مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تخليق، تاثر، اثر پذيري ۽ ادبي چوري!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ادبَ جي تاريخ ۾ شايدُ سڀ کان پيچيده، سڀ کان وڌيڪ تڪراري ۽ سڀ کان گهرَو سوال ھي رهيو آهي ته تخليق آخر ڪٿان جنمَ وٺي ٿي؟ ڇا شاعر يا اديب هڪ مڪمل نئين جهان جو خالق هوندو آهي؟ يا هو اڳينَ صدينَ جي خيالن، احساسن، استعارن، داستانن ۽ فڪري روايتن مان پنهنجو مواد کڻي ان کي نئين صورت ڏيندو آهي؟ جڏهن ڪو شاعر ڪنهن پراڻي تشبيهه جي پاڇي هيٺ نئون شعر لکي ٿو، جڏهن ڪو ناول نگار ڪنهن اڳِين ڪهاڻيءَ جي ڍانچي کي نئين نفسياتي يا سماجي شُعور سان ٻيهر ترتيب ڏئي ٿو، جڏهن ڪو مفڪر ڪنهن پراڻي فلسفي کي نئين دور جي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو، تڏهن سوال اڀري ٿو، ڇا اِھو ادبي چوري آهي؟ يا انساني فڪر جو تسلسل؟ ڇا تاثر وٺڻ چوري آهي يا تخليق جو لازمي مرحلو آھي؟ هي سوال ايترو سادو ناهي، جيترو عام ادبي بحث مباحثن ۾ اڪلايو ويندو آهي. ادب جي دنيا ۾ “اصل” ۽ “نقل” جي وچ واري سرحد ڪا سڌي ليڪ ناهي. اِها هڪ اهڙي ڌُنڌ آهي، جنهن ۾ صدين جا شاعر، نقاد، فلسفي ۽ مفڪر ڀٽڪندا رهيا آهن. دنيا جي هر وڏي ادب هن سوال سان مهاڏو اٽڪايو آهي. يوناني ادب کان وٺي جديديت، مابعد جديديت، عربي تنقيد، فارسي روايت، يورپي فلسفي، روسي ناول، لاطيني آمريڪي جادوئي حقيقت نگاري ۽ سنڌي صوفي شاعري تائين، هر هنڌ اهو سوال پنهنجي مختلف صورتن ۾ موجود رهيو آهي. قديم يونان ۾ جڏهن رزميه شاعري پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن به “اصل تخليق” جو تصور ايترو لامحدود نه هو، جيترو اڄ جي دور ۾ ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا. Homer جي رزِميه شاعري “Iliad” ۽ “Odyssey” انساني تاريخ جي سڀ کان وڏين تخليقن مان شمار ٿئي ٿي، پر اِهي به مڪمل طور تي “ايجاد ٿيل” نه هُيون. انهن ۾ يُوناني لوڪَ روايتن، جنگي داستانن، مذهبي عقيدن ۽ صدين تائين زباني منتقل ٿيندڙ ڪهاڻين جو وڏو حصو شامل هو. هُومرَ انهن روايتن کي صرف ترتيب نه ڏني ھُئي، هُن انهن ۾ انساني الميي، تقدير، غرور، محبت ۽ تباهيءَ جا اهڙا دائمي رنگَ ڀريا، جو اُهي قصا انساني تهذيب جون حَسين يادگيريون بڻجي ويا. جيڪڏهن صرف اڳِين داستاننَ مان مواد وٺڻ کي چوري چئجي ته پوءِ هُومر به چورَ هو، پر دنيا کيس تخليق جو پهريون وڏو معمار سمجهي ٿي، ڇو ته هِن ورتل مواد کي نئين روح ۾ تبديل ڪيو. ادب جي تاريخ ۾ هي عمل بار بار ورجائبو رهيو آهي. Virgil جڏهن “Aeneid” لکيو، تڏهن هن هُومر جي رزميه روايت کي رُومي قومي شُعور سان ملائي نئين قومي رزميه کي جنم ڏنو. ساڳيءَ ريت وچئين دور جي ادب ۾ مذهبي قصا، لوڪ داستان ۽ رزميه ڪهاڻُيون هڪٻئي کان اثر وٺنديون رهيون. يُورپ جي اڪثر رزميه ۽ عشقيه داستانن جا بنيادي ڍانچا هڪ جهڙا هئا، پر هر دور انهن کي پنهنجي فڪري ضرورتن موجب نئين معنيٰ ڏيندو رهيو. جڏهن William Shakespeare انگريزي ادب ۾ داخل ٿيو، تڏهن هن به تقريبن ڪو به ڊرامو “خالص” نئين پلاٽ سان نه لکيو ھو. “Hamlet”، “Macbeth”، “King Lear”، “Othello”، Romeo and Juliet”” اِھي سڀ اڳينَ قصن، تاريخي حوالن يا ٻين ليکڪن جي مواد مان متاثر هئا، پر شيڪسپيئر جو ڪمال هي هو ته هُن انساني نفسيات جي اهڙي تهه تائين رسائي حاصل ڪئي، جتي ورتل قصو به نئين ڪائنات بڻجي ويو. “Romeo and Juliet” جي بنيادي ڪهاڻي شيڪسپيئر کان اڳ به موجود هئي، پر محبت کي تقدير، سماج، ۽ موت جي اهڙي ٽڪراءَ ۾ بدلائڻ فقط شيڪسپيئر جو ھڪ بيمثال ڪم آھي. هيءَ ڳالهه ادب جي بنيادي سچائيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ته تخليق اڪثر “مواد” مان نه، پر “معنيٰ” مان جنم وٺندي آهي. ٻه شاعر ساڳي موضوع تي لکي سگهن ٿا، پر انهن جي داخلي باهه مختلف هوندي آهي. ساڳي ڪهاڻي مختلف هٿن ۾ مختلف جهان بڻجي ويندي آهي. ادب ۾ عظمت جو تعلق فقط “ڇا لکيو ويو؟” سان ناهي، پر “ڪيئن لکيو ويو؟” سان ئي آهي.
عربي ادب ۾ “سرقاتِ شعري” تي وڏا بحث موجود آهن. عباسي دور ۾ نقادن، شاعرن ۽ لُغت جي ماهرن وڏي سنجيدگيءَ سان اهو سوال کنيو ته ڪنهن شاعر جو خيال ٻئي شاعر کان متاثر هئڻ ڪهڙي حد تائين جائز آهي. ڪيترن شاعرن تي الزام لڳا ته هِنن اڳين شاعرن جون تشبيهُون، بحريُون، يا خيال کنيا، پر عرب نقادن هن مسئلي کي ھڪ گهري فڪري انداز ۾ ڏٺو. انهن چيو ته جيڪڏهن شاعر فقط لفظن جي معمولي تبديليءَ سان ساڳيو مطلب پيش ڪري ته اُهو ادبي چوري آهي، پر جيڪڏهن هُو پراڻي خيال کي نئين جمالياتي قوت سان نئين معنيٰ ڏئي، ته اُهو “اخذ” يا “توليد” آهي. يعني تخليق جو عمل اڳين فِڪر کي ٻيهر پيدا ڪرڻ جو عمل پُڻ آهي. فارسي ادب ۾ به اهو سلسلو گهڻو واضح آهي. مولانا رومي، حافظ شيرازي، سعدي ۽ عطار نيشاپوري سڀ هڪ ئي روحاني ۽ صوفي روايت جا حصا هئا. انهن وٽ عشق، فنا، وصال، هجرت، روح ۽ خدا جا موضوع بار بار اچن ٿا، پر هر شاعر انهن موضوعن کي پنهنجي روحاني تجربن ۽ داخلي موسيقيءَ سان نئين صورت ڏئي ٿو. روميءَ جو عشق، حافظ جي رندي، سعديءَ جي حڪمت ۽ عطار جي تمثيل، سڀ هڪ ئي فڪري زمين مان ڦُٽن ٿا، پر انهن جا گُل مختلف آهن. سنڌي ادب ۾ به اِهو سوال انتهائي اهم آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن سسئي، مارئي، مومل، نوري، ليلا يا سورٺ جهڙن ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو، تڏهن اُهي ڪهاڻيون نيون نه هيون. اِهي سنڌ جي لوڪ شعور ۾ صدين کان موجود هيون، پر شاهه لطيف انهن کي رڳو عشقيه قصا ڪھاڻيون نه رهڻ ڏنو! هُن انهن کي انساني روح جي علامتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سسئي فقط محبوب جي ڳولها ڪندڙ ڇوڪري نه رهي، هوءَ انساني روح جي ابدي تلاش بڻجي وئي. مارئي رڳو وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪندڙ عورت نه رهي؛ هوءَ ڌرتيءَ، سڃاڻپ ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي وئي. شاهه لطيف جو ڪمال قصي جي “اصل هجڻ” ۾ نه، پر ان جي “روحاني تبديلي” ۾ هو. هيءَ ڳالهه جديد تنقيد تائين اچي وڌيڪ گهري ٿي وڃي. T. S. Eliot پنهنجي مشهور مقالي “Tradition and the Individual Talent” ۾ لکيو ته ڪو به شاعر اڪيلو پيدا نٿو ٿئي، هر شاعر پنهنجي پٺيان بيٺل سموري ادبي روايت سان گڏ لکندو آهي. سندس خيال موجب نئون شاعر جڏهن لکندو آهي، تڏهن هُو صرف پنهنجو آواز پيدا نه ڪندو آهي، پر ماضيءَ جي ادب کي به نئين معنيٰ ڏيندو آهي. ادب هڪ مسلسل گفتگُو آهي، جتي ماضي ۽ حال هڪ ٻئي سان ڳالهائين ٿا. ساڳي طرح Harold Bloom پنهنجي نظريي “Anxiety of Influence” ۾ چيو ته هر وڏو شاعر پنهنجي اڳين شاعرن جي اثر هيٺ هوندو آهي، پر وڏو شاعر اُهو آهي، جيڪو انهيءَ اثر سان جنگ ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري سگهي. بلوم جي نظر ۾ ادب هڪ قسم جي نفسياتي جنگ آهي. نئون شاعر پراڻن وڏن شاعرن جي پاڇن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هُو انهن کان متاثر به هوندو آهي ۽ ساڳئي وقت انهن کان پاڻ کي آزاد به ڪرڻ چاهيندو آهي. جديديت کانپوءِ “Intertextuality” جو تصور آيو، جنهن کي Julia Kristeva گهڻي وضاحت سان بيان ڪيو. هُن چيو ته هر متن اصل ۾ ڪيترن متنن جو ميل هوندو آهي. ڪوبه ليکڪ خالي خلا ۾ نٿو لکي. هر لفظ جي پٺيان صدين جي زبان، ثقافت ۽ فڪر موجود هوندو آهي. مطلب ته “اصل” جو تصور پاڻ ئي مڪمل طور ممڪن ناهي. هر تخليق اڳين تخليقن سان ڳنڍيل هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو James Joyce پنهنجي ناول Ulysses ۾ هُومر جي “Odyssey” کي جديد شهري انسان جي داخلي سفر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت Jean Rhys “Wide Sargasso Sea” لکي Charlotte Brontë جي “Jane Eyre” کي نئين نوآبادياتي ۽ نسواني تناظر ۾ ٻيهر پڙهيو. دنيا جي ادب ۾ اهڙن مثالن جي ڪابه کوٽ ناهي، پر هتي هڪ انتهائي اهم فرق سمجهڻ ضروري آهي، اثر ۽ ادبي چوري ساڳي شيءِ ناهن. اثر تخليق جو فطري عمل آهي، جڏهن ته ادبي چوري تخليقي بي ايماني آهي. اثر ۾ ليکڪ ورتل شيءِ کي پنهنجي رُوح مان گذاري نئين شڪل ڏئي ٿو، چوري ۾ ليکڪ فقط ٻئي جي محنت تي پنهنجو نالو لکي ٿو. مثال طور: جيڪڏهن ڪو شاعر ڪنهن ٻئي شاعر جي داخلي فضا کان متاثر ٿي ساڳئي قسم جي اداس موسيقي پيدا ڪري ٿو ته اِهو لازمي طور چوري ناهي، پر جيڪڏهن هُو ساڳيون تشبيهون، ساڳي جملابندي، ساڳي خيال جي ترتيب ۽ ساڳيو لهجو تقريبن نقل ڪري ٿو، ته اُهو نج ادبي چوري آهي. تخليق جو اصل امتحان “تبديلي” ۾ آهي. جيڪڏهن ورتل شيءِ پنهنجي پراڻي چهري سان سڃاتي وڃي ٿي ته تخليق ناڪام ٿي وئي؛ پر جيڪڏهن اُها نئين روح ۾ تبديل ٿي وڃي ته پوءِ اِها نئين تخليق آهي. البرٽ ڪاميو، فرانز ڪافڪا، دوستووسڪي جي وچ ۾ فڪري رشتا موجود آهن. انهن سڀني وٽ انسان جي وجودي اڪيلائي، خوف ۽ بي مُعنويت جا سوال آهن، پر انهن مان هرهڪ جو جمالياتي جهان مختلف آهي. دوستووسڪيءَ جو رُوح مذهبي ۽ نفسياتي آهي، ڪافڪا جو جهان خواب ۽ ڊپ جو جهان آهي، جڏهن ته ڪاميو وٽ بغاوت ۽ بي معنويت جو فلسفو آهي. ساڳيا سوال مختلف تخليقي صورتن ۾ ظاهر ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ گهڻا ڀيرا “اثر” کي سمجهڻ بدران جذباتي رد عمل ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ٻه شاعر ساڳئي موضوع تي لکن ٿا يا ڪنهن هڪ جهڙي علامت جو استعمال ڪن ٿا ته فوري طور “چوري” جا الزام لڳڻ شروع ٿين ٿا. جڏهن ته عالمي ادب ۾ اهڙيون شيون روايت جي تسلسل طور ڏٺيون وينديون آهن. عشق، موت، اڪيلائي، هجرت، وڇوڙو، انقلاب ۽ ياد اِهي سڀ انساني تجربا آهن، جيڪي هر دور ۾ وري وري لکيا ويندا رهندا. سوال موضوع جو ناهي، سوال داخلي سچائيءَ ۽ فني قوت جو آهي. Jorge Luis Borges چيو ته هر ليکڪ اصل ۾ هڪ وڏي لائبريريءَ جو حصو آهي. سندس خيال ۾ ادب هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ صدين جا چهرا هڪٻئي سان ملي وڃن ٿا. بورخيس لاءِ “اصل” ۽ “نقل” جي وچ واري حد تقريبن وهم هئي. هُو سمجهندو هو ته انسان جي تخليق اجتماعي شعور مان پيدا ٿيندي آهي، پر انهيءَ فلسفي کي غلط نموني استعمال ڪرڻ به خطرناڪ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سڌو سنئون چوري ڪري پوءِ چوندا آهن ته “ادب ۾ سڀ ڪجهه هڪٻئي کان متاثر آهي.” نه ائين بلڪل ناهي. ادب ۾ اخلاقيات به موجود آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي جي تخليق کي تقريبن ساڳي صورت ۾ کڻي پنهنجو نالو هڻي ٿو ته اِهو هڪ عظيم تخليقي ڏوهه آهي. اثر ۽ ادبي چوري جي وچ ۾ فرق انتهائي اهم آهي. وڏو ليکڪ اثر کي جذب ڪري ان کي پنهنجي رت جو حصو بڻائي ڇڏيندو آهي. ننڍو ليکڪ اثر کي مٿاڇري تي نقل ڪندو آهي. وڏو شاعر جڏهن ڪنهن پراڻي استعاري کي استعمال ڪندو آهي ته اُهو استعارو نئين زندگي ماڻي وٺندو آهي، ننڍو شاعر ساڳئي استعاري کي مُرده لفظن وانگر ورجائيندو آهي. ادب جي تاريخ اصل ۾ انساني يادگيريءَ جي تاريخ آهي. هر نسل پنهنجي اڳينَ نسلن جي خوابن، ڏکن ۽ سوالن کي وري نئين زبان ۾ لکي ٿو. جيڪڏهن هر شاعر کان مڪمل نواڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته پوءِ شايد دنيا ۾ ڪابه وڏي تخليق باقي نه رهندي. ڇا عشق تي لکڻ بند ٿي وڃي؟ ڇا موت بابت سوچڻ ادبي چوري ٿي وڃي؟ ڇا صوفي شاعريءَ جا سڀ استعارا صرف پهرين شاعر تائين محدود ٿي وڃن؟ اصل تخليق “موضوع” ۾ ناهي، پر “روح” ۾ هوندي آهي ۽ شايد ادب بابت سڀ کان وڏي سچائي اِها آهي ته انسان مڪمل طور نئون ڪجهه پيدا ئي نٿو ڪري؛ هو پراڻي باهه مان نوان شعلا پيدا ڪري ٿو. تخليق دراصل انساني تهذيب جي مسلسل گفتگو آهي. هر شاعر پنهنجي اڳين شاعرن سان ڳالهائيندو آهي، انهن سان اختلاف ڪندو آهي، انهن کان سکندو به آهي، انهن کي رد به ڪندو آهي ۽ آخرڪار پنهنجي نئين آواز کي جنم به ڏيندو آهي. تنهنڪري تاثر کي زمين بڻائي شاعري يا نثر لکڻ هرگز لازمي طور چوري ناهي. گهڻين حالتن ۾ اِهو فڪر جو نئون جنم هوندو آهي، پر شرط اِهو آهي ته تخليقڪار وٽ پنهنجو درد، پنهنجو شعور، پنهنجي زبان ۽ پنهنجي داخلي سچائي موجود هجي. جتي اُهو سڀ ختم ٿي وڃي، اتي اثر آهستي آهستي ادبي چوري ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو