مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ، طاقت ۽ بدلجندڙ عالمي نظام

Zaib Banglani

شاعر، اديب، صحافي، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وچ اوڀر ھڪ ڀيرو ٻيھر عالمي سياست جو مرڪز بڻجي ويو آھي. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ھاڻي رڳو سفارتي اختلافن تائين محدود ناھي رھي، پر فوجي ڪاررواين، ميزائل حملن، سامونڊي رستن جي سلامتي، توانائي جي منڊي ۽ عالمي معيشت تي به گھرو اثر ڇڏڻ لڳي آھي. تازين ڏينھن ۾ جنگبندي بابت اميدون پيدا ٿيون، پر نون حملن ۽ جوابي ڪاررواين سان صورتحال ٻيھر انتھائي نازڪ بڻجي وئي آھي. ھن تڪرار جي پاڙ ايران جي جوھري پروگرام، اسرائيل جي قومي سلامتي بابت خدشن ۽ آمريڪا جي وچ اوڀر واري حڪمت عملي ۾ لڪل آھي. اسرائيل جو موقف آھي ته ايران جي فوجي ۽ جوھري صلاحيتون سندس وجود لاءِ خطرو آھن، جڏھن ته ايران پنھنجي دفاع، خودمختياري ۽ علائقائي اثر کي پنھنجي قومي پاليسي جو بنيادي حصو قرار ڏئي ٿو. آمريڪا ھڪ طرف اسرائيل جو اھم اتحادي آھي، ته ٻي طرف ھو ايران جي وڌندڙ اثر کي محدود ڪرڻ چاھي ٿو.
موجوده بحران دوران آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي مختلف فوجي ھدفن تي حملا ڪيا ويا، جنھن جي جواب ۾ ايران آمريڪي مفادن ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جون دعوائون ڪيون. ساڳئي وقت نار واري لڪ ۾ ٻيڙين ۽ تيل جي فراھمي بابت خدشا وڌي ويا، جنھن سبب عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون متاثر ٿيون آهن ۽ مالي منڊين ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي آهي. ھيءَ جنگ رڳو ٽن ملڪن جي وچ ۾ طاقت جو مقابلو نه آھي بلڪي ان جا اثر سڄي دنيا تي پئجي رھيا آھن. جي آبنائي ھرمز مان دنيا جي تيل جو وڏو حصو گذري ٿو. جيڪڏھن ھي رستو ڊگھي عرصي لاءِ غير محفوظ بڻجي ويو ته توانائي جي قيمتن ۾ اضافو، مھانگائي ۽ عالمي واپار ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي سگھن ٿيون. ترقي پذير ملڪن، خاص طور پاڪستان جھڙن درآمدي معيشتن، لاءِ اھڙي صورتحال وڌيڪ معاشي دٻاءُ جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
ايران لاءِ ھي جنگ قومي وقار ۽ بقا جو سوال بڻجي چڪي آھي، جڏھن ته اسرائيل پنھنجي سلامتي کي اوليت ڏئي رھيو آھي. آمريڪا ھڪ ئي وقت فوجي دٻاءُ ۽ سفارتڪاري ٻنھي جا در کليل رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، جيتوڻيڪ تازن واقعن جنگبندي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ڪيترن سفارتي ذريعن جو خيال آھي ته آخرڪار ڳالھين کان سواءِ مستقل حل ممڪن نه ٿيندو. افسوس جو سڀ کان وڏو بار عام ماڻھو کڻي رھيا آھن. جنگين ۾ ھميشه عام شھري، عورتون، ٻار ۽ بيگناھ ماڻھو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آھن. بي گھر ٿيڻ، معاشي تباھي، صحت ۽ تعليم جا بحران ۽ انساني الميا ڪنھن به فوجي فتح کان وڌيڪ وڏا نقصان ھوندا آھن.
اڄ دنيا ھڪ اھڙي موڙ تي بيٺي آھي، جتي طاقت جو استعمال شايد عارضي برتري ته ڏئي سگھي، پر پائيدار امن ھرگز نٿو آڻي سگھي. جديد تاريخ بار بار اھو سبق ڏئي ٿي ته ميزائل، ڊرون ۽ بم ڪنھن به قوم جي خوف کي ته وڌائي سگھن ٿا، پر اعتماد پيدا نٿا ڪري سگھن. اعتماد صرف سفارتڪاري، انصاف ۽ گڏيل احترام سان پيدا ٿيندو آھي. جيڪڏھن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل پنھنجي قومي مفادن سان گڏ عالمي استحڪام کي به اھميت ڏين، ته ڳالھين جو دروازو اڃان به کليل رھي سگھي ٿو. ٻي صورت ۾ ھي تڪرار صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رھندو، پر عالمي معيشت، توانائي جي سلامتي ۽ بين الاقوامي امن لاءِ ڊگھي مدي جو خطرو بڻجي سگھي ٿو. تاريخ فيصلو ڪندي ته ھن دور جي اڳواڻن جنگ کي ترجيح ڏني يا امن کي، پر ھڪ حقيقت اڄ به ايتري ئي مضبوط آھي ته جنگيون سلطنتون ٺاھي سگھن ٿيون، پر مڪالمو ۽ سفارتڪاري پائيدار امن ڏانهن وٺي وڃڻ جا رستا ثابت ٿي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو