اقبال: قول ۽ فعل ۾ فرق رکندڙ شاعر!
اسان وٽ ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن، جن جي چوڌاري عقيدت جو اهڙو ته مضبوط قلعو اڏيو ويو آھي، جو ھاڻي انھن جي باري ۾ سوال ڪرڻ کي به گستاخي سمجهيو وڃي ٿو ۽ اھڙين ئي شخصيتن مان علامه محمد اقبال پڻ هڪ آهي! اقبال ھڪ عام انسان وانگر زندگي گذاريندڙ شخص ھو، ان ۾ به دنيا جي ھر انسان وانگر ڪميون ڪوتاھيون موجود ھيون!، پر کيس شاعرِ مشرق جو لقب ڏنو ويو، مفڪرِ اسلام بڻايو ويو، حڪيم الامت سڏيو ويو. مطلب ته کيس اھڙي مقدس فڪري اوچائيءَ تي پهچايو ويو، جتي تنقيد لاءِ جاءِ ئي باقي نه رهي! ۽ ان تي تنقيد ڪرڻ ڄڻ گستاخي ۾ شمار ٿيو وڃي!، پر تاريخ جو ڪم نالي ماتر عقيدت جا محل بچائڻ ناهي، بلڪه تاريخ جو ڪم انهن محلن تي پيل پردا هٽائڻ آهي.
تنهنڪري سوال ڪرڻو پوندو، جڏهن يورپ ۾ شيڪسپيئر تي ڇتي تنقيد ڪري ايتري تائين جو ان کي ادبي چور به ڪوٺيو وڃي! انڊيا ۾ گانڌي جي زندگي جي لڪيل پھلوئن کي ظاھر ڪري ان کي نالي ماتر ڍونگي سڏيو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ به ڪنهن شخصيت تي عقيدت جو خول چاڙھي ان کي لڪائڻ بجاءِ ان تي تنقيد جا دروازا کليل رکڻ گھرجن.
اسان جڏهن اقبال جي شاعريءَ تي نظر وجھون ٿا ته اسان کي جا بجا خودي، غيرت، آزادي، فڪر، مردِ مومن ۽ عمل جو درس ملي ٿو، پر ڇا سندس پنهنجي زندگي به انهن ئي اصولن جو مڪمل نمونو هئي؟
جيڪڏهن جواب “ها” آهي ته پوءِ سندس زندگيءَ جي تضادن کي ڪيئن سمجهنداسين؟ ۽ جيڪڏهن جواب “نه” آهي ته پوءِ اهو سوال به جائز آهي ته اقبال پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن انسان جو نقشو ٺاهيو، ڇا اهو انسان هو پاڻ ھو؟ يا ھو صرف اهو اقبال هو، جيڪو هو ٿيڻ چاهيندو هو؟ يا ان تي اھا نالي ماتر شھرت زبردستي مڙهي وئي هئي، جنهن جي خبر شايد اقبال کي به نه هئي! ڇو ته بقول ڪجهه تنقيد نگارن جي پنجاب کي هڪ اهڙي قومي هيرو جي ضرورت هئي، جيڪو ٺيٺ پنجابي ھجي! جيڪو آزاديءَ جي جنگ جو سپاهي ٺاھي تاريخ ۾ بيهاري سگهجي! (جڏهن ته پاڪستان جي آزادي ۾ اقبال جو ڪردار اٽي ۾ لوڻ برابر به ناھي، بلڪه ان جي الله آباد واري ڪيل تقرير کي ئي ٽوڙي مروڙي ان جو غلط مطلب ڪڍي ان مان زوريءَ پاڪستان جو تصور ڪڍيو ويو) انھيءَ ڪري پوري پنجاب ۾ اقبال کانسواءِ ڪوبه اھڙو موزون ماڻهوَ نه ھو تنهنڪري اقبال کي ئي گهڙي ٺاهيو ويو! پاڪستان جي آزادي کانپوءِ ڪيتري عرصي تائين اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ سندس نالو ڊاڪٽر سر محمد اقبال هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ نالي ۾ به عقيدت ۽ تقدس جو اضافو ڪيو ويو ۽ کيس علامه بڻايو ويو ۽ ان کانپوءِ اقبال هڪ شاعر نه رهيو؛ سندس چوڌاري تقدس جو اهڙو خول چاڙھيو ويو، جنهن ۾ سوال ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ يا سندس فڪر ۽ عمل کي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ به ڄڻ گستاخي بڻجي ويو. هڪ تاريخي شخصيت کي آهستي آهستي هڪ اهڙي مقدس علامت ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن کي پڙهڻ کان وڌيڪ صرف پوڄڻ سيکاريو وڃي!
تاريخ جو گھرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ اسان کي خبر پوندي ته جناح ۽ اقبال، ٻئي بنيادي طور جديد ۽ لبرل سوچ رکندڙ شخصيتون ھيون، پر بدقسمتي سان بعد ۾ کين زبردستي تقدس جي ھڪ اهڙي چادر ۾ ويڙهيو ويو، ڄڻ اهي تاريخي انسان نه، پر ڪنهن مذهبي عقيدي جا مقدس ڪردار هجن ۽ اھو به چيو وڃي ٿو ته ھن تبديليءَ ۾ ايوب خان ۽ ضياءُ الحق جو وڏو ڪردار هو. خاص طور تي ضياءُ الحق جي دور ۾ ماضيءَ کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ۽ قومي شخصيتن کي هڪ مخصوص مذهبي سانچي ۾ گهڙڻ جو عمل زور ۽ شور سان ڪيو ويو ھو.
ايتري تائين جو جناح سان لاڳاپيل اهڙيون ڪهاڻيون به مشهور ڪيون ويون، جن جي تاريخي صداقت تي سنجيده سوال اٿن ٿا. مثال طور: اها روايت ته رسولِ پاڪ ﷺ لنڊن ۾ جناح جي خواب ۾ اچي سندس بستري کي ٺوڪرون هڻي کيس چوندا رهيا ته واپس وڃ ۽ پاڪستان ٺاهه! يا ان اقبال کي ڄڻ ڪنهن مذھبي عالم جو درجو ڏنو ويو جيڪو پنهنجي خطن ۾ مڪي مديني وڃڻ بجاءِ يورپ گھمڻ کي ترجيح ڏيندو ھو!
بهرحال پاڪستاني قوم لاءِ حڪيم الامت بڻايل شاعر جي شاعري ۾ ڪيل هڪ به پيشنگوئي، سئو سال گذرڻ باوجود به پوري ناھي ٿي سگهي. نه سندس بيان ڪيل تهذيب پنهنجي ئي خنجر سان خودڪشي ڪري سگهي، نه يورپ جي مشينن کي زنگ لڳو، نه ئي “امتِ مرحومه” غفلت واري خواب مان جاڳي سگهي!!
اقبال جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون نظمون ۽ شعر موجود آهن، جيڪي مغربي شاعرن جي شاعريءَ جا لفظي ترجما چيا وڃن ٿا يا وري انهن جي خيالن سان ايتري ته مشابهت رکن ٿا، جو انهن کي مڪمل طور تي اصلي تخليق چوڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
مثال طور: اقبال جي نظم “پيامِ صبح” کي لانگ فيلو(Longfellow) جي نظم”Daybreak“ جو هوبهو شبيهه قرار ڏنو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح “عشق اور موت” ۾ ٽينيسن (Tennyson) جي خيالن جي گونج محسوس ٿئي ٿي. سندس مشهور نظم “پھاڙ اور گُلِهيري” ته سڌيءَ ريت ايمرسن(Emerson) جي نظم جو اردو ترجمو آهي! ساڳيءَ طرح سندس نظم “ما ڪا خواب” به هڪ غير معروف انگريزي نظم جو ويجهو ترجمو قرار ڏنو وڃي ٿو.
پر اقبال جي “خودي” ۽ “شاهين” جي فلسفي تي جذباتي ٿيندڙ پڙهندڙن جي هڪ وڏي حصي لاءِ اها ڳالهه قبول ڪرڻ ئي ڏکي آهي ته اقبال جي ڪجهه مشهور تخليقن جي پويان به مغربي ادب جا واضح اثر موجود آهن، پر ھتي مسئلو رڳو اثر وٺڻ جو ناهي؛ ادب ۾ اثر، ترجمو، الهام ۽ نئين تخليق جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ضروري آهي. اصل سوال اهو آهي ته جڏهن ڪنهن شاعر جي چوڌاري تقدس جو اهڙو خول قائم ڪيو وڃي، جو سندس هر شعر کي بي مثال ۽ مڪمل طور اصلي سمجهيو وڃي، تڏهن تنقيد، تقابلي مطالعي ۽ ادبي تحقيق لاءِ جاءِ ڪٿي بچي ٿي؟ بهرحال ھتي اسان اقبال جي شاعري ۽ سندس ذاتي زندگي جي چند پھلوئن تي نظر وجھڻ تمام ضروري سمجهون ٿا جنهن سان اسان کي ڊاڪٽر اقبال جي شخصيت کي نالي ماتر مذھبي لبادي مان ٻاھر ڪڍي ھڪ عام انسان وانگر ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ملندي!
اقبال ۽ فريڊرڪ نٽشي:
اقبال جي فلسفي جو سڀ کان مشهور اصطلاح “خودي” آهي. خوديءَ جي تعمير، خود شناسي، قوتِ ارادي ۽ پنهنجي وجود جي بلنديءَ جو پيغام اقبال جي شاعريءَ جو مرڪز بڻيل نظر اچي ٿو، پر ڇا اقبال جو اھو خوديءَ وارو نظريو ان کان اڳ ڪنهن به پيش نه ڪيو ھو؟ بلڪل پيش ڪيو ويو ھو!
اقبال کان اڳ يورپ ۾ فريڊرڪ نٽشي هڪ طاقتور انسان جو تصور پيش ڪري چڪو هو، جنهن کي”Ubermensch“ (اوبرمين) چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ سپرمين آهي. ان ۾ نٽشي روايتي قدرن کان مٿانهين هڪ اهڙي انسان جو تصور پيش ڪيو، جيڪو پنهنجي قوت سان پنهنجي قدرن کي تخليق ڪري سگهي ۽ ساڳي طرح اقبال به ان کي خوديءَ جو رنگ ڏئي پيش ڪيو! ھاڻي سوال اهو آهي ته اقبال ۽ نٽشي جي وچ ۾ هڪ جهڙائي ڇو نظر اچي ٿي؟
اقبال جي دفاع ۾ لکندڙ مبصرن جو چوڻ آھي ته اقبال نٽشي کان متاثر ضرور هو، پر کيس سڌو سنئون نٽشي جو نقل ڪندڙ چوڻ علمي طور درست نه ٿيندو. اقبال نٽشي کي پڙهيو، سندس خيالن سان بحث ڪيو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ان سان اختلاف به ڪيو آھي. انھيءَ ڪري اقبال جي “مردِ مومن” کي نٽشي جو چرٻو چوڻ مناسب ناھي، ڇو ته ان جو سرچشمو اسلامي تصوف، خاص طور “انسانِ ڪامل” جي روايتن ۾ به موجود هو. انھيءَ ڪري ضروري ناھي ته اقبال جي نظم جو ماخذ نٽشي ھجي، پر اسلامي روايتون به ٿي سگهن ٿيون!، پر هتي هڪ دلچسپ ڳالهه پڻ پيدا ٿئي ٿي ته اقبال جنهن “خودي” کي اسلامي اصطلاحن ۾ بيان ڪري ٿو، ان جي فڪري تعمير ۾ جديد يورپي فلسفي جو حصو به موجود آهي.
تنهنڪري اقبال کي مڪمل طور “خالص اسلامي مفڪر” ۽ مغربي فڪر کان بلڪل آزاد مفڪر قرار ڏيڻ به تاريخ سان انصاف نه ٿيندو!
اقبال کي پڙهڻ کانپوءِ سمجهه ۾ نه ايندو ته ھو ڪھڙي پاسي آھي! اقبال هڪ طرف رومي سان بيٺو آھي ته ٻئي طرف نٽشي سان! هڪ طرف قرآن سان بيٺو آھي ته ٻئي طرف هينري برگسان سان! هڪ طرف اسلامي تصوف جي ڳالهه ٿو ڪري ته ٻئي طرف جديد يورپ سان دلچسپي جو اظھار ٿو ڪري!
اقبال ۽ ھينري برگسان:
اقبال جي شاعري واري فڪر ۾ وقت، حرڪت، تخليق ۽ مسلسل تبديليءَ جا تصور تمام اهم آهن. جڏهن ته وقت جي باري ۾ ساڳيا خيال اقبال کان اڳ فرانسيسي فلسفي هينري برگسان جي فلسفي ۾ به نظر اچن ٿا! ۽ اقبال برگسان کان چڱي طرح واقف پڻ هو ۽ سندس فلسفي سان سنجيده فڪري تعلق به رکندو هو. تنهنڪري اهو چوڻ ته اقبال جو سڄو تصورِ وقت برگسان کان چورايل آھي شايد مبالغو ٿيندو، پر اهو چوڻ به غلط ٿيندو ته اقبال جي فڪر تي برگسان جي مغربي فلسفي جو ڪو اثر ئي نه هو. حقيقت اها آهي ته اقبال اثر وٺندڙ به هو ۽ اثر کي پنهنجي شاعري ۾ نئين صورت ڏيندڙ به.
اقبال تي رومي جو اثر:
اقبال جي شاعري پڙهندي اسان کي رومي جو ذڪر بار بار ملي ٿو. ڇو ته بقول اقبال جي رومي صرف هڪ شاعر نه، پر ان جي روحاني مرشد جي حيثيت پڻ رکي ٿو. اقبال جي شاعري ۾ فارسي روايت جا استعارا، صوفياڻيون اصطلاحون، عشق، خود شناسي ۽ روحاني سفر جا بجا ملن ٿا جيڪي اسان کي رومي جي فڪر ۾ به ملن ٿا. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو چوي ته اقبال جي شاعريءَ تي روميءَ جو گهرو اثر آهي ته اهو ڪو نئون الزام نه، بلڪه هڪ معروف حقيقت آهي، پر هتي اقبال جو ڪمال اهو آهي ته هن پراڻي صوفياڻي فڪر کي جديد دور جي مسلمان جي سياسي ۽ نفسياتي مسئلن سان ڳنڍيو آھي. انھيءَ ڪري اقبال کي صرف “روميءَ جو ترجمو ڪندڙ” چوڻ به غلط ٿيندو.
اقبال ۽ سر جو خطاب:
هاڻي اچون ٿا اقبال جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي سياسي تضاد ڏانهن جنهن جي باري ۾ اڪثر ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن هڪ شاعر جيڪو غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ، خودداري پيدا ڪرڻ، جابر حڪمرانن سان ٽڪرائڻ ۽ مسلمان کي پنهنجي عظمت ياد ڏيارڻ لاءِ شعر لکي ۽ اهوئي شاعر وري ساڳي برطانوي حڪومت کان “سر” جو لقب قبول ڪري ته نه چاھيندي به ذھن ۾ سوال ضرور پيدا ٿين ٿا.
1923ع ۾ برطانوي حڪومت اقبال کيKnight Bachelor جو اعزاز ڏنو، جيڪو ان قبول پڻ ڪيو ته ذھن ۾ سوال اٿن ٿا ته ھڪ طرف خودي، خودداري، آزادي ۽ غلاميءَ کان نفرت ۽ ٻئي طرف ساڳي سرڪار کان پاڻ لاءِ اعليٰ اعزاز وٺڻ ڇا ڪنهن ماڻهو جي قول ۽ فعل ۾ تضاد کي ظاھر نٿو ڪري؟
هاڻي ڪو ماڻهو پڇي ته “ڇا هي تضاد ناهي؟”
ته جواب اهو نه هجڻ گهرجي ته “سوال ڪرڻ گستاخي آهي.”
ڇو ته سوال ڪرڻ ئي تاريخ جي شروعات آهي. بهرحال بقول اقبال جي حامين جي ته اقبال پاران “سر” جو لقب قبول ڪرڻ کي “برطانوي غلاميءَ جي وفاداري” جو قطعي ثبوت نه بڻايو وڃي. ڇو ته اقبال نوآبادياتي نظام جي اندر رهي ڪم ڪندو هو، وڪالت ڪندو هو ۽ ساڳئي وقت ان نظام جي ڪيترن ئي پهلوئن تي تنقيد پڻ ڪندو هو، پر تضاد پوءِ به موجود آهي ۽ ھميشه رھندو ۽ ان تضاد کي لڪائڻ جي ضرورت ناهي.
“مردِ مومن” ۽ حقيقي اقبال:
اقبال جي شاعريءَ ۾ “مردِ مومن” هڪ غير معمولي ڪردار آهي. اھو مضبوط آهي، خوددار آهي، بي خوف آهي ۽ اھو دنيا جي طاقتور قوتن کان به نٿو ڊڄي! ڇو ته ھو خواهشن جو غلام نه آهي، اھو پنهنجي نفس تي قابو رکي ٿو، پر جڏهن اسان اقبال جي پنهنجي ذاتي زندگي ڏانهن ڏسون ٿا ته ھو اسان کي هڪ مختلف، وڌيڪ پيچيده انسان نظر اچي ٿو، ھو هڪ وڪيل ھو.
يورپ کي پسند ڪندڙ ھو. ھن يورپي فلسفي پڙهيو، مغربي ثقافت کان گهڻو متاثر ٿيو، ٽي شاديون ڪيائين، عورتن سان دوستيون قائم ڪيائين، محبتون ڪيائين، محبت ڀريا خط لکيائين، رقص ۽ سرود جي محفلن کي پسند ڪندڙ ھو، شاعري ۽ موسيقي جو شوقين، ادب ۽ آرٽ سان دلچسپي رکندڙ، “افغان شھزادا” نالي ھڪ فلم جي ڪھاڻي لکندڙ، سياسي مفادن ۾ حصو وٺندڙ ۽ برطانوي حڪومت کان سر جو لقب حاصل ڪندڙ حقيقي اقبال ھو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ جي “مردِ مومن” کان ته تمام گھڻو پري نظر اچي ٿو، پر اسان جي تاريخ ۾ گهڙيو ويندڙ “علامه محمد اقبال” کان به تمام گھڻو پري نظر اچي ٿو ۽ حاصل مطلب اھو ٿئي ٿو ته بدقسمتي سان اقبال پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو انسان تخليق ڪري رهيو هو، جيڪو هو پاڻ مڪمل طور نه بڻجي سگهيو؟
عطيه فيضي ۽ اقبال:
عطيه فيضي جو نالو اقبال جي زندگيءَ سان ڳنڍيل هڪ اهم نالو آهي. عطيه هڪ تعليم يافته، آزاد خيال ۽ جديد سوچ رکندڙ عورت هئي. يورپ ۾ اقبال سان سندس ملاقات ٿي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي. اهي خط اقبال جي ذاتي ۽ جذباتي دنيا کي سمجهڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. اھي خط پڙهڻ کانپوءِ اسان کي وري ھڪ ٻيو اقبال نظر ايندو! اقبال جي عطيه فيضيءَ سان لڳاءُ کي محبت، دوستي، فڪري قربت يا ڪھڙو به نالو ڏجي، پر ھر تاريخدان وٽ ان لڳاءُ جي باري ۾ مختلف تشريحون آهن. جنهن مان هڪ ڳالهه صاف واضح ٿئي ٿي ته اقبال ۽ عطيه جي وچ ۾ عام سطحي واقفيت کان وڌيڪ ھڪ گهري ذهني ۽ جذباتي وابستگي موجود هئي.
ايما ويگناسٽ ۽ اقبال:
جرمنيءَ جي هڪ عورت ايما ويگناسٽ سان اقبال جو تعلق به سندس ذاتي زندگيءَ جو دلچسپ باب آهي. ايما جرمن عورت هئي ۽ اقبال سان سندس تعلق ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ جي پس منظر ۾ قائم ٿيو. پوءِ ٻنهي ۾ خط و ڪتابت ٿي. انهن خطن ۾ به اقبال جي جذباتي وابستگيءَ جا نشان ضرور ملن ٿا. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اقبال به ھڪ عام انسان جھڙا جذبات رکندڙ انسان هو، جيڪو عورتن سان دوستي، محبت ۽ ذهني قربت مان تسڪين حاصل ڪندو هو.
اقبال جون شاديون:
اقبال جي ذاتي زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ سندس شادين کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. سندس پهرين شادي ڪريم بي بي سان ٿي، جيڪا خانداني بندوبست تحت ٿيل شادي هئي. جنهن کي اقبال ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو ۽ ان کانپوءِ سندس زندگيءَ ۾ سردار بيگم ۽ مختار بيگم سان لاڳاپا ۽ شاديون به آيون. جنهن مان ظاهر آھي ته اقبال جي ذاتي زندگي سادي، بي رنگ ۽ ڪنهن مثالي ڪتاب وانگر ھرگز نه هئي. ھو پنهنجي وقت جي سماجي روايتن، ذاتي خواهشن، خانداني ذميوارين ۽ جذباتي دنيا جي وچ ۾ زندگي گذاريندڙ انسان ھو. تنهنڪري جڏهن ڪو ماڻهو اقبال کي هڪ اهڙي “مثالي مسلمان” طور پيش ڪري ٿو، جنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪو تضاد ئي نه هو ته اهو تاريخي اقبال نه، پر عقيدت مان ٺاهيل اقبال آهي.
طوائفن جون محفلون؟ الزام يا حقيقت؟:
اقبال بابت ڪڏهن ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته هو لاهور جي رقص ۽ سرود جي محفلن ۾ ويندو هو ۽ انارڪلي ۽ ٽڪساليءَ جون محفلون سندس موجودگيءَ سان آباد ٿينديون هيون، پر ان بابت ڪوبه پختو ثبوت موجود ناھي! ۽ نه ئي ھيرامنڊي جي “امير بيگم” واري حبسِ بيجا جي ڪيس بابت ڪو ٺوس ثبوت موجود آھي، جنهن ۾ اقبال کي پڻ نامزد ٻڌايو ويندو آھي. بهرحال ڪميون ڪوتاھيون ھر انسان ۾ موجود ھونديو آھن، ڪنهن به انسان جي ذاتي زندگي تضادن کان ھرگز به خالي ناھي ھوندي! جيڪڏهن ڪنهن شاعر ذاتي زندگي ۾ شراب جو مزو ناھي چکيو ته ان جو اھو ھرگز مطلب ناھي ته اھو شراب بابت شاعري به نه ڪري، پر تضاد تڏهن پيدا ٿين ٿا، جڏهن ڪنهن ماڻهو جي زندگي تضادن سان ڀري پئي ھجي ۽ ان جي باوجود ان کي سماج اڳيان صاف سٿرو، نيڪ ۽ پارسا پيش ڪري چئجي ته ھاڻي ان جون اکيون ٻوٽي تقليد ڪئي وڃي! بهتر اهو آهي ته ان کي هڪ انسان وانگر پيش ڪيو وڃي.
ھتي به اصل تضاد اقبال جي ڪنهن هڪ محبت، ڪنهن هڪ خط يا ڪنهن هڪ اعزاز ۾ نه آهي، پر اصل تضاد مثالي انسان ۽ حقيقي انسان جي وچ ۾ آهي. اقبال جو شاعر هڪ اهڙو انسان پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو غلام نه هجي، پر تاريخي اقبال هڪ نوآبادياتي نظام جي اعزاز کي قبول ڪري ٿو. اقبال اسان کي نفس تي فتح جو درس ڏئي ٿو، پر سندس ذاتي زندگي به جذبات ۽ انساني خواهشن کان خالي نه هئي.
هو خوديءَ جو فلسفو ڏئي ٿو، پر سندس فڪر ڪيترن ئي مغربي ۽ مشرقي مفڪرن سان گهري گفتگو مان پيدا ٿئي ٿو. هو مسلمانن کي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽڻ جو درس ڏئي ٿو، پر سندس فڪري اوزارن ۾ يورپي فلسفو، جديد سائنس، جرمن ادب ۽ مغربي فڪر شامل آهي. منهنجي نظر ۾ اقبال جو سڀ کان وڏو مسئلو شايد اقبال پاڻ نه، پر “اقبال پرستي” آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن شاعر کي انسان بدران مقدس علامت بڻايو وڃي ٿو، تڏهن سندس غلطين تي بحث بند ٿي وڃي ٿو. سندس خيالن جا سرچشما ڳولهڻ گستاخي بڻجي وڃي ٿو. سندس سياسي فيصلا سوال کان مٿانهان ٿي نظر اچن ٿا. سندس ذاتي زندگيءَ تي ڳالهائڻ بدتميزي سمجهيو وڃي ٿو ۽ پوءِ شاعر نه، بت پيدا ٿئي ٿو. اقبال کي بت بڻائڻ سان اقبال جي فڪر کي ئي نقصان پهتو آهي. ڇو ته زنده فڪر سوالن سان وڌندو آهي ۽ مئل فڪر عقيدت جي شيشي ۾ ھميشه لاءِ بند ٿي ويندو آهي، پر ھاڻي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ايترن تضادن کانپوءِ ڇا اقبال کي رد ڪري ڇڏجي؟
بلڪل نه. اقبال جي ذاتي تضادن سبب سندس هر شعر ڪوڙو نٿو ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ مڪمل طور بهادر نه هجي، پر بهادريءَ بابت عظيم شعر لکي ته اهو شعر لازمن ڪوڙو نه ٿيندو. ممڪن آهي ته هو پاڻ به ان منزل تائين پهچڻ جي جدوجهد ڪري رهيو هجي. شايد اقبال جو “مردِ مومن” سندس پنهنجي مڪمل تصوير نه هو؛ شايد اهو سندس خواب هو ۽ شايد هن پنهنجي قوم کي جيڪو پيغام ڏنو، ان ۾ ٻين سان گڏ پاڻ کي به تبديل ڪرڻ جي خواهش شامل هئي. اهوئي سبب آهي جو اقبال کي مڪمل طور رد ڪرڻ به اوتري ئي بيوقوفي آهي، جيتري کيس بي عيب ولي يا عالم قرار ڏيڻ!
اقبال کي جيڪڏهن پڙهڻو آهي ته سندس شعرن سان گڏ سندس خط به پڙهو. سندس فلسفو پڙهڻو آهي ته نٽشي ۽ برگسان سان گڏ پڙهو. سندس تصوف سمجهڻو آهي ته روميءَ سان گڏ پڙهو. سندس سياست سمجهڻي آهي ته برطانوي هندستان جي تاريخ سان گڏ پڙهو ۽ سندس شخصيت سمجهڻي آهي ته سندس ذاتي زندگيءَ جا دستاويز به ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪريو. علامه، حڪيم الامت، مفڪر عالم کي ڇڏي ڪري کيس فقط ھڪ انسان سمجهو. ڇو ته اقبال جي باري ۾ سڀ کان وڏي سچائي اهائي آهي ته سندس شاعريءَ ۾ جيڪو انسان بيٺو آهي، اهو سندس ذاتي زندگيءَ جي انسان کان گهڻو وڏو آهي ۽ شايد اهوئي اقبال جو سڀ کان وڏو تضاد پڻ آهي! هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن انسان کي پيدا ڪيو، شايد پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ان انسان تائين مڪمل طور پهچي نه سگهيو، پر سوال اڃان به باقي آهي ته جيڪڏهن اقبال جو قول سندس فعل کان وڏو هو ته ڇا اسان سندس قول کي رد ڪري ڇڏيون يا سندس فعل کي سمجهندي، سندس قول جي سچائيءَ کي الڳ پرکيون؟
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟