پروفيسر محمد پنهل ڏھر جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف
نامور تاريخدان، محقق ۽ ڪتابن سان اولاد جيان پيار ڪندڙ شخصيت مرحوم سائين محمد پنهل ڏھر هڪ اهڙو عالم، فاضل، اديب ۽ استاد هو، جنهن کي ڌن دولت سان نه، پر ڪتابن، ناياب، علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي مواد سان پيار هو. سندس ڪنهن به واقف، اديب جو ڪوبه ڪتاب شايع ٿيندو هو ته ڪيئن به ڪري هٿ ڪندو هو. پاڻ ٻڌايائون ته هڪ ڀيرو ميرپورماٿيلو جي هائوس آف ناولٽي بڪ اسٽور تي کين هڪ ڪتاب وڻي ويو. ان وقت سندن کيسي ۾ ايترا پئسا هئا يا ته ڪتاب ڪريد ڪن يا ڀاڙو ڪري واپس گهر وڃن. پاڻ ڪتاب خريد ڪري ريل جي پٽڙي سان لڳو لڳ هلندي گهر پهتا ته جيئن کين ڪو واقف نه ڏسي وٺي ۽ سوچي ته هيڏو وڏو عالم، اديب، استاد پنڌ پيو وڃي. ٻي سندن وندر اها هئي ته پاڻ صرف پنهنجو تحقيقي ڪم نه ڪيو، پر ٻين جا به تحقيقي مقالا به سهيڙي گڏ ڪيا. 10.5.2026 تي سندن وفات کان هفتو پوءِ سندن پٽن جي خواهش تي، سائين پنهل ڏھر جي لکڻين جي ذاتي ڪٻٽ مان “ڀنڀو زميندار جي ڳالھه” جي فائل ڳولهيندي ڪجهه ناياب آڳاٽا قديمي نسخا هٿ آيا، ان کانسواءِ سندن هٿ لکيل ٻارهن کان پندرهن ڪتابن جا مڪمل فائل پڻ مليا. ان کانسواءِ سندن ٻئي ڪٻٽ مان مٿين لکيل لکڻين ۽ سندن هٿ لکيل لکڻين جو هڪ وڏو ذخيرو هٿ آيو. مون هن ڀيري رڳو سائين محمد پنهل ڏھر جي ڇپيل ڪتابن جو سيٽ کنيو ته جيئن پاڻ به پڙھي سگهان ۽ دوستن سان به ونڊي سگهان. ان سلسلي ۾ سائين محمد پنهل ڏھر صاحب جو پهريو ڇپيل ڪتاب آهي:
معارف حافظ الملت-3، مرتب: محمد پنهل ڏھر، ڇاپو پهريون 1995، ڇپائيندڙ حافظ الملت اڪيڊمي، خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف.
هن ڪتاب ۾ سائين محمد پنهل ڏهر، خانقاه عاليه ڀرچونڊي شريف جي باني، بزرگ حضرت حافظ محمد صديق رح جي عرس مبارڪ تي ڀرچونڊي شريف ۾ ٿيندڙ حافظ الملت ڪانفرنس ٽئين يعني 106 هين عرس مبارڪ 10 جمادي الثاني 1415 هجري بمطابق 15 نومبر 1994 تي سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن طرفان، حضرت حافظ محمد صديق رح جن جي سيرت تي پڙھيل مضمونن، مقالن ۽ شاعريءَ کي سهيڙي ترتيب ڏنو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪجهه ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مقالا، مختلف ڪتابن ۽ رسالن مان هٿ ڪري پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ پهرين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس 4 ڊسمبر 1992 ۽ ٻي حافظ الملت ادبي ڪانفرنس 24 نومبر 1993 تي منعقد ٿيندڙ ٻنهي ڪانفرنسن ۽ پڻ ٽئين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس 15 نومبر 1994 جي مڪمل رپورٽ به سائين محمد پنهل ڏھر پاران ترتيب ڏئي شامل ڪئي وئي آهي. هن رپورٽ مان مڪمل ڄاڻ فراهم ٿئي ٿي ته پهرين، ٻي ۽ ٽين ڪانفرنس ۾ ڪهڙا ڪهڙا ناليوارا اديب، تاريخدان، محقق ۽ شاعر شريڪ ٿيا ۽ ڪنهن ڪھڙو مقالو، مضمون يا شاعري پڙھي. سنڌي سيڪشن واري فهرست موجب ڪن نامور عالمن، ادين ۽ تاريخدانن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
سنڌي سيڪشن (مقالا): پهرئين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس جو احوال-محمد پنهل ڏهر، ٻين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس جو احوال-محمد پنهل ڏهر، ٽئين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس جو احوال-محمد پنهل ڏهر ، حافظ محمد صديق جي رساله سلوڪ جي روحاني ۽ ادبي اهميت-پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، رئيس الموحدين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊوي رح جو تجرد-مولانا عبدالوهاب چاچڙ، حضرت حافظ الملت والدين بحيثيت مزڪي-ڊاڪٽر مولانا محمد اسحاق پيو، جنيد وقت حضرت حافظ الملت جي بارگاهه ۾ شعراءِ ڪرام جو نذرانه عقيدت- محمد پنهل ڏهر، حضرت حافظ الملت جون سماجي خدمتون- دادا سنڌي، حافظ الملت ۽ عشقِ رسول- شمس الدين سهرياڻي، ننڍي کنڊ جي عظيم مذهبي ۽ انقلابي شخصيت- عبدالوهاب پيو، ويندي ڏانهن پرين- عبدالقدير ڪاجون، خانقاهه عاليه ڀرچونڊي شريف جي بزرگن جون چند خاصيتون- محمد پنهل ڏهر، حضرت حافظ محمد صديق رح- مير غالب حسين ڊومبڪي، حضرت حافظ الملت والدين بحيثيت معلم- مولانا محمد اسحاق پيو، معرفتِ عشق جو شهنشاهه حافظ الملت محمد صديق- مولانا عبداللطيف سڪندري، پاڪستان جي آزادي جو عظيم رهنما پير عبدالرحمان آف ڀرچونڊي شريف- پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، ڀورل سائين ۽ ٿر جو شڪار- سيد اظهار گيلاني، (شاعري): گلهاءِ عقيدت- سيد اظهار گيلاني، نذرانه عقيدت بحضور حافظ الملت حضرت حافظ محمد صديق رح- حاجي محمد عيدن ناز ميراثي، نذرانه عقيدت- پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، حضرت حافظ محمد صديق رح- حاجي محمد عيدن ناز ميراثي، نذرانه عقيدت- حافظ محمد يعقوب کوسو، نذرانه عقيدت- مولانا حافظ عبدالواحد سومرو، نذرانه عقيدت- بچل فقير، حضرت ڀورل سائين جو سياسي ڪردار- پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو، ڀورل جون ڀلايون- سيد اظهار گيلاني، هن ڪتاب ۾ ڪن اردو جي نامور اديبن، عالمن ۽ شاعرن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جن ٽئين حافظ الملت ادبي ڪانفرنس ۾ پنهنجا مقالا، مضمون ۽ شاعري پڙهي آهي.
اردو سيڪشن (مقالات): جنيدِ وقت- صاحبزاده خورشيد احمد گيلاني، سيد العارفين مرشدنا حضرت حافظ محمد صديق رح- خليل احمد حامي عبيدي، دورِ حاضره اور مسجد و خانقاهي فڪر و عمل- رٽائرڊ مرل ايم آءِ ارشد، سيد العارفين حضرت حافظ الملت- محبوب آصف، حافظ الملت جنيدِ وقت حضرت حافظ محمد صديق باني درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف- شمس الدين سهرياڻي، حافظ الملت جنيدِ وقت حضرت حافظ محمد صديق رح- محبوب آصف.
اردو (شاعري): اظهارِ عقيدت- مفتي محمد فاروق القادري رحماني، دعوتِ حق- راؤ مستجاب علي خان هاتف، نذرانِ عقيدت- مولانا عبدالواحد سومرو، نذرانِ عقيدت (سرائيڪي)- سيد ڪاظم شاهه، اعليٰ حضرت حافظ محمد صديق رح (فارسي)- حفيظ الرحمان قاضي عادلپوري.
سائين محمد پنهل ڏھر صاحب جو ٻيو نمبر ترتيب ڏنل ڪتاب آهي:
سرمست، مرتب: محمد پنهل ڏھر، ڇاپو پهريون 2000ع
ڇپائيندڙ سنڌ ريسرچ لائبريري ڳوٺ غلام علي ڏھر، ريتي روڊ ڏھرڪي ضلعو گهوٽڪي سنڌ. سنڌ ڌرتي جي مشهور صوفي شاعر حضرت سچل سرمست جي ڪلام ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ “سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور” پاران سچل سائين تي ڪوٺايل سچل ڪانفرنس ۾ پڙھيل، مقالن ۽ شاعري کي ڪتابي صورت ڏئي سرمست جي نالي سان ڇپايو ويندو رهيو آهي. هي سائين محمد پنهل ڏھر جو ٻيو نمبر ڪتاب انهيءَ سرمست ڪتابي سلسلي جي سال 1981 کا ن 1999 تائين مطلب سرمست جي پهرين پرچي کان اوڻيهين پرچي تائين جو وچور ڏنل آهي. هن سلسلي ۾ سائين محمد پنهل ڏھر وڏي جاکوڙ ڪري سرمست جي 19 سالن جي پرچن کي سامهون رکي هر هڪ سال جي پرچي جي مڪمل فهرست ٻن طريقن سان لکي آهي:
1. مواد وار فهرست، سرمست جي نمبر وار ترتيب سان، هن فهرست ۾ مقالا، مضمون ۽ شاعري، ليکڪ جو نالو ۽ ڪتاب جي انهيءَ ڪڙي ۾ ڇپيل جڳهه جا صفحا ڏنا آهن. 2. مصنف وار فهرست، هن فهرست ۾ مقالي، مضمون يا شاعري جو عنوان، ليکڪ جو نالو، سرمست ڪتاب جو نمبر ۽ اهي صفحا ٻڌايا ويا آهن جن تي ليکڪ جو ليکڪ ڇپيل آهي. مواد وار فهرست يا مصنف وار فهرست ۾ ڏسجي ٿو ته سچل سائين جي عرس مبارڪ تي ٿيندڙ سچل ڪانفرنس ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ به مقالا، مضمون ۽ شاعري پڙھي وئي آهي ۽ ڏسجي ٿو ته وڏا وڏا اديب، عالم، شاعر شريڪ ٿيا آهن جن سچل سرمست سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. سچل سرمست ادبي ڪانفرنس ۾ گهڻو ڪري سائين محمد پنهل ڏھر پاڻ به شريڪ رهيا آهن ۽ ڪانفرنس ۾ مقالا پڙھي سچل سائين سان محبت جو اظهار ڪري چڪا آهن. سائين محمد پنهل ڏھر صاحب پاران پڙھيل ۽ پوءِ وري سرمست ۾ شامل مقالن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. 1. سرمست 14.. 1994 درگاھ ڀرچونڊي شريف جي بياض ۾ سچل سرمست جو ڪلام صفحو 50- 54، 2. سرمست 15..1995 نانڪ يوسف جي ڪلام ۾ سچل سرمست جو ذڪر 51- 60، 3. سرمست 16.. 1996 درازا درٻار جو هڪ درويش 43- 53، 4. سرمست 17.. 1997 حضرت سچل سرمست جو نذرانه عقيدت بحضور اهل بيت عليهم السلام 35- 46، 5. سرمست 18.. 1988 حضرت سچل سرمست جو عاشق پير حسام الدين شاهه راشدي 78- 86، 6. سرمست 19.. 1999 ڪوجهي جي ڪلام ۾ سچل جو ذڪر 70- 77 ، سرمست ۾ شايع ٿيل مواد جي مڪمل فهرست جي هن ترتيب ڏنل 56 صفحن واري ڪتاب جي سر ورق ۽ پس ورق تي سرمست ڪتابي سلسلي جي ڇپيل پرچن جي سر ورق جون تصويرون ڏنيون ويون آهن.
ڀڳت ڪنور رام صاحب مسلمانن جي نگاھ ۾: مرتب محمد پنهل ڏھر، ڇاپو پهريون مارچ 2019ع، ڇپيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد. هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ سائين محمد پنهل ڏھر لکي ٿو ته، “ننڍپڻ کان ئي گھر ۾ پنهنجي والد صاحب ۽ چاچي صاحب کان ڀڳت ڪنور رام صاحب جي باري ۾ گھڻو ڪجهه ٻڌندو ايندو هئس. هو ٻڌائيندا هئا ته ڀڳت ڪنور رام جتي به ڀڳتي ڪندو هو يعني ڳائڻ لاءِ ويندو هو ته اتي ڪيترائي انڌا، منڊا ۽ غريب بيواهه ماڻهو پاڻ کي بيل گاڏين يعني ڏاند گاڏيون ڪرائي تي يعني ڀاڙي تي کڻائي پهچي ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڳائڻ مهل ڀڳت صاحب کي ٻڌندڙن وٽان جيڪا به رقم ملندي هئي، هو اها سموري رقم انهن انڌن منڊن ۽ غريب بيواھ ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. منهنجو والد صاحب ۽ چاچو اهو به ٻڌائيندا هئا ته ڀڳت صاحب جو آواز تمام مٺڙو ۽ سريلو هوندو هو. جڏهن رات جو هڪل ڪري ڳائيندو هو ته سندس اهو آواز تمام پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڀڳت صاحب جي باري ۾ اهي ڳالهيون ٻڌي جواني کان ئي مون کي شوق ٿيو ته ڀڳت صاحب متعلق جيڪي به لکيل ڪتاب، ڇپيل يا اڻ ڇپيل آهن ۽ اُن متعلق ٻيو به سمورو اهو مواد جيڪو ڪتابن، رسالن يا اخبارن وغيره ۾ آهي سو گڏ ڪري پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ محفوظ ڪريان. اهڙي طرح ئي ڀڳت صاحب متعلق اهو سمورو مواد جيڪو ڪتابن مان (ڇپيل يا اڻ ڇپيل) يا رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾ مطالعي دوران هٿ ايندو هو سو شوق سان گڏ ڪندو ويندو هئس، صرف انهيءَ لاءِ ته ڪڏهن نه ڪڏهن اهو سمورو مواد سهيڙي ڀڳت صاحب تي ڪتاب جي صورت ۾ آڻيندس.” ۽ پوءِ نيٺ پنهنجي والد صاحب، چاچي سائين پاران ڀڳت ڪنور رام بابت ٻڌل ڳالهين ۽ اڳتي هلي محبت من ۾ سانڍي پاڻ ڪيترن ئي سالن جي جستجو، محنت ۽ لگن سان، دوستن جي تعاون سان ڀڳت ڪنور رام تي لکيل، ڇپيل، اڻ ڇپيل مواد کي گڏ ڪري، ڪتابي شڪل ڏئي ڇپائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هي ڪتاب سائين محمد پنهل ڏھر جو ٽيون نمبر مرتب ٿيل ڪتاب آهي جنهن ۾ سائين انتهائي، پيار، محبت ۽ عقيدت سان هي مضمون، مقالا سهيڙي گڏ ڪيا آهن. هن ڪتاب جي سنڌي حصي ۾ 52 مضمون ۽ مقالا شامل آهن جيڪي سنڌ جي عالمن، اديبن تاريخدانن، من ۾ محبت پائي لکيا آهن جن ۾ غلام رباني آگرو، شيخ اياز، رحيمداد مولائي شيدائي، مولائي ملاح، محمد پنهل ڏھر خليل مورائي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، تاجل بيوس، بدر ابڙو، پروفيسر سرور سيف، ممتاز بخاري، ڪريم بخش چنا، غلام شبير پراهين، علي دوست عاجز ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه سائين ساڌ رام صاحب جو هڪ انٽرويو ڀڳت ڪنور رام جي زندگي بابت به شامل آهي ته ڀڳت ڪنور رام جي 66 هين ورسي جو احوال به ڏنل آهي، جيڪو ساگر جبار سومرو جو لکيل آهي. شاعري واري حصي ۾ به شاعرن پاران ڀڳت ڪنور رام کي نظم جي صورت ۾ ڏنل ڀيٽا کي پيش ڪيو ويو آهي، جن ۾ نسيم بخاري، غلام علي مسرور بدوي، تاجل بيوس، سجاد ميراڻي ۽ عامر رند جي شاعري شامل آهي. ارد و مضمونن ۾ شاهد علي، ڪامران اعظم سهروردي ۽ انگريزي ۾ پروفيسر حسين بخش نوناري جو مضمون شامل آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب کان اڳ ۾ ڀڳت ڪنور رام صاحب تي سنڌي مسلمان اديبن پاران مرتب ڪيل ٽن سنڌي ڪتابن جو تعارف ۽ فهرستون به شامل ڪيون ويون آهن. انهن ٽن ڪتابن ۾ “دنيا سڀ درياھ” مرتب حفيظ ڏيرو، “اسان جو ڪنور” مرتب انور ڏنگڙائي ۽ “شهيد ڀڳت ڪنور” مرتب تاج جويو صاحب جي ڪتابن جون فهرستون شامل آهن.
حضرت قلندر لعل شهباز، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي روحل فقير جي سوانح ۽ شاعريءَ جو مطالعو: مصنف: محمد پنهل ڏھر، ڇاپو پهريون 2020 ، ڇپائيندڙ سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد، هي سائين محمد پنهل ڏھر جو چوٿون ۽ اصلوڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ پنج مقالا شامل آهن، ٻه مقالا حضرت قلندر شهباز تي آهن ۽ وري ان ۾ ڪي سب ٽائيٽل ڏنا ويا آهن، جيئن: 3. قلندر لعل شهباز جي ملتان ۾ آمد، سندس دوست ۽ ملتان جي درٻار تي اثر. 4. قلندر لعل شهباز جي ملتان جي بزرگن سان ملاقاتون ۽ دوستي. 5. سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز ۽ سندس يارن جي آمد جا آثار. 6. قلندر لعل شهباز جا ملتان ۾ دوست. 7. قلندر لعل شهباز جو ملتان جي گورنر شهزادي محمد ۽ سندس درٻار تي اثر. 8. قلندريات. 9. قلندر لعل شهباز جي شاعري جا ڪتاب. 10. قلندر لعل شهباز جي سوانح ۽ شاعري متعلق لکيل فارسي ڪتاب. 11. حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح ۽ شاعري متعلق لکيل سنڌي ڪتاب. 12. حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل ڪتاب. 13. حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق اردو ۾ لکيل ڪتاب. 14. حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق انگريزي ۾ لکيل ڪتاب. 15. حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح، شاعري ۽ فڪر متعلق سنڌي، اردو ۽ انگريزي (ٽنهي زبانن ۾ گڏيل) لکيل ڪتاب. 16. مختلف زبانن ۾ چند ٻيا ڪتاب. ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي طور ڪجهه خطن جو عڪس ڏنو ويو آهي، جن خطن ۾ راقم محمد پنهل ڏھر کي مختلف موقعن تي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي.
هن ڪتاب ۾ هڪڙو مقالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي به ڏنو ويو آهي، جنهن جو عنوان آهي: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سُر سامونڊي سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو ماخذ.” آخري ٻه مقالا روحل فقير جي سوانح ۽ سندس ڪلا م بابت آهن ۽ مقالن جا عنوان آهن. “حضرت صوفي روحل فقير جي سوانح، ڪلام ۽ پيغام متعلق ڇپيل ڪتاب هڪ نظر ۾.” “سنڌ ۾ اردو ۽ هندي شاعري جو مطالعو ۽ روحل فقير.”
ڪلام صوفي عثمان فقير لغاري: مرتب: محمد پنهل ڏھر، ڇاپو پهريون 2003، ڇپائيندڙ سنڌ ريسرچ لائبريري، ريتي روڊ ڏھرڪي، ضلعو گهوٽڪي سنڌ. سائين محمد پنهل ڏھر هڪ وقت بيروزگاري سبب سخت پريشان هو، تڏھن سندس هڪ عزيز گل زمان خان ڏھر، ان وقت داد لغاري يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري جي مهرباني سان 2 ڊسمبر 1981 تي لغاري ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪلارڪ ٿيو، ڪجھه وقت بعد وري انهيءَ ساڳئي مهربان جي مدد سان يونين ڪائونسل داد لغاري ۾ ناڪي منشي ٿيو ۽ پاڻ داد لغاري ۾ تقريبن هڪ سال رهيو. تڏھن سندس داد لغاري جي عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ درويشن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي، دوستيون ٿيون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون. جيئن سائين محمد پنهل ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته “هڪ ڏينهن داد لغاري شهر جي شاهي بازار جي اوڀارئين آخري ڇيڙي تي هڪ هوٽل تي ويٺو هئس ته هوٽل واري مالڪ، هوٽل جي ٻاهران پيل بينچ تي ويٺل هڪ ڪمزور پوڙھي ماڻھو ڏانهن اشارو ڪندي مون کان پڇيو ته “ انهيءَ کي سڃاڻين؟” مون کيس چيو ته “ ڪونه ٿو سڃاڻان” تنهن تي هوٽل جي مالڪ ٻڌايو ته، “اهو عثمان فقير لغاري آهي” انهيءَ ٻڌڻ سان مان فورن اچي عثمان فقير سان مليس، ڇاڪاڻ ته سندس غائبانه تعارف اڳ ۾ ئي ٿيل هو.” انهيءَ کانپوءِ سائين محمد پنهل ڏھر جون عثمان فقير ۽ سندس مٽن مائٽن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ تڏهن سائين محمد پنهل ڏهر عثمان فقير جي سوانح ۽ ڪلام کي سهيڙڻ شروع ڪيو جنهن ۾ وڌ کان وڌ معلومات سندس دوست عبداللطيف ۽ جمعي فقير فراهم ڪئي. سائين محمد پنهل ڏُهر جي هن مرتب ڪيل ڪتاب “ڪلام عثمان فقير لغاري” ۾ فقير صاحب جي سوانح حيات، سير سفر ۽ مرشد جي بعيت، عبادت رياضت، راڳ سان دلچسپي، درس و تدريس، حليو، لباس، زبان، شاعري، ڪلام جا قلمي نسخا ۽ ترتيب ۽ عثمان فقير جي وفات، زندگيءَ جي ڀرپور ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. ڪتاب ۾ عثمان فقير لغاري جو سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ اردو ڪلام به ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڪافيون، ڪلام ۽ سنڌي، سرائيڪي بيت ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ سائين محمد پنهل ڏھرجو پنهنجو تعارف به شامل ڪيو ويو آهي. 144 صفحن جي هن ڪچي جلد واري ڪتاب جي سرورق تي عثمان فقير لغاري جي تصوير ۽ پس ورق تي سندس قبر شريف تي مصنف جي دعا گهرڻ جو فوٽو ڏنو ويو آهي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟