ايران جي مزاحمت آمريڪي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو
ڪنهن به رياست جي حيثيت ھڪ گھر وانگر ھوندي آھي. جيڪڏھن گهر جي فردن وچ ۾ اختلاف ٿين ٿا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي بنيادي ذميواري انهن گھر ڀاتين تي لاڳو ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪو ٻاھريون ماڻهو اھا دعويٰ ڪري ٿو ته ھو ان گهر جا معاملا درست ڪندو ته اهي مسئلا گهٽجڻ بجاءِ وڌيڪ پيچيده ٿي سگهن ٿا. اھوئي اصول رياستن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڪنهن ملڪ جي سياسي نظام، حڪومت يا داخلي مسئلن تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر ٻاھرين فوجي مداخلت يا جنگ کي انھن مسئلن جي حل طور پيش ڪرڻ ھميشه تباھ ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. ماضيءَ جا قصا نه به ڇيڙيون تڏهن به عراق، افغانستان، شام، لبيا جا مثال اسان جي آڏو آھن، جتي فوجي مداخلت کانپوءِ استحڪام، خوشحالي ۽ امن بجاءِ عدم استحڪام، گهرو ويڙهه ۽ سماجي ڏڦير جنم ورتو. ايران جي باري ۾ به موقف انھيءَ اصول تي ٻڌل آهي. ايراني حڪومت جي ھر پاليسي سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي، نه ئي اھا دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته اُتي مسئلا موجود ناهن. ڇا مسئلا اسان وٽ گهٽ آهن؟ يا آمريڪا ۾ نه آھن؟ ايران جھڙي قديم تھذيب جي سياسي مستقبل جو فيصلو ايراني عوام کي ئي ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ٻاهرين طاقتن ۽ قوتن کي. ايران گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان سخت اقتصادي پابندين ۽ سياسي دٻاءُ کي منهن ڏنو آهي. انهن حالتن جي باوجود ان تعليم، صحت، سائنس ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. عورتن به، خاص طور مھسا امين جي موت کانپوءِ، پنهنجي حقن جي لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي آهي ۽ ايراني معاشري ۾ حيرت انگيز تبديلين کي جنم ڏنو آهي. اڄ تھران جي رستن تي ايراني عورتون بنا اسڪارف ئي نه، پر مڪمل مغربي لباس ۾ کلي عام گھمندي ڦرندي نظر اچن ٿيون جنهن جو تصور پاڪستان جي ڪنهن شھر (ڪراچي تائين) ۾ نٿو ڪري سگهجي. ھڪ اندازي موجب 9 کان 10 سيڪڙو عورتون ٽيڪسي ھلائين ٿيون. ڇا پاڪستاني عورتون تصور ڪري سگهن ٿيون ته اهي ٽيڪسي ڊرائيونگ ڪري پنهنجو روزگار حاصل ڪن؟ ان ڪري ڪيترائي ايراني، چاھي اُهي پنهنجي حڪومت جا نقاد ئي ڇو نه ھجن، ٻاھرين مداخلت کي پنهنجن مسئلن جو حل نٿا سمجهن. مزاحمت جو تصور به انھيءَ پسمنظر ۾ ڏسڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪابه قوم اھو محسوس ڪري ٿي ته ان جي خود مختياري يا سلامتي خطري ۾ آهي ته اھا مزاحمت کي پنهنجي دفاع جو حق سمجهي سگهي ٿي. ايراني حڪومت ۽ قوم جي مزاحمت جي ئي بدولت ٽرمپ جھڙو بدتميز ۽ غير مھذب يوٽرني صدر کي ڳالھاين جي ميز تي اچڻو پيو. تازوئي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٽرمپ ايران جي روحاني اڳواڻ جي لاءِ ساراھ جوڳا جملا استعمال ڪيا. اصل ۾ ايران، افغانستان، عراق، شام ۽ لبيا جي بربادي مان سبق سکيو ۽ مزاحمت جي واٽ ورتي. چيو ويندو رهيو ته ايران تباھيءَ جي رستي تي گامزن آهي.
بلڪل ايران ۾ بيحد تباھي آئي آهي، پر گذريل چئن ڏهاڪن کان معاشي پابندين جي شڪار ملڪ اڪيلي سر دنيا جي ٻن سفاڪ ۽ جديد ھٿيارن سان مسلح ملڪن سان نه رڳو ٽي مھينا وڙھندو رهيو، پر آمريڪا جو چڱو ڀلو نقصان به ڪيو. ان جا تفصيل بين الاقوامي ميڊيا تي ھاڻي کلي سامھون اچي رهيا آهن. ايران اڄ تائين ڪنهن ملڪ تي حملو ڪرڻ جي حوالي سان ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي. اڪثر ماڻهو تاريخ سان ھٿ چراند ڪري غلط بياني کان ڪم وٺندي چون ٿا ته عراق تي ايران حملو ڪيو هو. جڏهن ته صدام حسين ان وقت آمريڪا جو منظور نظر ھو ۽ مغربي طاقتن ھن کي ايران تي حملو ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو ھو. جيتري تائين حزب الله ۽ حماس جھڙن گروھن جو تعلق آهي، انھن جي باري ۾ مختلف رايا موجود آهن. ڪجھه مبصر انھن کي ايران جو اتحادي يا پراڪسي گروھ قرار ڏين ٿا. جڏهن ته انهن جا حامي انھن کي مقامي مزاحمتي تحريڪون سمجهن ٿا جن جون پاڙون پنهنجن پنهنجن معاشرن ۾ موجود آهن. حقيقت شايد انهن ٻنهي بيانين جي وچ ۾ ڪٿي موجود ھجي، تنھنڪري ان موضوع تي سادي ۽ قطعي فيصلن کان پرھيز ڪرڻ گهرجي. بين الاقوامي سياست ۾ تقريبن ھر وڏي طاقت پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ اتحادين، فوجي اڏن، سياسي اثر رسوخ يا مختلف قسم جي نيٽ ورڪس جو استعمال ڪندي آهي. وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا ڊزن کن فوجي اڏا ڇو قائم ڪيا ويا هئا؟ ھاڻي ته اسرائيلي نيٽ ورڪ آذربائيجان ۽ عراق جي حدن ۾ ھئڻ جا ثبوت به ملي ويا آهن. گڏيل عرب امارات جون حرڪتون به کلي سامهون اچي چڪيون آهن. ان ڪري ڪنهن ھڪ ملڪ جي طرز عمل کي اڪيلو ڏسڻ بجاءِ پوري علاقائي ۽ عالمي منظر نامي کي سمجهڻ وڌيڪ ضروري آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟