ جي سرحدن تي مقابلو ڪري انھن کي ملڪ کان ٻاھر ڌڪي ڪڍڻ جو عزم رکندو ھو. ھو ديبل ۾ ھڪ جنگ اڳي ئي وڙھي چڪو ھو ۽ ھن پنھنجي پوئين ڪارڪردگيءَ کي ورجائي دشمن جا حوصلا پست ڪري کيس ٻيھر ناڪام ۽ نامراد واپس وڃڻ تي مجبور ڪرڻ چاھيو ھو، مگر ھن جو پيءُ سندس خواھش ۾ رڪاوٽ بڻيو، جنھن وٽ جارحاڻي ته پري جي ڳالھه، پر مورڳو دفاعي حڪمت عملي به ڪانه ھئي. ھو صرف علافيءَ جھڙن ڌارين ۽ نجومين جي بي بنياد اڳڪٿين تي ھلندڙ ھو. ھو صرف ان خوش فھميءَ ۾ مبتلا ھو ته عرب ديبل کي لٽي ڦري نيٺ واپس ھليا ويندا ۽ سندس اقتدار بھرحال قائم دائم رھندو.
محمد بن قاسم ھٿان ديبل فتح ٿيڻ کانپوءِ چچ نامي جي مطابق راجا ڏاھر محمد بن قاسم کي ھڪ خط لکي خبردار ڪيو ته جيڪڏھن ديبل فتح ڪيو اٿئي ته اھو نه مضبوط قلعو ھو ۽ نه اتي ڪنھن طاقت واري لشڪر سان مقابلو ڪيو اٿئي. ان جاءِ تي رڳو واپاري ۽ ڪارخانيدار رھن ٿا، جيڪڏھن اتي جيسينه جھڙو جوان موڪليان ھا ته توھان جو ڪو نالو نشان نه ھجي ھا. تنھنڪري پاڻ کي غرور ۾ مبتلا نه ڪر، نه ته تنھنجي عاقبت به اھائي ٿيندي جيڪا بُديل سان ٿي گذري ھئي. ذڪر ڪيل خط منجھان جيسينه جي شخصيت ۽ ڪردار جي ھڪ جھلڪ نظر اچي ٿي، مگر حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته ان لفظي لٻاڙ کانپوءِ راجا ڏاھر جو عمل ان جي بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿو. ديبل جي لٽجڻ ۽ محمد بن قاسم جي نيرون طرف روانگيءَ جي خبر جڏھن راجا ڏاھر وٽ پھتي ته ھن نيرون ڪوٽ ۾ ويٺل جيسينه کي خط لکي حڪم صادر فرمايو ته ھو ھڪدم مھراڻ ندي ٽپي برھمڻ آباد اچي ۽ نيرون ڪوٽ تي شمني کي مقرر ڪري کيس قلعي جي حفاظت لاءِ تاڪيد ڪري. چچ نامي اندر اھڙي ڪا وضاحت موجود ناھي جنھن جي بنياد تي وثوق سان چئي سگھجي ته جيسينه نيرون ڪوٽ جو گورنر ھو، مگر ياد رھي ته بُديل جي ديبل تي ڪاهه وقت جيسينه کي نيرون ڪوٽ مان لشڪر وٺي روانو ٿيڻ لاءِ چيو ويو ھو. ساڳي طرح نيرون تي پيشقدميءَ دوران پڻ کيس نيرون ڇڏي برھمڻ آباد اچڻ جو حڪم ٿيو ھو ۽ شمنيءَ کي نيرون جي حفاظت تي مامور ڪرڻ واري ڳالھه مان اھو اشارو ملي ٿو ته جيسينه ئي شايد نيرون ڪوٽ جو گورنر ھو.
تصور جي اک سان ڏسجي ته جيسينه کي جنھن وقت محمد بن قاسم جي نيرون ڪوٽ تي پيشقدميءَ جي خبر ملي ھوندي ته سندس گرم خون جوش کاڌو ھوندو ۽ ديبل ۾ مقابلي جي محروميءَ جي خيال کي وساري ھن نيرون ڪوٽ ۾ عرب حملي آورن سان به پاڻ مقابلو ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ خروش سان تياري ڪئي ھوندي، مگر سندس پيءُ ھڪ ڀيرو ٻيھر سندس اميدن ۽ جذبن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. مٿي بيان ڪيل واقعن مان اھو اندازو ٿئي ٿو ته جيسينه بلاشڪ ھڪ سورھيه سردار ۽ باصلاحيت رھنما سان گڏوگڏ ھڪ فرمانبردار فرزند ۽ بردبار انسان پڻ ھو، جنھن پنھنجي موقف جي خلاف ٿيندڙ فيصلي جي صورت ۾ به ڪا نافرماني نه ڪئي ۽ دل جو سور دل ۾ رکي ڇڏڻ مناسب سمجھيو.
محمد بن قاسم ديبل ۽ نيرون کي مطيع ڪرڻ بعد سيوستان ڏانھن رخ رکيو ۽ اتان کان سيسم جي قلعي کي وڃي فتح ڪيو جيڪو ٻڌيه پرڳڻي جي حدن ۾ ھو. سيسم جو قلعو فتح ڪرڻ وقت محمد بن قاسم کي حجاج جو پيغام پھتو ته ھو واپس نيرون ڪوٽ پھچي لاڙ واري علائقي مان درياءَ پار ڪري راجا ڏاھر جي سامھون ٿئي. درياءَ پار ڪرڻ لاءِ مھراڻ جي اڀرندي طرف ڪڇ جي ان علائقي جو انتخاب ڪيو ويو جنھن کي “ٻيٽ” سڏيو ويندو ھو. ٻيٽ جي قلعي جي گورنر جا ٻه پٽ ھئا جن مان ھڪ موڪو پٽ وسايو محمد بن قاسم جو خير خواھ ھو جڏھن ته وسايو پاڻ ۽ سندس ٻيو پٽ راسل راجا ڏاھر جا ساٿي ھئا. موڪي پٽ وسائي کي معاھدي تحت ڪڇ جو ھڪ علائقو جاگير طور ڏنو ويو ۽ کيس ٻيٽ جي قلعي ۽ پسگردائي جو گورنر بنائڻ جي آڇ ڪئي وئي. ان جي بدلي ۾ ھن عرب لشڪر لاءِ درياءَ پار ڪرڻ جي سلسلي ۾ گھربل ٻيڙين ۽ ٻئي ساز ۽ سامان جو بندوبست ڪيو.
راجا ڏاھر کي جڏھن موڪي پٽ وسائي جي غداريءَ جي خبر ملي ته ھن جيسينه کي ٻيٽ جي قلعي جي حفاظت ۽ ان گھيڙ جي نگرانيءَ لاءِ موڪليو جتان عربن کي درياءَ پار ڪرڻ کان روڪي سگھجي. جيسينه پوري تياريءَ سان ساز و سامان ۽ جنگي ھٿيار پنوھار ساڻ ڪري اچي پھتو. درياءَ جي ھن پار موجود عربن جي لشڪر کي ھن پنجاهه ڏينھن تائين روڪي رکيو ۽ کين درياءَ پار ڪرڻ جو موقعو فراھم نه ڪيو. معاملو ان حد تي وڃي پھتو جو عربن وٽ اناج ۽ گاهه گھٽجڻ لڳو. افسوسناڪ ڳالھه اھا آھي ته ان وقت راجا ڏاھر ٽيون دفعو ھڪ اھڙو فيصلو ڪيو جنھن جيسينه کي يقينن تڪليف پھچائي ھوندي. چچ نامي جي موجب موڪي جي ڀاءُ راسل وڃي راجا ڏاھر کي منٿ ميڙ ڪئي ته ٻيٽ جي قلعي جي نگھبانيءَ جي ذميداري کيس سونپي وڃي. آخرڪار راجا ڏاھر ٻيٽ جي حڪومت راسل جي حوالي ڪري جيسينه کي اتان واپس گھرائي ورتو. نتيجي طور ڪجھه عرصي ۾ عرب درياءَ پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اچي ٻيٽ جي قلعي وٽ پھتا. ڏاھر کي جڏھن عربن جي درياءَ پار ڪرڻ جي خبر ملي ته ھن جيسينه کي جنگ جوٽڻ لاءِ موڪليو، پر حالتون وس کان ٻاھر ٿي چڪيون ھيون ۽ جيسينه به ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي قابل نه رھيو ھو ۽ وڏي مشڪل سان عربن جي گھيري مان جان ڇڏائي واپس موٽيو. چچ نامي مطابق جيسينه جي ناڪامي ڏسي راسل به پنھنجي ڀاءُ موڪي وانگر محمد بن قاسم سان وڃي گڏيو. ڪجھه ڏينھن جي لاڳيتي لڙائي کانپوءِ اروڙ جي قلعي وٽ آخري معرڪي ۾ راجا ڏاھر جي فوجن کي شڪست نصيب ٿي ۽ ڏاھر پاڻ به ان جنگ ۾ مارجي ويو.
جيسينه جي ناڪامي تي غور ڪرڻ سان ان جا ڪارڻ سمجھه ۾ اچڻ جھڙا آھن. بنيادي مسئلو فوجي ۽ سياسي حڪمت عمليءَ جو نظر اچي ٿو. جيسينه ان خيال جو ھو ته دشمن کي ڌرتيءَ تي پير ڄمائڻ نه ڏنا وڃن ۽ ان سان سرحدي علائقن تي ئي مقابلو ڪري کيس ٻاھر ڌڪيو وڃي، مگر راجا ڏاھر ان راءِ سان متفق نه ھو. جيڪڏهن شروع کان ئي جيسينه جي صلاحيتن جو استعمال ڪيو وڃي ھا ۽ کيس ڀرپور فوجي مدد ۽ ساز ۽ سامان فراھم ڪيو وڃي ھا ته شايد ھو بُديل وانگيان محمد بن قاسم کي به مات ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ھا ۽ تاريخ جو رخ بدلجي وڃي ھا. ان جي برخلاف حملي آور کي ڍر ڏني وئي جنھن سان ھن جي ڪاميابي وڌندي وئي. چچ نامي اندر موجود ھڪ خط جي ذريعي، جيڪو حجاج کي لکيو ويو ھو، اھو معلوم ٿئي ٿو ته سيسم ۽ ٻڌيه محل وقوع جي لحاظ کان سنڌ جي راڄڌاني اروڙ جي سامھون درياءَ جي الھندي ڪپ واري علائقي ۾ ھئا جنھن مان اھو اندازو ٿئي ٿو ته راجا ڏاھر جي ڍر ۽ ناقص دفاعي صورتحال باعث درياءَ پار ڪرڻ کان اڳ محمد بن قاسم مڪران سميت سنڌو درياءَ جي الھندي ڪپ واري سڄي علائقي کي بغير ڪنھن خاص مزاحمت جي مطيع ڪري چڪو ھو. ان سڄي علائقي ۾ ٻڌمت جي مڃيندڙن جو گھڻو تعداد ھو جيڪي اقتدار تي برھمڻ گھراڻي جي غاصبانه قبضي جي خلاف ھئا، تنھنڪري ھنن حملي آور عربن سان صلح جا معاھدا ڪيا ۽ کين ھر طرح جون سھولتون فراھم ڪيون. ان ڳالھه جي ثابتي نيرون، سيوستان ۽ ٻڌيه جي شمنين جي ڪيل معاھدن ۽ سيوستان مان جتن جي چئن ھزار جوانن جي محمد بن قاسم سان شموليت مان معلوم ٿئي ٿي. اشرافيه اندر موڪي ۽ راسل جھڙا ماڻھو حڪومت کي ڪمزور ڪري رھيا ھئا. ڇاڪاڻ ته حڪومت سندن معاشي ۽ جاني مفاد ۽ سلامتيءَ جي لاءِ ڪجھه به نه ڪري رھي ھئي. نتيجي طور محمد بن قاسم اڌ ملڪ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي نفسياتي برتري حاصل ڪري چڪو ھو ۽ سندس ڌاڪ قائم ٿي چڪي ھئي.
جيسينه جي شخصيت جو ھڪ مضبوط رخ سندس اٽل ارادو ھو. ھو ناڪامين جي سامھون مايوس ٿي ويھڻ وارو ماڻھو نه ھو بلڪه ھو لاڳيتي جدوجھد جو قائل ھو. راجا ڏاھر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ جيسينه اروڙ جي قلعي ۾ وڃي قلعي بند ٿيو ۽ اتان جنگ جوٽڻ جو ارادو ڪيائين مگر وزيرن مشيرن سان صلاح مشوري بعد اھو فيصلو ٿيو ته فوجي نقطهءِ نظر کان اروڙ جي بدران برھمڻ آباد منجھان مزاحمت جاري رکي وڃي. برھمڻ آباد پھچي جيسينه لڙائي جي تياري ۽ ضروري بندوبست ڪندي اروڙ ۾ پنھنجي ڀاءُ گوپي، ڀاٽيه ۾ پنھنجي ڀائٽي چچ پٽ ڏھرسينه ۽ ٻڌيه ۾ پنھنجي سئوٽ ڍول پٽ چندر ڏي خط لکي ڏاھر جي مارجي وڃڻ جو اطلاع ڏنو ۽ لڙائي لاءِ تيار ٿي ويٺو. ڪجھه عرصي ۾ محمد بن قاسم به پنھنجي لشڪر ساڻ برھمڻ آباد پھتو. چچ نامي جي انگن اکرن مطابق 40,000 جنگي جوان ھئا، جيڪي صبح کان شام تائين قلعي جي ٻاھر اچي وڙھندا ھا ۽ شام ڌاري واپس موٽي ويندا ھئا. اھڙي طرح ڇھن مھينن تائين جيسينه جنگ کي جاري رکيو. ممڪن آھي ته چچ نامي اندر وڌاءُ ڪيو ويو ھجي مگر بلاذري به اھا ڳالھه ڪئي آھي ته سنڌ جا ويڙھاڪ برھمڻ آباد ۾ گڏ ٿيا ھا ۽ وڏي مزاحمت ٿي ھئي پر آخرڪار عربن اھو قلعو پنھنجي ٻل تي فتح ڪيو ھو. بلاذري لکي ٿو ته اتي 8,000 ماڻھو ماريا ويا ھئا ۽ ھڪ متبادل بيان مطابق ھن 26,000 ماڻھن جي مارجڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. (2). جيڪڏهن پوئين انگن تي اعتبار ڪيو وڃي ته پوءِ چچ نامي جو انگ ممڪن به ٿي سگھي ٿو. عرب مورخ ڇھن مھينن تائين جنگ جاري رھڻ جي ڳالھه ڪونه ٿا لکن، پر خليفه ابن خياط ايترو ٻڌايو آھي ته محمد بن قاسم ان شھر جو گھيرو ضرور ڪيو ھو ۽ آخرڪار قلعو فتح ڪيو ھو. (3). بھرحال ان ڳالھه جي تصديق ٿئي ٿي ته برھمڻ آباد ۾ خاصي مزاحمت ڏيکاري وئي ھئي جنھن ۾ جيسينه جو ڀرپور ڪردار ھو.
برھمڻ آباد جي ڊگھي لڙائي دوران ڪافي جاني نقصان ٿيو ۽ بيشمار فوجي مارجي ويا ۽ ٻئي طرف ملڪ جي اشرافيه آھستي آھستي عربن جي پاسي ٿيندي وئي. ان جو ھڪ مثال ڏاھر جو وزير سياڪر ھو جنھن جيسينه کي برھمڻ آباد ھلي مقابلو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ھو سو به امان گھري محمد بن قاسم سان ڳنڍجي ويو جنھن کيس ملڪ جو انتظام ھلائڻ جو ڪم جاري رکڻ جو ڪم سونپيو. ان صورتحال ۾ جنگ کي گھڻي دير جاري رکڻ ڏکيو ٿي ويو ھوندو، تنھنڪري جيسينه مناسب سمجھيو ھوندو ته وقتي طور تي پسپائي اختيار ڪري پاڙيسري ملڪن کان مدد وٺي ڀرپور تياريءَ سان ڪنھن چڱي وقت ۾ ٻيھر جدوجھد کي جاري ڪجي. اھو سوچي ھو پنھنجي ساٿين سميت پھريان ڀاٽيه ۽ پوءِ چترور جي طرف نڪري ويو. ٿوري عرصي ۾ سندس ڀائر گوپي ۽ وڪيو به اتي وڃي پھتا. ٿوري عرصي بعد سن 96 ھجري ۾ خليفو وليد بن عبدالملڪ وفات ڪري ويو ۽ سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ خلافت جي مسند تي ويٺو. ھن صالح بن عبدالرحمان کي عراق جو گورنر مقرر ڪيو ۽ ثقفي خاندان جي ماڻھن کي گرفتار ڪري سندن احتساب ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. صالح، يزيد بن ابو ڪبشه کي سنڌ جو گورنر متعين ڪيو ۽ محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري واپس گھرايو ويو. محمد بن قاسم جي معزوليءَ سان چچ نامي جو ماخذ پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ٿو. ان کان اڳتي جي معلومات اسان کي عرب ماخذن منجھان ملي ٿي. يزيد بن ابو ڪبشه جو سنڌ پھچڻ بعد 18 ڏينھن اندر انتقال ٿي ويو. خليفي سليمان سنڌ جي واڳ حبيب ابن مھلب جي ھٿن ۾ ڏني. ان منزل تي بلاذري بيان ڪري ٿو ته ھند سنڌ جا راجا جن کي محمد بن قاسم ڀڄائي ڪڍيو ھو سي واپس پنھنجن ملڪن ۾ اچي ويا ھئا ۽ جيسينه پٽ ڏاھر به برھمڻ آباد تي قبضو ڪري قلعي بند ٿي چڪو ھو. ھن اھو به واضح ڪيو آھي ته حبيب پنھنجا مورچا درياھ جي ڪپن تي قائم ڪيا ۽ اتان جنگيون جاري رکيون.
(4) يعقوبي به ان ڳالھه جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته سنڌ ۾ صورتحال وڳوڙي ٿي چڪي ھئي ڇاڪاڻ جو جيڪي سپاھي محمد بن قاسم سان گڏ ھئا سي ڇانوڻيون ڇڏي پنھنجي علائقن ڏانھن ڪوچ ڪري ويا ھئا. خليفي حبيب ابن مھلب کي سنڌ موڪليو جنھن مخالفن سان ڪافي جنگيون ڪيون جيڪي درياھ جي ھن ڀر قابض ٿي چڪا ھئا (5). جيتوڻيڪ عرب تاريخن ۾ ان زماني جي باري ۾ ڪي گھڻا تفصيل نٿا ملن مگر بلاذري ۽ يعقوبي جي بيانن تي غور ڪندي اھو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته عرب درياھ جي الھندي ڪناري وارن علائقن تي قابض ھئا ۽ جيسينه درياهه جي اڀرندي پاسي پنھنجو قبضو ڄمايو ويٺو ھو. وقت بوقت ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ جھڙپون ٿينديون رھيون ۽ ٻئي ڌريون پنھنجي پنھنجي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رھيون. اھا حالت تيستائين جاري رھي جيستائين سن 99 ھجري ۾ سليمان بن عبدالملڪ جي وفات ٿي ۽ خلافت جو منصب عمر بن عبدالعزيز کي مليو. عمر بن عبدالعزيز جو دور اسلامي تاريخ جو ھڪ روشن باب رھيو آھي. ھو بنو اميه جي روايتي فتوحاتي ۽ جھادي سلسلي کي چڱو ڪونه سمجھندو ھو ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي صرف مال غنيمت ڪٺو ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ھئي ۽ غير مسلم آباديءَ کي يا ته جبري طور مسلمان ڪيو ويندو ھو يا زبردستي خراج وصول ڪيو ويندو ھو جنھن سان اسلام جي ڪا خاص خدمت نه ٿي رھي ھئي. ان کان علاوہ مسلم گورنر ۽ فوجون مال غنيمت گھڻو پاڻ ڦٻائي رھيا ھئا ۽ ٿورو بيت المال ۾ جمع ڪري رھيا ھئا. انھن معاملن کي ذھن ۾ رکندي ھن فتوحات جي سلسلي ۾ ٿيندڙ نيون پيشقدميون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ حڪم جاري ڪيائن ته جيڪي علائقا اڳ فتح ٿي چڪا آھن انھن جون دفاعي ۽ فلاحي حالتون بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. بلاذري بيان ڪري ٿو ته ھن غير مسلم بادشاھن کي خط لکي کين اسلام جي دعوت ڏني ۽ پنھنجي رعايا ٿيڻ جي آڇ ڏني جنھن لاءِ اھا ضمانت ڏني وئي ته ھو پنھنجي پنھنجي رياستن تي پاڻ آزاداڻه حڪومت ڪري سگھندا ۽ انھن تي اھي ساڳيا حق ۽ فرض لاڳو ٿيندا جيڪي مسلمانن کي حاصل ھئا. خليفي جي پنھنجي ذاتي زندگي، شخصيت، سندس پرھيزگاري ۽ مذھبي روش جي متعلق ماڻھن کي چڱي ڄاڻ حاصل ٿي چڪي ھئي تنھنڪري جيسينه ۽ ٻين راجائن اسلام قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنھنجا پراڻا نالا مٽائي اسلامي نالا اختيار ڪيا (6). عمر ابن مسلم الباھليءَ کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو جيڪو ان منصب تي عمر بن عبدالعزيز جي دور خلافت تائين قائم رھيو.
عمر بن عبدالعزيز سن 101 ھجري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ خلافت يزيد بن عبدالملڪ جي نانءُ ٿي. سندس وفات ۽ 105 ھجري ۾ ھشام بن عبدالملڪ جي خلافت شروع ٿيڻ تائين عرب تاريخون ان زماني ۾ ڪنھن وڳوڙي صورتحال جو اشارو نٿيون ڏين تنھنڪري اھو نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو ته ان عرصي ۾ حالتون پرامن رھيون ۽ جيسينه پنھنجي زير تسلط علائقي ۾ حڪومت ڪندو رھيو، جيڪي علائقا ھن عربن سان عھد نامي مطابق سنڀاليا تن ۾ پراڻي نوابشاھ ضلعي جو اڀرندو پاسو، سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا شامل ھئا، ليڪن ياد رھي ته سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جتي ھن وقت وسيع ريگستان نظر اچن ٿا سي ان زماني ۾ سرسبز ۽ آباد علائقا ھئا. (7) سن 103 ھجري ۾ عراق جي گورنر عمر ابن هبيره الفزاري، جنيد بن عبدالرحمان المُري کي سنڌ جي سرحدي علائقي تي نگران مقرر ڪيو. مسند خلافت جڏھن ھشام بن عبدالملڪ جي حوالي ٿي ته جنيد کي سنڌ جو گورنر بنايو ويو. ھشام جي زماني ۾ جھادي سلسلو جيڪو عمر بن عبدالعزيز جي زماني کان ڍرو ھو سو ھڪ دفعو ٻيھر نئين زور، شور ۽ آب تاب سان شروع ڪيو ويو. ھندستان به انھن علائقن ۾ شامل ھو جن لاءِ فتحن واريون مھمون تيار ٿيون. ان پس منظر کي ڏسندي اھو امڪان نظر اچي ٿو ته ھشام طرفان جنيد کي اھڙيون ھدايتون مليون جنھن تحت سنڌو درياھ جي اڀرندي علائقي تي قبضو ضروري سمجھيو ويو ڇاڪاڻ ته اتي قبضي کان سواءِ ھندستان اندر پيشقدميون ڪرڻ مشڪل ھو. جنيد ديبل پھتو ۽ درياھ پار ڪرڻ جو ارادو ڪيائين مگر جيسينه کيس ان جي اجازت ۽ موقعو فراھم نه ڪيو. بلاذريءَ جي بيان موجب ھن جنيد کي پيغام موڪليو ته مون اسلام قبول ڪيو آھي ۽ ھڪ ايماندار شخص (يعني خليفي عمر بن عبدالعزيز) ھن ملڪ جي حڪومت منھنجي ھٿن ۾ ڏني هئي، پر مون کي تنھنجي ذات تي ڪو اعتبار ڪونھي. خراج جي معاملي تي ٻنھي ڌرين ھڪٻئي کي پنھنجون پنھنجون ضمانتون پيش ڪيون مگر بعد ۾ ٻئي ڌريون ان تان ڦري ويون. جيسينه اسلام ترڪ ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. بلاذري ھڪ ٻي متبادل روايت به پيش ڪري ٿو جنھن موجب ڪجھه ٻين راوين جو چوڻ ھو ته جيسينه جھڳڙو شروع نه ڪيو ھو بلڪه جنيد اڳرائي ڪري حملو ڪيو ھو. جيسينه ھندستان جي طرف وڃي فوجي مدد حاصل ڪئي، بحري ٻيڙا ھٿ ڪيا ۽ جنگ جي ڀرپور تياري سان واپس آيو. جنيد به پنھنجي ڀرپور تياريءَ سان سامھون ٿيو ۽ ھڪ سخت بحري لڙائي ٿيندي رھي مگر آخرڪار جيسينه کي گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو. سندس ڀاءُ چچ پٽ ڏاھر ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن عراق وڃي خليفي سان جنيد جي معاھدي جي خلاف ورزي ۽ زيادتيءَ جو احوال ڪري پر جنيد ھن کي به دغابازيءَ ۽ چالاڪي سان پڪڙي قتل ڪري ڇڏيو. (8)
ھشام جي خلافت 20 سالن تائين برقرار رھي. سندس زماني ۾ ھلندڙ فتوحاتي سلسلي ۽ ٻن سالن تائين اوڀر ھندستان ۾ جنيد جي بيشمار حملن ۽ پيشقدمين کي نظر ۾ رکندي بلاذريءَ جي متبادل روايت تي اعتبار ڪرڻ ئي مناسب لڳي ٿو. يعقوبي ھندستان اندر جنيد جي حملن ۽ ان جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل بي پناهه مال غنيمت ۽ غلامن جي وڏي تعداد جو تفصيل سان ذڪر ڪري ٿو مگر سنڌ اندر جيسينه سان سندس جھڙپن ۽ جنگين بابت خاموشي نظر اچي ٿي. (9) معروضي حالتن جي مطالعي مان اھوئي نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته ھشام ۽ جنيد ڄاڻي ٻجھي جيسينه سان ٿيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪري اڳرائي ڪئي ھوندي ته جيئن گجرات، راجسٿان ۽ وچ ھندستان تي ڪاھ ڪرڻ جو رستو صاف ٿي سگھي.
جيسينه جي متعلق مٿي ڏنل تفصيل منجھان جيڪا تصوير جڙي ٿي ان مطابق جيسينه سنڌ ڌرتي جو ھڪ جوڌو جوان ھو جنھن جي سورھيائي، حڪمت عملي ۽ قائداڻي صلاحيتن جو جيڪڏھن ابتدا کان ئي استعمال ڪيو وڃي ھا ته ھن خطي جي تاريخ مختلف ڍنگ سان اڳتي وڌي سگھي ھا. اسلامي سلطنت جي يلغار کي حتمي طور روڪڻ ته شايد ناممڪن ھو مگر ڪجھه عرصي لاءِ عربن جي ديدہ دليريءَ کي ٻنجو ڏئي سگھجي ھا ۽ تاريخ جو رخ بدلائي سگھجي ھا. جيسينه سڄي زندگي ڌرتي ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ آخرڪار ان راھ ۾ پنھنجي جان نثار ڪري پاڻ کي سنڌ جي سورمن ۽ شھيدن جي قطار ۾ شامل ڪري ويو.
حوالا : (1) فتوح البلدان، بلاذري، انگريزي ترجمو (ص 215-16)، (2) فتوح البلدان، بلاذري (ص 221)، (3) تاريخ خليفه ابن خياط، انگريزي ترجمو (ص177)، (4) فتوح البلدان، بلاذري (ص 225)، (5) تاريخ يعقوبي، انگريزي ترجمو (ص 1008)، (6) فتوح البلدان، بلاذري (ص 225)، (7) تاريخ سنڌ، عرب دور، ممتاز پٺاڻ (ص 207)، (8) فتوح البلدان، بلاذري (ص 226)، (9) تاريخ يعقوبي (ص 1033-35).
ڪتاب : فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو، سنڌيڪار مخدوم امير احمد، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2011.
(2) Murgotten, F. C, The Origins of the Islamic State, a translation of Kitab Futuh Al- Buldan of Al-Baladhuri, Part II Cumbia University,New York, 1924.
(3) The Works of Ibn Wadih al-Yaqubi, an English translation, Vol. 3, Brill Leiden, 2018.
(4) Carl Wurrzel, Khalifa Ibn Khayyat’s History on the Umayyad Dynasty, Liverpool University Press, 2015.
(5) Dr. Mumtaz Hussain Pathan, Sind, Arab Period, History of Sind Series Vol. III, Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1978.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟