مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڇا سنڌ کي صرف “صوفين جي ڌرتي” طور دنيا آڏو پيش ڪرڻ سنڌ سان انصاف آهي؟

Wasiuddin Junejo ڪالم نگار

ايم.ايس.سي ( ڪيمسٽري)، رٽائرڊ ڊپٽي مينيجر (FFC)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جو وجود صديون آڳاٽو آهي، ڪجھه تاريخدانن موجب سنڌو ماٿري جي تاريخ 3000 کان 1500 سال قبل مسيح پراڻي آهي. سنڌ ھزارين سال اڳ کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، جتي وقت مطابق علم جا مرڪز موجود ھئا. موئن جي دڙي مان ملندڙ ٿانون، اوزارن، سازن ۽ ٻئي ٺڪر ۽ ڌاتن مان ٺھيل سامان مان اھا ثابتي ملي ٿي ته ھتان جا ماڻھو پٿر جي دور کان وٺي ٽامي جي دور جي ٽيڪنالاجيءَ تي به مھارت رکندا هئا. وڻج واپار ۾ به سنڌ جا رهاڪو دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ھلندا ھئا. موئن جو دڙو ۽ پراڻن قلعن جي تعمير اھو ظاھر ڪري ٿي ته انجنيئرنگ ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ سنڌ جا ماڻھو تمام گھڻا ماھر هئا. زراعت جي حوالي سان به انھن وٽ سٺي ڄاڻ ھوندي ھئي. مطلب ته انھيءَ دور ۾ به ھتان جي آبادي علم ۽ ھنر جي لحاظ کان دنيا جي ٻين تهذيبن جو مقابلو ڪندي ھئي. سنڌ جي خوشحاليءَ کي ڏسندي ھن جي مٿان مختلف وقتن تي ڪاھون ٿينديون رهيون. ڪڏھن سڪندر اعظم ته ڪڏھن دارا اول، ڪڏھن ارغونن ته ڪڏھن ترخانن ۽ ڪڏهن وري عربن سنڌ تي حملا ڪيا ۽ ھن کي لٽيندا ۽ ڦريندا رھيا. سنڌ جي پراڻن آثارن ۽ ماڳن مان ھٿيار نه مليا آھن، اھا ڳالھه اھو ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جا رھاڪو امن پسند ھئا ۽ جنگين کان پري رھڻ چاهيندا هئا يا انهن کي جنگين جي ضرورت ئي نه هئي. سنڌ صوفين جي اچڻ کان اڳ ئي امن پسند هئي سندن رت ۾ ئي امن شامل ھو. اھوئي سبب ھو جو ھر دور ۾ ٻاھرين حملي آورن سنڌ تي حملا پئي ڪيا جنھن جو سنڌ کي تمام گهڻو نقصان رسيو، پر سنڌين صبر کان ڪم ورتو.
مؤرخن مطابق صوفي ازم جي ابتدا دنيا ۾ 2 صدي هجريءَ کان پوءِ ٿي. فرانس جي تاريخ ۽ علم بشريات جي ماھر ڊاڪٽر مائيڪل بوئيون مطابق سنڌ ۾ حاجي تراب نالي پھريون صوفي 9 صدي هجري ۾ آيو (روزاني ڊان 25 سيپٽمبر 2013 ). ان کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيترائي صوفي آيا جيڪي مذھب، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام عوام تائين پھچائيندا رھيا. سنڌ جي مشھور صوفين جتي اسلامي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي اتي ڪجھه صوفي اھڙا به ھئا جن ڌرتي ۽ عوام جي حقن جي ڳالھه پڻ ڪئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ عورتن جي خود مختياريءَ بابت ڳالھه ڪئي ته شاهه عنايت شھيد غريبن جي حقن لاءِ “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو ھنيو. مخدوم بلاول شھيد ڌرتيءَ تي حملا آورن خلاف تحريڪ ھلائي ته سچل سرمست “ھفت زبان شاعر” بڻجي پنھنجي علم جو اظھار ڪيو. مطلب ته سنڌ جا صوفي صرف صوفي نه ھئا، پر اھي قوم پرست ۽ زماني شناس پڻ ھئا، پر سنڌ واسين سندن اھڙين خوبين کي اجاڳر نه ڪيو. صوفي بزرگن سان گڏ سنڌ ناليوارا محقق، تاريخدان، عالم، شاعر، هنرمند، انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ سائنسدان به پيدا ڪري چڪي آھي جن جو انگ تمام گھڻو آھي. انھن جي علم مان نه صرف سنڌ، پر سڄي دنيا فائدو حاصل ڪري رهي آهي. ھن پسمنظر ۾ سنڌ کي صرف صوفين جي ڌرتي طور پيش ڪرڻ سنڌ سان سراسر وڏي ناانصافي آھي. سنڌ واسي سنڌ کي صوفين ۽ امن پسند قوم جي ڌرتي طور پيش ڪري سنڌ کي ڪافي نقصان پھچائي چڪا آهن. اھوئي سبب آهي جو موجوده دور ۾ به سنڌ طرف لڏپلاڻ جاري آھي، جيڪا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري رھي آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته سنڌي قوم پنھنجا حق وٺڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ۽ پاڻ کي ھڪ مھذب ۽ پڙھيل لکيل قوم طور دنيا جي آڏو پيش ڪري. گڏوگڏ دنيا کي اھو به ٻڌائي ته بيشڪ اسان امن پسند آھيون، پر ان سان گڏ پنھنجي ڌرتيءَ جي حفاظت پڻ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اھو سڀ ڪجھه ڪرڻ لاءِ اسان کي تعليم طرف گھڻو ڌيان ڏيڻو پوندو، قبائلي تڪرارن کي ختم ڪري ھڪ ٿيڻو پوندو ۽ صنفي اڻبرابريءَ کي ٻنجو ڏيڻو پوندو. حڪومت کي پڻ ھن ڏس ۾ سخت قدم کڻڻا پوندا جن ۾ جعلي شناختي ڪارڊن ۽ ڊوميسائيل ٺاھڻ ۽ ٺهرائڻ وارن تي ۽ ٻاھران لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ اچي ملڪيتون وٺڻ وارن تي ڪڙي نظر رکڻ شامل آھي. حڪومت کي معياري تعليم لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇائڻو پوندو جتي قابل عملي جي تعيناتي صرف ۽ صرف قابليت جي بنياد تي ڪئي وڃي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پڻ ھن ڏس ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ دنيا کي اھو ٻڌائڻو پوندو ته سنڌ جي ڌرتي صوفين سان گڏ پڙھيل ڳڙھيل، ھنرمندن ۽ قابل ۽ سجاڳ سنڌين جي ڌرتي آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن تي آئيني اختيار بابت به ڄاڻن ٿا، اهي مهذب آهن ۽ مهذب طريقن سان پنهنجن حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا. کين هاڻي صرف صوفيءَ جي نالي تي وڌيڪ بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو