مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايران – آمريڪا جنگ ۽ امن معاهدو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سياست ۽ جنگ جي ميدان ۾ تباهي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، پر هن ڀيري هيءَ ڇڪتاڻ صرف پروڪسي جنگ تائين محدود ناهي، بلڪه هڪ خوفناڪ سڌي جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جيڪا سڌي هٿياربند لڙائي هلي آهي، تنهن عالمي امن کي اڻڄاتل تباهي جي کڏ ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. هيءَ جنگ رڳو ٻن ملڪن تائين محدود ناهي رهي، پر ان پوري خطي، عالمي معيشت ۽ انساني زندگين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هن هاڻوڪي جنگ جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن گڏيل قومن جي سفارتي ڪوششن جي باوجود، آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران جي فوجي ۽ سرڪاري اڏن تي اچانڪ سوين ميزائل حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ ايران جي سڀ کان وڏي قيادت سميت ڪيتريون ئي اهم شخصيتون مارجي ويون. ان کانپوءِ ايران پاران به تاريخ جو سڀ کان سخت رد عمل سامهون آيو. ايران نه صرف اسرائيل ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي سوين بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون اڇلايا، پر پنهنجي سڀ کان وڏي هٿيار يعني “هرمز واري لنگهه” کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪري ڇڏيو. هرمز جي لنگهه بند ٿيڻ سان پوري دنيا ۾ تيل ۽ گئس جو بحران پيدا ٿي ويو، جنهن عالمي معيشت جي چيلهه ٻڌي ڇڏي ۽ سپر پاور ملڪن کي به گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان جنگ مان پناهگيرن جي هڪ نئين بحران جنم ورتو آهي، جتي لکين انسان پنهنجا گهر ڇڏي دربدر ٿي ويا آهن. جنگ جي ميدان ۾ لڳندڙ باهه کانپوءِ، هاڻي سفارتڪاريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏي مٽاسٽا ۽ ڇڪتاڻ جاري آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر پاران ڪيترائي ڀيرا سخت بيان سامهون آيا آهن، جن ۾ هن هرمز واري لنگهه تي قبضي ڪرڻ ۽ ايران کي ٻيهر نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، پر ٻئي طرف جنگ جي وڏي اقتصادي تباهي کان بچڻ لاءِ پردي پويان ڳالهيون به تيز ٿي ويون آهن. تازو ئي، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سوئٽزرلينڊ جي رزورٽ برگن اسٽاڪ ۾ 60 ڏينهن جي عارضي جنگ بندي جو معاهدو طئي ٿي چڪو آهي. ايران هن معاهدي ۾ پنهنجي منجمد ٿيل اربين ڊالرن جي اثاثن جي بحالي ۽ تيل تي لڳل پابنديون ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، ان کان علاوه آمريڪا ۽ ايران ٻئي ايران جي ايٽمي يورينيم افزودگيءَ واري پروگرام تي ٻيهر بين الاقوامي انسپيڪشن لاڳو ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن. هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڏو، اهم ۽ مثبت ڪردار پاڪستان جو رهيو آهي. پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حيثيت، ايران سان لڳ ڀڳ 900 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد هجڻ ۽ آمريڪا سان تاريخي لاڳاپن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نازڪ پوزيشن تي هو. تنهنڪري، اسلام آباد پنهنجي روايتي غير جانبداري واري اصول تي مضبوطيءَ سان قائم رهندي پنهنجي سر زمين کي ڪنهن به جنگي مقصد لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا جي اعليٰ سطحي وفدن ۾ پاڪستان ۽ قطر ثالث طور موجود هئا. پاڪستاني سفارتڪارن ٻنهي ملڪن جي قيادت کي هڪ ميز تي آڻڻ لاءِ ڏينهن رات بيڪ چينل رابطا ڪيا. ٻنهي ملڪن جي ڪوششن سان هڪ “هائي ليول جوائنٽ ڪميٽي” قائم ڪئي وئي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته هرمز جي واري لنگهه ۾ بحري آمدورفت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي نگرانيءَ ۾ هڪ سڌو سنئون هاٽ لائين رابطو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن مان سڄي دنيا کي اها اميد آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر وري سڄي دنيا امن ۽ سلامتي سان پنهنجي توانائي جون ضرورتون هرمز واري لنگهه مان پوريون ڪندي. پاڪستان جي هن امن پسند ڪردار اهو ثابت ڪيو آهي ته اسلام آباد خطي ۾ ڪنهن به بلاڪ جو حصو بڻجڻ بدران صرف امن جو ڀائيوار آهي ۽ هن معاهدي پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ اعتبار جوڳو ملڪ بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. هن معاهدي ٿيڻ کان اڳ ڪيتريون ئي رڪاوٽون به پيدا ٿيون، پر پاڪستان ۽ قطر آخري گهڙي تائين پنهنجين مثبت سفارتي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن کي معاهدو ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪري ورتو. ايران-آمريڪا هاڻوڪي جنگ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دور جديد ۾ جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ۽ آخر ٻن مخالف ملڪن کي جنگ بدران نيٺ ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو. پاڪستان پنهنجي مثبت ڪردار سان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هي عبوري معاهدو ڪرائي دنيا کي اهو پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ ان جي اندر اها سفارتي قابليت آهي جنهن دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي خطري کان ٻاهر ڪڍيو آهي. جنهن جي لاءِ سڄي دنيا پاڪستان جي شڪرگذار نظر اچي ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو