مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوم اقبال خوديءَ جو عملي روپ

Azhar Azad Mughal

استاد، مترجم، شاعر، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

تحرير: ڊاڪٽر سعد ملوڪ
جنهن دنيا ۾ اسان رهون ٿا، اها انساني ڪوششن ۽ جاکوڙ جي ڪري ئي اڳتي وڌي ٿي. انسان هجڻ جو مطلب ئي متحرڪ رهڻ آهي. واندڪائي ۽ بيڪاري انسانيت جو هڪ وڏو گناهه آهي، جيڪو نااميدي، انسانيت جي خاتمي ۽ ڪم کي اڳتي ٽارڻ جو باعث بڻجي ٿو، يعني اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ، جيڪا ڪڏهن به نٿي اچي. بيڪاريءَ جي ڪري زندگي بيهجي وڃي ٿي. جڏهن ته عمل دنيا کي اڳتي وڌائي ٿو. دنيا ۾ ترقي ۽ تبديلي ڪهڙي شيءِ جي ڪري اچي ٿي؟ برگسان جو اعتراف ڪرڻ آهي ته اها ‘حياتياتي قوت’ آهي، شوپنهاور ان کي ‘جيئڻ جي خواهش’ چوي ٿو، نطشي ان کي ‘طاقت جي خواهش’ جو نالو ڏئي ٿو ۽ اقبال ان جو سبب ‘خودي’ کي قرار ڏئي ٿو. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي انداز سان وضاحت ڪن ٿا ته انسانيت ڪيئن مستقبل ڏانهن وڌي رهي آهي. اقبال جو دليل آهي ته خوديءَ جو عملي روپ ئي دنيا ۾ تبديلين جو سبب بڻجي ٿو.
سر محمد اقبال، جيڪو انساني ترقي ۽ عمل جو فلسفي آهي، بنيادي طور تي پنهنجي ذات جي ترقي جي حمايت ڪري ٿو. هو ان کي عمل جي پوشيده صلاحيت کي مهارت ۾ بدلائڻ جو هڪ ذريعو سمجهي ٿو، جيڪو انسان کي عقل رکندڙ، تخليقي، پيداواري ۽ اخلاق وارو بڻائي ٿو. اقبال جو ‘ذاتي ترقي’ جو فلسفو اصل ۾ ‘انساني ترقي’ آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ماڻهن ۾ اڳتي وڌڻ، سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جي هڪ قدرتي صلاحيت موجود هوندي آهي. ترقي ڪرڻ جو مطلب ئي عمل ڪرڻ آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عالمن اقبال جي فلسفي جي لکڻين ۽ ڪارنامن کي خاص ڪري انساني ترقيءَ جي نقطهءِ نظر کان ناهي پرکيو، جنهن جي پاڪستان کي هن وقت سخت ضرورت آهي. عمل ئي خيالن ۾ جان وجهي ٿو. اقبال لکي ٿو ته، “قرآن هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو ‘خيال’ (سوچ) بجاءِ ‘عمل’ تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو.” آدم، جيڪو زمين تي خدا جو نائب آهي، تنهن کي اڻکٽ صلاحيتون، تخليقيت، اخلاقيات، سوچ ۽ عمل جو مادو عطا ڪيون ويون، جيڪي پوءِ سندس اولاد ۾ منتقل ٿيون. اقبال جي مطابق، انسان هن ڌرتيءَ تي خدا جو نائب هجڻ جي ناتي “ٻانهن ٻيلي” آهن.
انسان صرف سوچيندڙ ئي ناهي، پر هڪ عمل ڪندڙ ۽ تخليقڪار پڻ آهي. اقبال هومو سيپينز انسان، سوچيندڙ جي تصور کي هومو فيبر انسان، تخليقڪار ۽ هومو ايڪٽر انسان، عمل ڪندڙ ۾ تبديل ڪري ٿو. پنهنجي مشهور ڪتاب ‘اسلام ۾ مذهبي سوچ جي نئين جوڙجڪ’ ۾ اقبال فرمائي ٿو: “دنيا ڪا اهڙي شيءِ ناهي جنهن کي صرف ڏٺو وڃي يا تصورن ذريعي سمجهيو وڃي، پر هيءَ هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کي مسلسل عمل ذريعي بڻائڻو ۽ ٻيهر نئين سر سنوارڻو آهي.” دنيا کي بڻائڻ ۽ نئين سر سنوارڻ لاءِ انساني ترقي، تخليقي ذهن ۽ بامقصد عمل جي ضرورت هوندي آهي.
پنهنجي ڪتابن ‘اسرارِ خودي’ ۽ ‘رموزِ بيخودي’ ۾ اقبال پنهنجو ‘انساني ترقيءَ’ جو فلسفو پيش ڪيو. آزادي، عزتِ نفس، وقار، محبت، معاشي تحفظ، بهادري، تعليم بطور تربيت ۽ سڀ کان وڌيڪ ‘عمل’ فرد ۽ قوم جي خودي کي پروان چڙهائين ٿا. ان جي برعڪس، غلامي، ذلت، استحصال، نفرت، معاشي محتاجي، خوف، تشدد ۽ جهالت ماڻهن جي خوديءَ کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن.
پاڪستاني دانشور محبوب الحق انساني ترقيءَ جي تصور کي اڳتي وڌايو، ۽ عوامي پاليسين ۾ ‘عوام پهرين’ واري طريقي جي حمايت ڪئي ته جيئن ماڻهن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي اختيارن کي وسيع ڪري سگهجي. اقبال وانگر، محبوب الحق جا خيال پڻ پاڪستان ۾ ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ خاص توجهه جا مستحق آهن. تعليم انساني ترقيءَ جو پهريون سنگِ ميل آهي؛ ان ۾ ڪنهن به قسم جي خرابيءَ جو مطلب علمي ۽ اخلاقي زوال آهي. پاڪستان ۾ تعليمي نظام کي انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ادارن جا سربراهه اهڙن ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي جيڪي سوشل ميڊيا تي رڳو ڏيکاءُ ڪرڻ بدران حقيقي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکندا هجن. ان سان گڏوگڏ تحقيق کي هٿي ڏيڻ لاءِ بجيٽ وڌائڻ، محققن کي مراعتون ڏيڻ ۽ تعليم جي شعبي مان ذهين ماڻهن جي ٻاهر هجرت کي روڪڻ لاءِ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي.
اقبال فرمائي ٿو:
عمل سي زندگي بنتي هي جنت ڀي، جهنم ڀي
يي خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري هي.
هن ڌرتيءَ تي جنت جهڙي زندگي صرف قانون جي بالادستي، انصاف، وسيلن جي برابري واري ورهاست ۽ خاص ڪري اهڙي تعليم سان ئي ممڪن آهي جيڪا انسان کي اڳتي وڌڻ جي ترغيب ۽ آزادي ڏئي. غربت، تشدد ۽ ماحولياتي تباهي پاڪستان ۽ سڄي دنيا لاءِ سنگين چئلينج آهن. غربت جي خاتمي لاءِ انساني ترقي ۽ عملي جهاد تمام ضروري آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو پنهنجي اندر ايتريون صلاحيتون پيدا ڪن جو اهي آءِ ٽي، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فن ۽ دستڪاري جي شعبن ۾ ڪاروباري ماهرن جي حيثيت سان معاشي سرگرميون ڪري سگهن.
زندگيءَ لاءِ امن انتهائي ضروري آهي. امن جا ٻه روپ آهن: ناڪاري ۽ هاڪاري. ‘ناڪاري امن’ مان مراد خاص ڪري طاقت جي زور تي تشدد جو نه هجڻ آهي. ناڪاري امن عارضي هوندو آهي. جڏهن ته ‘هاڪاري امن’ مان مراد فن، ادب، راندين، ثقافتي ميلن، ۽ بحث مباحثي جي روايتن ذريعي زندگيءَ کي هٿي ڏيندڙ سرگرميون ھونديون آهن. هاڪاري امن پائيدار ۽ ديرپا هوندو آهي. صاف سٿرو ماحول زندگيءَ کي برقرار رکي ٿو. گندگي پکيڙڻ، گدلاڻ ۽ ٻيلن جي ڪٽائيءَ جي ڪري صحت جا مسئلا ۽ ماحول جي خوبصورتيءَ کي نقصان پهچي ٿو. ان لاءِ انفرادي، سماجي ۽ ادارتي سطح جي روين ۾ ماحول لاءِ احترام هجڻ تمام ضروري آهي.
انساني ترقيءَ ۽ عمل بابت اقبال جو فلسفو انهن اهم قومي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هاڪاري انداز ۾ ڏسجي ته عمل پوشيده صلاحيتن کي مهارتن ۾، منصوبن کي نتيجن ۾، امڪانن کي موقعن ۾، نااميديءَ کي اميد ۾ ۽ سوچ کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ٿو. عمل هڪ عظيم ترين فضيلت آهي، جڏهن ته بيڪاري هڪ موتمار برائي آهي. اچو ته ماڻهن کي آزاديءَ سان ترقي ڪرڻ ۽ عملي ميدان ۾ اچڻ جو موقعو ڏيون ته جيئن ملڪ جو مستقبل وڌيڪ بهتر ٿي سگهي.
حوالو:ڊان نيوز پيپر

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو