مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ ڇا انسان اڃان به انسان رهڻ چاهي ٿو؟

Sufi Rahman Ali

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ويھين صديءَ ۾ جنگ خندق، توپخانن، ٽينڪن، بارود وسيع انفينٽري پيادل فوجن دستن ۽ ڪنڊيدار سرحدن سان سڃاتي ويندي هئي، پر ايڪيهين صديءَ ۾ جنگ جي شڪل بدلجي چڪي آهي، هاڻي جنگ اسٽيلٿا ٽيڪنالاجي سان ليس ويڙهاڪ جھاز، سپرسونڪ ميزائيل، ڪوانٽم ريڊار سسٽمن، فائبر آپٽڪ ڪيبل ڊرونز، ڊيٽا، الگورٿمن ھٿرادو ذھانت ۽ توانائي جي ڪنٽرول ذريعي وڙهي وڃي ٿي، طاقت جو مرڪز هٿيارن مان نڪري معلومات ۽ ٽيڪنالاجي ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي، جديد جنگ اعلان دفاع وڄائي شروع نٿي ٿئي، هاڻي جنگ هڪ ڪوڊ، هڪ سائبر حملي يا هڪ خودڪش ڊرون جي خاموش اڏام سان جنم وٺي ٿي، ڪوانٽم ريڊار سسٽم اهڙن هدفن کي جلد سڃاڻن ٿا، جيڪي روايتي ريڊارن کان اوجهل هوندا آهن، اهڙي جنگ ۾ سپاهي ميدان ۾ نه، پر سرور رومز ۾موجود آهن ۽ جنرل ميدان جنگ جا نقشا نه، پر ڊيٽا ڏسن ٿا، پولار ۾ تارا اڃان به ٽمٽار آهن، پر انهن جي وچ ۾ اهڙا اڻ ڏٺل سگنل گردش ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪوانٽم ريڊار سسٽمن جي اکين ۾ قيد آهن. دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي نظر کان اوجهل ڊرون، برقي لهرن ۾ ويڙهيل، سرحدن کان بغير اڏام ڪن ٿا، طاقت هاڻي صرف هٿيارن ۾ نه، پر ڊيٽا، توانائي ۽ حسابي شعور ۾ ماپي وڃي ٿي. اسان کي هميشه سيکاريو ويو ته جنگ بهادري آهي، پر ڪنهن به نه ٻڌايو ته جنگ دراصل انساني سوچ جي شڪست هوندي آهي، جڏهن دليل ٿڪجي پون ٿا، تڏهن بارود ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، جڏهن فلسفو خاموش ٿئي ٿو، تڏهن توپون تقريرون ڪنديون آهن، آمريڪا ۽ چين هن جديد دور جا ٻه وڏا ڪردار آهن، هڪ طرف آمريڪا، جتي توانائي جو استعمال اعليٰ جديديت جي علامت بڻجي ويو آهي، اتي ڊرون اسٽيلٿا ٽيڪنالاجي سان دنيا کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف چين جيڪو وسيع آبادي ۽ صنعت جي دٻاءُ هيٺ، صاف توانائي سان گڏ دنيا ۾ پھرين جديد نگراني ڪوانٽم ريڊار نظامن کي ترقي ڏئي ڇھين نسل جرنيشن ويڙهاڪ جھاز جي تجرباتي اڏام ڀري رهيو آهي. هي مقابلو صرف توانائيءَ جو ناهي، پر مستقبل تي بالادستي جو آهي، ڊرونز هاڻي صرف جنگي اوزار ناهن، اهي سياسي پيغام بڻجي اڏام ڀري رھيا آھن، قديم زماني ۾ بادشاهه زمين لاءِ وڙهندا هئا، جيئن وسيح سلطنت قائم ڪري سگھجي، وچئين دور ۾ مذهبي عقيدن لاءِ جنگيون شروع ٿيون ويهين صدي ۾ قوميت جي شناخت جي بقا لاءِ جنگيون وڙهيون ويون ۽ اڄ جنگ ڊيٽا، نيئريٽو ۽ ڪنٽرول لاءِ آهي. هي نيو ورلڊ آرڊر آهي جتي تلوار کان وڌيڪ تيز ھائپر سونڪ ميزائيل خودڪش ڊرونز آهن ۽ بندوق کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار الگورٿم آهي. آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ تڪرار جتي پابنديون، تيل جي وسيع ذخيرن تي قبضو ڪرڻ لاءِ آمريڪا جنگ شروع ڪئي وينزويلا جا تيل جا ذخيرا، عالمي توانائي جي راند ۾ شطرنج جا مهرا بڻيا ۽ تاريخ اسان کي بار بار سيکاري ٿي ته وڏيون مدي خارج سلطنتون ٻاھران آيل حملي آور سان نه، پر پنهنجي اخلاقي ٿڪاوٽ سان زوال پذير ٿينديون آهن. اڄ عالمي طاقتن وچ ۾ وسيلن جي ڦرلٽ نئين ٽيڪنالاجي جي پردي ۾ جاري آهي. تيل، پاڻي، لٿيم، ڊيٽا ۽ انساني محنت سڀ ڪجهه جديديت جي نالي تي ورهايو وڃي ٿو، جتي چند محدود ۽ بنياد پرست مذھبي سوچ رکندڙ ماڻهو طاقت ۽ منافعي لاءِ انهن وسيلن جو غلط استعمال ڪن ٿا. نيو ورلڊ آرڊر جو نعرو نئون آهي، پر راند پراڻي، طاقت اڄ به انصاف کان اڳيان آهي، فرق صرف ايترو آهي ته هاڻي طاقت مسڪرائي ڳالهائي ٿي، ڊپلوميسي جنگ جو متبادل نه رهي، پر جنگ جو نرم چهرو بڻجي وئي آهي، پر تاريخ ڪڏهن به ڪنھن سان ناانصافي ناھي ڪندي البرٽ آئن اسٽائن چيو هو مان نٿو ڄاڻان ته ٽين عالمي جنگ ڪهڙن هٿيارن سان وڙهي ويندي، پر چوٿين جنگ لٺين ۽ پٿرن سان وڙهي ويندي، اهو قول اڄ جي ڪوانٽم دور ۾ به ايترو سچو ۽ مضبوط دليل آهي. جڏهن ڊرون هڪ بٽڻ دٻائڻ سان گل گلزار زندگين کي ختم ڪن ٿا، تڏهن انسانيت جي اخلاقي ريڊار سسٽم کي به جاڳڻو پوندو، طاقتور ملڪن وٽ جديد ٽيڪنالاجي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا وٽن دانائي به آهي؟ آمريڪا اسرائيل ايران جنگ سبب بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ توانائي، جنگ ۽ ٽيڪنالاجي هڪ ئي ڪهاڻي جا مختلف باب بڻجي ويا آهن. آمريڪا جديد ايٽامڪ پاور، ونڊ پاور ۽ سولر پاور سان گڏ پنهنجي برقي نظام کي جديد بڻائي رهيو آهي. جڏهن ته چين پن بجلي ۽ سولر توانائي ڪوانٽم فزڪس جي نواڻ جي منصوبن ذريعي دنيا کي ڏيکاري رهيو آهي ته طاقت صرف بم بارود ۾ نه، پر توانائيءَ ۾ به ٿي سگهي ٿي، پر مستقبل جو فيصلو جديد هٿرادو ذهانت سان ليس ڊرونز ۽ چوٿين نسل جا ويڙهاڪ جھاز نه، پر انسان جو شعور ڪندو. ڇاڪاڻ ته جيئن ايرڪ فرام چيو هو “جديد انسان وٽ تباهي جا وسيلا وڌي ويا آهن، پر دانائي گهٽجي وئي آهي” ۽ جيستائين دانائي طاقت کان اڳتي نه نڪرندي، تيستائين آسمان ۾ اڏامندڙ ڊرون، زمين تي رهندڙ انسان جي خوف جي ڪهاڻي ٻڌائيندا رهندا.
ڇا ٽين عالمي جنگ شروع ٿي چڪي آهي؟ شايد اها ڪنهن هڪ ڏينهن يا ڪنهن رسمي اعلان سان شروع نه ٿيندي شايد اها اڳ ئي هلي رهي آهي. اقتصادي پابندين ۾، سائبر حملن ۾، تهذيبن جي ٽڪراءُ ۾ ۽ طاقتور ملڪن جي خاموش رضامندي ۾ هن جديد ٽيڪنالاجيءَ جو درد پراڻو ئي آهي، ماءُ جو روئڻ ٻارن جي ذھنن جو ڊپ ھن گلوبل وليج جي عام شهرين جو سوال، هي جنگ آخر ڪنهن جي لاءِ وڙھي پئي وڃي؟ ترقي هٿيارن ۾ ٿي، پر انسانيت پوئتي رهجي وئي ته هر فتح اصل ۾ شڪست بڻجي وڃي ٿي، لينن چيو هو ڪجهه هفتا ڏهاڪن جي برابر هوندا آهن. شايد اسين اهڙن هفتن ۾ جي رهيا آهيون جتي چين جي خاموشي، ايران جي مزاحمتي حڪمت عملي، آمريڪا جو عالمي بالادستي کي طاقت جي بنياد تي قائم رکڻ ۽ ڪمزور ملڪن جي بيوسي گڏجي هڪ نئين دردناڪ تاريخ لکي رهيا آهن. آبناءِ هرمز هن سڄي راند جو مرڪزي نقطو بڻيل آهي، هتان گذرندڙ تيل ۽ گئس جي فراهمي رڳو خليجي رياستن لاءِ نه، پر سڄي دنيا جي معيشت لاءِ حياتي جيان آهي. جيڪڏهن هتي ڪابه رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جا اثر عالمي مارڪيٽن کان وٺي عام انسان جي روزمره زندگي تائين محسوس ڪيا وڃن ٿا. سعودي عرب، قطر، ڪوويت، بحرين، متحده عرب امارات جھڙيون خليجي رياستون ايران سان سڌو سنئون ٽڪراءُ کان لنوائي رهيون آھن، اھي اوپيڪ رياستون هڪ اهڙي توازن ۾ بيٺل آهن، جتي هڪ طرف پنهنجن مفادن جو تحفظ کي اوليت ڏئي رهيون آهن ته ٻئي طرف وڏي جنگ کان بچڻ جي ڪوشش، پر انهن جي وچ ۾ وسيع پروڪسي جنگين جو هڪ ڄار وڇايل آهي جتي سڌي ٽڪراءُ بدران ٻين ذريعن سان طاقت آزمائي ٿي وڃي. ٻئي پاسي آمريڪا چائنا جهڙيون عالمي قوتون هن خطي ۾ پنهنجي اثر کي برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ خاموش، پر گهري مقابلي ۾ مصروف آهن. آمريڪا پنهنجي روايتي اثر کي بچائڻ چاهي ٿو. جڏهن ته چين توانائي جي فراهمي ۽ معاشي مفادن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نوان اتحاد ۽ رستا ڳولهي رهيو آهي. روس به هن عالمي شطرنج ۾ پنهنجون الڳ چالون هلائي رهيو آهي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي. توانائي جي فراهمي خاص ڪري تيل ۽ گئس هاڻي رڳو اقتصادي مسئلو ناهي، پر اهو سياسي ۽ فوجي حڪمتِ عملي جو مرڪزي عنصر بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن سپلاءِ چين ۾ مسلسل رڪاوٽ اچي ٿي ته اها رڳو قيمتن ۾ واڌ نٿي آڻي، پر اها اتحادَن کي تبديل ڪري، نون تڪرارن کي جنم ڏئي ۽ پراڻن زخمَن کي ٻيهر تازو ڪري ڇڏيندي. دنيا اڄ اهڙي موڙ تي بيٺي آهي، جتي جنگ جو اعلان نٿو ٿئي، پر ان جو اثر هر گهر جي در تي دستڪ ڏئي ٿو، موت مار طاقتور هٿيارن ۾ لاڳيتو واڌارو نون تڪرارن کي جنم ڏئي رھيو آھي، پر دانائي ڊپلوميسي سفارتي فيصلا ڪندڙ ميزن تان غائب ٿي رهيا آهن. چين جي خاموشيءَ آمريڪا جي عالمي بالادستي، جو ضد ايران جي مزاحمتي ڪردار ۽ وچ اوڀر جي نه وسامندڙ باهه، اهي سڀ الڳ الڳ واقعا ناهن، پر هڪ ئي عالمي بحران جا مختلف چهرا آهن، سيموئيل هنٽگٽن جو تهذيبن جو ٽڪراءُ هاڻي نظريو نه، پر روزمره جي حقيقت بڻجي چڪو آهي، جتي سڃاڻپ، عقيدو ۽ ثقافت بارود سان ڳنڍجي ويا آهن، جديد ترين اسٽيلٿا ٽيڪنالاجي، سپرسونڪ ميزائيل ۽ خودڪار ڊرون شايد جنگ کي تيز بڻائين، پر امن کي ويجهو نٿا آڻين، انهيءَ ڊوڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ زخمي هميشه انسانيت ٿيندي آهي. جيڪڏهن طاقتور قومون خاموشي کي حڪمت عملي ۽ جنگ کي حل سمجهنديون رهيون ته ٽين عالمي جنگ امڪان نه، انجام بڻجي سگهي ٿي. هاڻي سوال هي ناهي ته ڪير وڌيڪ طاقتور آهي، پر سوال هي آهي، ڇا انسان اڃان به انسان رهڻ چاهي ٿو؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو