مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مهانگائي ملڪي عوام لاءِ هڪ قومي چئلينج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄڪلهه اسان جي سماج کي درپيش سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائيءَ جو آهي. هر ماڻهو جي زبان تي هڪ ئي ڳالهه آهي ته زندگيءَ جو گذر ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. آخر گهر جو گاڏو ڪيئن هلائجي! پيٽرول، گئس ۽ روزمره جي ضرورتن جي اگهن ۾ بيحد واڌ هر ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن اٽو، لٽو ۽ اجهو ميسر نه هوندو جيڪي انسان جون بنيادي ضرورتون آهن ته پوءِ تعليم ۽ علاج جهڙيون سهولتون ته هڪ خواب لڳنديون. هن وقت عوام حڪمرانن جي غير سنجيده رويي سبب مايوسي جي ور چڙهي چڪو آهي، پر رڳو آهون ڀرڻ ۽ دانهون ڪري قسمت کي قصوروار چوڻ سان ڪڏهن به ڪو مسئلو حل نه ٿيندو. تاريخ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته قومون بحرانن ۾ خاموشيءَ سان ويهي نه رهنديون آهن، پر انهن مان نڪرڻ جا نوان رستا ڳولهينديون آهن، ان ڪري هن مهانگائيءَ جي بحران مان نڪرڻ جو پهريون رستو پنهنجي طرزِ زندگي ۾ تبديلي آڻڻ آهي. ڇو ته اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي ڏيکاءُ عام آهي. شادي هجي يا خوشيءَ جي ٻي ڪا تقريب هجي، پر اسان چادر کان وڌيڪ پير پکيڙڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون، يعني اجايا خرچ ڪري پنهنجو سڪون پاڻ برباد ڪندا آهيون. تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي 0.46 سيڪڙو وڌي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائيءَ جي مجموعي هفتيوار شرح 13.52 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ڳڻپ کاتي طرفان مهانگائي بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، 11 شيون سستيون ٿيون ۽ 15 جا اگهه مستحڪم رهيا. جڏهن ته هڪ هفتي اندر ٽماٽا 16.65 سيڪڙو مهانگا ٿيا، پٽاٽا 6.82 ۽ ڪڪڙ 5.60 سيڪڙو مهانگو ٿيو. واشنگ سوپ جي قيمت ۾ 1.16 سيڪڙو واڌ ٿي، کير، ڌونئرو، ٻاڪري گوشت ۽ آنن سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته بصر 2.98 سيڪڙو سستا ٿيا، ٿوم 2.51 ۽ ڪيلا 1.28 سيڪڙو سستا ٿيا، دالين ۽ اَٽي جي قيمتن ۾ به لاٿ آئي آهي. مجموعي طور بجيٽ کان ٻه هفتا پوءِ مهانگائي جو وڌڻ قوم کي حيران ڪندڙ آهي. ياد رکو مهانگائي هڪ اهڙو معاشي مسئلو آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معيشت سان گڏ سماجي ڍانچي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو. جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ضرورتن جي شين جون قيمتون تيزي سان وڌڻ لڳن ۽ عوام جي آمدني ان تناسب سان نه وڌي ته ان صورتحال ۾ ملڪ اندر بک ۽ بدحالي وڌندي آهي. ڇو ته مهانگائي جو سڌو اثر عام ماڻهو جي زندگي تي پوي ٿو ۽ اهي اثر نه رڳو مالي، پر نفسياتي، سماجي ۽ اخلاقي پهلوئن کي به متاثر ڪن ٿا. سڀ کان پهرين، مهانگائي جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوي ٿو، ڇو ته انهن طبقن جي آمدني محدود هوندي آهي، ان ڪري جڏهن ضروري شيون جهڙوڪ: اٽو، کنڊ، کير، گيهه، پيٽرول ۽ ٻين روزمره جي ضرورتن جون قيمتون وڌن ٿيون ته انهن لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون گهٽائڻيون پون ٿيون، ان سان گڏ زندگيءَ جو معيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن وقتن جي ماني جو انتظام ڪرڻ به هڪ چئلينج بڻجي وڃي ٿو. ٻئي طرف مهانگائي سماج ۾ طبقاتي فرق کي وڌيڪ وڌائي ٿي. امير ۽ غريب جي وچ ۾ فاصلو وسيع ٿيندو وڃي ٿو. ڇو ته امير طبقو پنهنجي دولت جي زور تي مهانگيون شيون خريد ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن ته غريب ۽ وچولو طبقو انهن کان محروم ٿيندو وڃي ٿو. اها تفريق سماج ۾ محرومي جو احساس، حسد ۽ نفرت پيدا ڪري ٿي، جيڪا هڪ صحتمند سماجي ماحول لاءِ زهر قاتل آهي. مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو اهم پهلو ڏوهن جي شرح ۾ اضافو آهي. جڏهن ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ته اهي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. چوريون، ڌاڙا، ٺڳيون ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌ ٿئي ٿي، جنهن سان سماج ۾ بيچيني، خوف ۽ غير محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ان کان علاوه، مهانگائيءَ جي ڪري نوجوانن ۾ بيروزگاري ۽ مايوسي وڌي ٿي جنهن سبب نوجوان جذباتي قدم کڻي خودڪشيون ڪرڻ تي پڻ مجبور ٿي وڃي ٿو. جڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته ڪاروباري لاڳت به وڌي وڃي ٿي ۽ ڪاروباري نون ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ کان پاسو ڪن ٿا. ان طرح نوجوان طبقو جيڪو ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندو آهي، بيروزگاري ۽ معاشي دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ان سان ذهني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ خودڪشي جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا. اهڙي طرح تعليم ۽ صحت جا شعبا به مهانگائيءَ کان محفوظ نٿا رهن. جڏهن خرچ وڌن ٿا ته والدين ٻارن جي تعليم تي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳن ٿا ۽ اڪثر ٻارن کي اسڪول مان ڪڍڻو پوي ٿو. اهڙي طرح علاج جون سهولتون مهانگيون هجڻ ڪري ماڻهو بيمارين کي برداشت ڪرڻ لڳن ٿا ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ ڪري صحت جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. ياد رکو مهانگائيءَ جا اثر رڳو فرد يا ڪنهن گهر تائين محدود نٿا رهن، پر اهي قومي سطح تي به معيشت کي ڪمزور ڪن ٿا. مهانگائيءَ جي ڪري ملڪي برآمدات متاثر ٿين ٿيون، ڪرنسي جو قدر ڪري ٿو ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي. ڪنهن به ملڪ لاءِ مهانگائي هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي. شفاف معاشي منصوبابندي، ڪرپشن جو خاتمو، روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جهڙا قدم مهانگائيءَ جي منفي اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. ان سان گڏ عوام ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ ۽ ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ به ضروري آهي. ياد رکو، ڪفايت شعاري يا سادگي ڪا مجبوري نه، پر هڪ شعوري فيصلو آهي. اسان کي وسيلن جو عقل سان استعمال سکڻو پوندو. “پلاننگ سان خرچ” ڪرڻ ئي اڄ جي وقت جي گهرج آهي. ان ڪري ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو ته قومون مشڪل وقتن ۾ ٽٽنديون نه آهن، پر نِکري نئين سر اڀرنديون آهن. ان لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عوام کي گڏجي، هڪ جهڙائي سان قدم کڻي مهانگائيءَ جي بحران جو خاتمو آڻڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو