مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

“آئيس” سماجي تباهي ۽ نسلن جي بربادي!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سماج جڏهن پَنهنجي اندر جهاتي پائي ٿو ته اُن کي صَرف ترقي، جديديت ۽ تبديلي نظر نٿي اچي، پر اُن سان گڏ ڪُجهه اهڙا خاموش، تيز ۽ انتهائي خطرناڪ زهر به سامهون اچن ٿا، جيڪي آهستي آهستي نسلن جي بُنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏين ٿا. اهڙن خطرن مان سَڀ کان وڌيڪَ ڳڻتي جوڳي حقيقت ”آئيس” (Ice) آهي، جيڪو جديد دور جو هڪ مصنوعي، ڪيميائي ۽ انتهائي خطرناڪ نشو آهي. هي نشو هاڻي ڪنهن هڪ طبقي، هڪ علائقي يا هڪ خاص سماجي گروهه تائين محدود ناهي رهيو، پر اُهو شهرن کان ڳوٺن، گهٽين، تعليمي ادارن ۽ گهرن جي اندر خاموشيءَ سان پَنهنجي تباهي جا پير کوڙي چُڪو آهي. آئيس، جنهن کي سائنسي طور ميٿ ايمفيٽامين چيو وڃي ٿو، ھي ليبارٽري ۾ تيار ٿيندڙ ڪيميائي مرڪب آهي، جيڪو انساني دماغ جي فطري نظام سان هٿ چراند ڪري ٿو. اُهو شيشي جهڙو چمڪندڙ ڪرسٽل جهڙو آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو اُن جي ظاهري شڪل کان دوکو کائي وڃن ٿا، پر اُن اندر خطرناڪ زهر انساني دماغ، دل، جسم ۽ شعور کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو. تحقيق مطابق آئيس دماغ ۾ ڊوپامين جي مقدار کي غير فطري حد تائين وڌائي ٿو، جنهن سان واپرائيندڙ عارضي خوشي، جوش ۽ توانائي محسوس ڪري ٿو، پر اُها خوشي هڪ فريب وانگر آهي جيڪا انسان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. آئيس يا ميٿ ايمفيٽامين ھي مرڪب پهريون ڀيرو 1887ع ۾ جرمن ڪيمسٽن تيار ڪيو، اُن وقت اُن جو استعمال محدود هو، پر وقت گُذرڻ سان گڏ اُن جي استعمال جا رُخ بدلجي ويا. ٻي عالمي جنگ دوران 1939ع کان 1945ع تائين فوجي سپاهين کي جاڳائڻ ۽ متحرڪ رکڻ لاءِ هِن نشي آور دوا جو استعمال ڪيو ويو. خاص طور تي جاپاني فوج ۾ “ميٿ” جو استعمال وَڏي پيماني تي ڪيو ويو، جتي سپاهين جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ ۽ کين متحرڪ رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. جنهن بعد جنگ ختم ٿيڻ تي هي مرڪب آهستي آهستي غير قانوني منشيات جي دُنيا ۾ داخل ٿي ويو. جنگ کانپوءِ آئيس جي پيداوار ۽ واپار آهستي آهستي وڌڻ لڳو. مختلف غيرقانوني گروهن اُن کي هڪ ڪاروبار طور اختيار ڪيو ۽ دُنيا جي مختلف علائقن تائين رسائي شروع ٿي وئي. وقت سان گڏ اُن جي تياري آسان ٿي وئي، خرچ گهٽجي ويو ۽ اثر وڌيڪَ خطرناڪ ٿي ويا، جنهن سبب اُهو عالمي سطح تي هڪ وَڏو سماجي مسئلو بڻجي ويو. پاڪستان تائين هِن نشي جو سفر عالمي منشيات جي نيٽ ورڪن سان جُڙيل آهي. جڏهن 1980-90 جي ڏهاڪن ۾ افغانستان ۾ جنگين سبب منشيات جو واپار وڌيو، تڏهن پاڪستان به اُن تباهي کان محفوظ نه رهيو. شروع ۾ هيروئن ۽ چرس جهڙيون منشيات عام ٿيون، پر وقت سان گڏ مصنوعي منشيات به مُلڪ ۾ داخل ٿيڻ لڳيون. 2000ع کانپوءِ آئيس جو استعمال ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو، پر 2010ع کانپوءِ آئيس جو نشو سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس ۽ ٻين هنڌن هِن نشي جا ڪيس تيزيءَ سان وڌيا آهن. هي نشو شهري علائقن کان ننڍن شهرن، گھرن، ڳوٺن ۽ هاڻي تعليمي ادارن تائين پُهچي چڪو آهي. هن وقت حالت ڳنڀير آهي، ڇو ته آئيس هاڻي صرف گهٽين يا غير رسمي جاين تائين محدود ناهي، پر اُهو يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ڪُجهه حلقن تائين به پُهچي چُڪو آهي. جتي علم، شعور ۽ مستقبل جي تعمير ٿيڻ گهرجي، اُتي هي نشو خاموشي سان نوجوان ذهنن کي تباهه ڪري رهيو آهي. ڪيترن تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي روين ۾ تبديليون، پڙهائي کان بي رخي ۽ نفسياتي مسئلن جي پويان هِن نشي جو اثر ڏٺو وڃي پيو. رپورٽن موجب پاڪستان ۾ آئيس جي تباهي انتها تائين پهچي چُڪي آهي. هر ڏينهن لڳ ڀڳ 700 انسان نشي سان لاڳاپيل بيمارين، اوورڊوز ۽ اُن جي پيچيدگين سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي وڃن ٿا. مطلب ته هر ڪلاڪ ۾ تقريبن 25 کان 30 قيمتي جانيون خاموشي سان ضايع ٿيون ٿيون. هي زهر هر سال تقريبن 2.5 لک انساني زندگيون ڳڙڪائي وڃي ٿو. جنهن جي پويان تباهه خاندان، روئندڙ مائون، ٽٽل پيءُ ۽ دردناڪ مستقبل جي ڪهاڻي لڪل هوندي آهي. خاص طور تي جڏهن آئيس جي ڳالهه ڪجي ٿي ته صُورتحال وڌيڪَ ڳڻتي جوڳي ٿي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ صرف آئيس سبب ٿيندڙ موتن جو ڪوبه تصديق ٿيل رڪارڊ موجود ناهي. گهڻا ڪيس رپورٽ ئي ناهن ٿين يا وري ٻين طبي سببن نالي هيٺ لڪي وڃن ٿا. ان نشي جو هڪ ٻيو ڳڻتيءَ جوڳو پاسو اُهو آهي ته هِن وبا جو شڪار صرف مرد ۽ ڇوڪرا ناهن، پر عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون به اُن جي وَرِ چڙهيل آهن. مختلف طبي ۽ سماجي رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ هن نشي جو استعمال تيزيءَ سان هلي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ هن نشي جا اثر اڪثر سماجي، ذهني دٻاءُ، غلط صحبت يا لڪل حالت ۾ ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن جي درست ڊيٽا سامهون نٿي اچي. اُن جي باوجود ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ سماجي ادارن جو چوڻ آهي ته هن نشي سبب پيدا ٿيندڙ اثرن سبب نفسياتي بيمارين، دل جي اوچتي بند ٿيڻ، خودڪشيءَ جي رجحان ۽ اوچتي موت جهڙا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هي صرف انگن جو اضافو ناهي، بلڪه هڪ اهڙو خوفناڪ سچ آهي جيڪو اَڃان تائين مڪمل طور ظاهر ئي ناهي ٿيو ۽ خاموشي سان نسلن کي ڳڙڪائيندو وڃي. تحقيق موجب هن نشي جو شڪار 15 کان 25 سالن جي عمر جا نوجوان ٿين ٿا. هيءَ عمر زندگيءَ جو اهم دور هوندو آهي، جتي خوابن، مقصدن ۽ مستقبل جا بُنياد رکيا ويندا آهن، پر ان وقت نوجوان نفسياتي طور تي تمام حساس به هوندو آهي. تجسس، دوستن جو دٻاءُ، بيروزگاري، مايوسي، غلط صحبت ۽ سماجي دٻاءُ نوجوانن کي هِن نشي ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿا. شروع ۾ اُهو هڪ رونشي طور آزمايو ويندو آهي ۽ پوءِ عادت ۽ ضرورت بڻجي ويندو آهي. هي نشو انسان جي ننڊ جي نظام کي متاثر ڪري ٿو. ڇو ته هن جي واپرائڻ سان دماغ غير فطري طور متحرڪ ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب ماڻهو 6 کان 24 ڪلاڪ تائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن کان ٽن ڏينهن تائين بنا ننڊ هلي سگهي ٿو، پر اُها ڪيفيت طاقت يا صحت جي علامت نه هوندي آهي، پوءِ اُها هڪ خطرناڪ بيماريءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. دل ۽ دماغ جو حد کان وڌيڪ متحرڪ رهڻ غير فطري هجڻ ڪري انسان چڙچڙو، بيچين ۽ جارح ٿي پوي ٿو. ڪُجهه وقت کانپوءِ اهو ڊپريشن ۽ نفسياتي بُحران ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ انسان مڪمل طور ٽٽي پوي ٿو. ماڻهو جي ننڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ بُک به ختم ٿي وڃي ٿي، جسم تيزيءَ سان ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو، وزن گهٽجي وڃي ٿو، چهري جي تازگي مڪمل طور غائب ٿي وڃي ٿي، ڏند خراب ٿي وڃن ٿا، چمڙي جي رونق ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انسان وقت کان اڳ پوڙهو نظر اچڻ لڳي ٿو. سَڀ کان خطرناڪ ڳالهه اُها آهي ته ياداشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، انسان وهمي ٿيو پوي، حقيقت ۽ خيال ۾ فرق وڃائي ويهي ٿو. دل، جگر ۽ گردا سخت متاثر ٿين ٿا ۽ پوءِ آئيس جو عادي ڪيترن ئي سببن سبب موت جي آغوش ۾ هليو وڃي ٿو. هي نشو صرف هڪ عادت ناهي، پر هڪ اهڙو بي رحم عذاب بڻجي وڃي ٿو، جيڪو انسان کان سندس خوشيون، صحت، هوش، شعور ۽ ذهن ڦري وٺي ٿو ۽ پوءِ هو اُهو نٿو ڏسي ته سندس اڳيان ڪير بيٺو آهي. هي نشو ماڻهن کي اهڙي درجي تي پهچائي ٿو جتي هو پَنهنجي ئي گهر وارن سان بدسلوڪي ۽ تشدد ڪرڻ لڳن ٿا. رشتن جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو گهر جيڪو نشي جي عادي جي لاءِ ڪڏهن محفوظ جاءِ پناهه هئي اهو سندس وجود سان جهنم بڻجي وڃي ٿو. اُنهن اذيتن جو گهڻو بار اُنهن معصوم نياڻين تي پوي ٿو، جيڪي بنا ڏوهه جي سزا ڀوڳين ٿيون ۽ ڪيتريون ئي نياڻيون اهڙي تشدد سبب پنهنجي زندگي وقت کان اڳ وڃائي ويهن ٿيون. جڏهن نوجوان نسل هِن نشي جو شڪار ٿئي ٿو سندن خاندانن جي هر فرد جو سڪون تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ ننڊون اُڏامي وڃن ٿيون. انهن جي تعليم جو سلسلو رڪجي وڃي ٿو ۽ اهڙا نوجوان گهڻو ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ ڦاسي پون ٿا. اهڙا نوجوان گندگيءَ جي ڍيرن تي زندگي گذارڻ لڳن ٿا ۽ اهو منظر سندن خاندان وارن لاءِ ۽ سماج لاءِ نفرت جو سبب بڻجي وڃي ٿو. نشي جي واڌ جا اهم سبب بيروزگاري، غربت، نفسياتي دٻاءُ، سماجي بيچيني، غلط صحبت، منشيات جي آسان دستيابي ۽ قانوني ڪمزوريون آهن. تعليمي ادارن ۾ شعور جي کوٽ ۽ سوشل ميڊيا تي غلط اثر پڻ هِن مسئلي ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان هِن سماجي درد کي سمجهون ۽ هن خلاف آواز اُٿاريون ۽ معاشري کي هن زهر کان بچائڻ لاءِ گڏجي بيهون. ڇو ته اسان جي خاموشي ڪيترن ئي گهرن جا ڏيئا اُجهائي سگهي ٿي. اسان کي هن زهر خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن حڪومت منشيات خلاف سخت قانون لاڳو ڪري. اسمگلنگ نيٽ ورڪن کي مڪمل طور ختم ڪري ۽ سرحدن تي نگراني کي مضبوط بڻائي. ساڳئي وقت بحالي مرڪزن جو ڄار وڌايو وڃي، جتي متاثر ماڻهو ٻيهر زندگيءَ ڏانهن واپس اچي سگهن. تعليمي ادارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مهمون هلائڻ گهرجن ته جيئن نوجوان طبقو محفوظ رهي. والدين کي ٻارن سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي، انهن جي اٿ ويهه، دوستن ۽ عادتن تي نظر رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ سماج ۾ رھندڙ ھر فرد کي اِھا خبر آهي ته آئيس هڪ خاموش دشمن آهي، پر عام طور تي ان بابت نٿو ڳالهايو وڃي. انسان ٻاهران ساڳيو نظر ٿو اچي، پر اندران مڪمل طور خالي ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن نوجوان محفوظ آهن ته قوم زنده آهي ۽ جيڪڏهن نوجوان تباهه ٿي ويو ته قوم به تباهه ٿي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو