فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سياسي شعبي جو سربراھ اسماعيل هانيه ايران جي گاديءَ جي هنڌ تهران ۾ هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو. حماس موجب هانيه ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود هو، جتي کيس نشانو بڻايو ويو. هو حماس جو سياسي سربراھ هو ۽ 2006 ۾ وزيراعظم به رهيو. ايران جي پاسداران انقلاب، خبر رسائيندڙ اداري ارنا ۽ حماس به اعلان ڪيو آهي ته فلسطيني گروپ حماس جي سياسي سربراھ اسماعيل هانيه ۽ سندس هڪ محافظ کي تهران ۾ سندس رهائشگاھ ۾ شهيد ڪيو ويو آهي. خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي موجب ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته واقعي جو ڪارڻ فوري طور واضح ناهي پر ان مامري جي جاچ ڪئي پئي وڃي.