مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ضلعي ڪشمور ۾ استادن سان ٿيندڙ بيواجبيون ۽ استادن جي حقن لاءِ قائم تنظيمن جي خاموشي

Hazoor Bux Malik تعليمدان، ليکڪ، ڪالم نگار

بي.ايس (P.S)، سماجي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جو استاد سماج جي تعمير، قوم جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي تربيت جي اهم ڪم ۾ هميشه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اهوئي استاد مختلف سرڪاري آفيسن ۾ غير مناسب رويي ۽ بيجا دٻاءُ ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. خاص طور تي ضلعي ڪشمور ۾ استادن جون تڪليفون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن، پر انهن مسئلن تي روايتي استادن جون تنظيمون، خاص ڪري پي ٽي اي ۽ گسٽا خاموش نظر اچن ٿيون. اڄ جڏهن ڪو استاد پنهنجي جائز ڪم لاءِ ضلعي تعليم آفيس، ٽريزري آفيس يا ڪنهن ٻئي لاڳاپيل اداري جو رخ ڪري ٿو ته سندس ڳالهه عزت ۽ احترام سان ٻڌڻ بدران ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرايو وڃي ٿو، غير مناسب لهجي ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي جائز ڪم لاءِ به غير قانوني طور رقم طلب ڪرڻ جون شڪايتون عام آهن. اهو عمل نه رڳو قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پر هڪ استاد جي عزت نفس تي به سڌو حملو آهي. استاد پنهنجي سڄي زندگي ٻارن کي ايمانداري، قانون جي پاسداري ۽ اخلاقي قدرن جو سبق پڙهائي گذاري ٿو، پر جڏهن هو پاڻ سرڪاري آفيسن ۾ وڃي ٿو ته کيس اهڙي ماحول سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، جتي سندس جائز حق به آساني سان نٿا ملن. نتيجي ۾ استاد ذهني دٻاءُ، مايوسي ۽ بيوسي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته جيڪي تنظيمون استادن جي حقن جي تحفظ جون دعويدار آهن، سي اڪثر اهڙن بنيادي مسئلن تي خاموش نظر اچن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ استادن سان روزانو ناانصافيون ٿين ٿيون ته انهن تنظيمن جو فرض آهي ته آواز اٿارين، لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهائين ۽ عملي جدوجهد ڪن. صرف بيان جاري ڪرڻ يا چونڊن جي وقت سرگرم ٿيڻ سان استادن جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪيترن ئي استادن جون نظرون نئين اتحاد (YTA) Young Teachers Alliance ڏانهن لڳل آهن. جيڪڏهن YTA واقعي استادن جي ڀلائي، عزت ۽ حقن لاءِ وجود ۾ آيو آهي ته پوءِ ان کي صرف سوشل ميڊيا تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر ضلعي، تعلقي ۽ اسڪول سطح تي استادن جا مسئلا ٻڌي، قانوني ۽ ادارتي سطح تي انهن جي حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. هر سرڪاري آفيس ۾ استادن سان عزت ۽ احترام وارو رويو اختيار ڪيو وڃي. جائز ڪم لاءِ ڪنهن به قسم جي رشوت يا غير قانوني رقم جي طلب کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. استادن جي ڪم لاءِ واضح، شفاف ۽ وقتائتو نظام قائم ڪيو وڃي. ضلعي تعليمي آفيسن ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ ۽ انهن مٿان قدم کڻڻ لاءِ موثر نظام ٺاهيو وڃي. استاد تنظيمن کي سياسي مفادن بدران استادن جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. استاد جيڪو سماج جو معمار آهي، جيڪڏهن اهو ذهني طور پرسڪون هوندو ۽ سندس آئيني ۽ قانوني حق قانون ۽ آئين مطابق پورا ٿيندا رهندا ته هو پنهنجي استاد واري ذميداري بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهندو. جيڪڏهن هڪ استاد کي عزت، انصاف ۽ سندس اداري طرفان سهڪار نه ملندو ته ان جا مٿس ناڪاري اثر پوندا جيڪي سڄي تعليمي نظام کي متاثر ڪندا. استاد جي عزت دراصل تعليم جي عزت آهي ۽ تعليم جي عزت ئي قوم جي ترقي جي ضمانت آهي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀئي استاد ذاتي، گروهي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پنهنجي حقن، عزت ۽ وقار لاءِ گڏ ٿين، جيڪي نوان پليٽ فارم استادن جي خدمت جي دعويٰ ڪن ٿا، انهن کي عملي ڪارڪردگيءَ سان اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو