حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (حوسڪ)
Shabir Khokharr تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
حيدرآباد واٽر ايندڙ سيوريج ڪارپوريشن مڪمل طور تي ھڪ ناڪام ادارو ثابت ٿيو آهي، سڄي شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي جو ڪوبه چڱو بندوبست نٿو ڏسجي، ھر علائقي ۾ گندو پاڻي جمع ٿيل آھي ڪٿي به پمپنگ اسٽيشن تائين پاڻي نيڪال نه پيو ٿئي. اداري جا انجنيئر ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن، جيڪو به نئون ڪم ٿيو آهي سو ناڪام ويو آهي. پراڻي پائپ لائين کي کولڻ، صاف ڪرڻ بدران رڳو نوان منصوبا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي پڻ ناڪام ٿي پيا آهن.
حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (حوسڪ) کي پنھنجي سوشل ميڊيا پيج ۽ ويب سائيٽ تي شھر ۾ ڪل پمپنگ اسٽيشنن جو تعداد، علائقي جي نالي سان گڏ انھن جي بجليءَ جي بل جا تفصيل، پاڻي جي ناجائز ڪنيڪشن، پاڻيءَ جي بل نه پياريندڙن جا تفصيل پڻ پڌرا ڪرڻ کپن، پنھنجي بجيٽ، آمدني، خرچ جا تفصيل پڻ جاري ڪرڻ گھرجن، اداري کي پنھنجي ترقياتي منصوبن بابت پڻ تفصيل ڏيڻ کپن .
ادارو روڊ رستن تي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي، صاف پاڻيءَ جي فراهمي واري لائين جي ٽٽڻ تي مرمت جو ڪم ڪندي ڪٿي به نظر نٿو اچي، نه وري غير قانوني ڪنيڪشن خلاف ڪارروائي ڪندي نظر اچي ٿو. شھر ۾ ھزارن جي تعداد ۾ غير قانوني ڪنيڪشن موجود ھجڻ سبب روڊ رستن کي نقصان پهچايو ويو آهي. ادارو ان جي خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪري سگهيو آهي. نه وري ڪڏھن اسسٽنٽ ڪمشنر کي خط لکي قدم کڻڻ لاءِ چيو ويو آهي. واڌو واھ پنجاھ سالن کان گندي پاڻيءَ جي ڇوڙ سبب شھر ۾ بدبوءِ، ماحولياتي آلودگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ھن اداري ڪڏھن به ڪو قدم نه کنيو آهي.
سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) کي ھن اداري جي غير ذميواري سبب گندي نالن مان نڪرندڙ بدبودار گيس ۽ واڌو واھ ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ سبب پيدا ٿيندڙ فضائي آلودگي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ کپي. ٻيو اين ۵ روڊ جي ٻنهي پاسن کان خالي زمين ۾ گندي پاڻي جي نيڪال خلاف به قدم کڻڻ گھرجي، جنھن سان پڻ فضائي آلودگي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ضلعي انتظاميا مون سون برساتن کان برساتن جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ اڳواٽ اپاءُ وٺڻ لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيا، پر افسوس قاسم آباد، نسيم نگر برساتن کان اڳ گٽر جي پاڻي سبب ٻڏل آهي، پراڻي نالي جي گذريل ڪيترن سالن کان صفائي نه پئي ڪئي وڃي. جڏھن ته گٽر جو پاڻي روڊ تي اٿلي پيو آهي، نئين پائپ لائين وڇائي وئي آهي جنھن سان رڳو واڌو واھ جو پاڻي نيڪال ٿيندو. ٻه سال اڳ ھڪ نئون نالو تعمير ڪيو ويو ھو، جيڪو پڻ ناڪام ٿي ويو آهي، جنھن جي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به درست انتظام نٿو ڏسجي، نالو بند ھجڻ ڪري نه روڊ جو پاڻي ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو نه وري ان جو پاڻي ڪٿي نيڪال ٿئي ٿو. ڪجھه هٿرادو سوراخن جي ڪري خطرناڪ گيس خارج ٿيڻ سان فضائي آلودگي جو سبب بڻجي چڪو آهي. نسيم نگر کان علي پيلس تائين پراڻي نالي جي ڪيترن سالن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري مڪمل طور بند پيو آهي. ٽي ايم سي قاسم آباد ۽ حيدرآباد واٽر ايندڙ سيوريج ڪارپوريشن جي انتظاميه ڪوبه جوڳو بندوبست نه ڪري سگهي آهي.
قاسم آباد جي گندي پاڻي جي نيڪال جا منصوبا:
ضلعي انتظاميا جي ترجيحن ۾ اھڙا ترقياتي ڪم به شامل ڏٺا ويا آهن، جن کي رڳو مرمت جي ضرورت ھئي، پر ان لاءِ نئون منصوبو جوڙيو ويو. مثال طور: علمدار چوڪ کان ڀٽائي ٽائون روڊ جو منصوبو شامل آهي. ان جي برعڪس جن نون منصوبن جي ضرورت ھئي انھن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جن ۾ باءِ پاس سان گڏ سروس روڊ، ھيٺانھن لنگھن جا روڊ، نقاش ولاز کان واڌو واھ روڊ، ريلوي اسٽيشن روڊ، ريلوي ٽريڪ سان ديوار يا بارڊر وغيره شامل آهن . نسيم نگر کان علي پيليس تائين روڊ تي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جا چار نالا تعمير ڪرڻ کانپوءِ به گندي پاڻي جو نيڪال مشڪل، شھري رٿابندي جي انجنيئرن لاءِ سواليه نشان؟؟ نوان نالا وجھڻ کان بھتر ھو ته پراڻن جي مرمت تي خرچ ڪيو وڃي ھا، جنھن سان مسئلو حل ٿي سگهي پيو، پر ھڪڙي روڊ تي چار نالا الڳ الڳ کوٽڻ سان روڊ کي پڻ نقصان پھتو، جنھن جي پڻ ٻيھر تعمير تي اضافي خرچ ڪيو ويو، وري گندي پاڻي جي اٿلي پوڻ سان روڊ تباھ ٿي ويو، وري روڊ جي مرمت، تعمير تي ٻيھر خرچ ڪيو ويو. اھڙي طرح قاسم آباد جي ھڪڙي روڊ تي اربين رپيا خرچ جي باوجود مسئلو حل نه ٿي سگهيو.
بلڪل اھڙي طرح ٿڌي سڙڪ، پڪوڙا چوڪ روڊ، وحدت ڪالوني روڊ جا نالا پڻ مرمت جوڳا آهن، جن کي قابل استعمال بڻائي سگهجي ٿو، پر افسوس ڪيترن سالن کان انھن جي مرمت نه ڪئي وئي آهي، رڳو صفائي تائين محدود ڪم ڪيو ويو آهي. انھن روڊن جا نالا گندي پاڻي سان ھر وقت اٿلندا رھن ٿا، جنھن سان روڊ تباھ ٿيل آھن. ڏسجي ته سڄي سنڌ جي شھرن جي ساڳي حالت آهي سمورا شھر گندي پاڻيءَ سبب تباھ ٿيل آھن. قاسم آباد جي اھم روڊن جي پراڻي ڊرينيج جي بحالي بجاءِ نئين ڊرينيج لائين وڇائڻ جا منصوبا منظور ڪيا ويا آهن، جيڪا ڳالھه سمجھه کان ٻاهر آهي. ھڪڙي روڊ تي ٻه ٽي ڊرينيج لائينون وڇائڻ ڪٿان جو عقل آهي. پراڻي بند ٿيل ڊرينيج لائين جي مرمت ڪرڻ بجاءِ يڪدم نئين ڊرينيج لائين جي منصوبي جي منظوري، بجيٽ حاصل ڪرڻ فضول خرچي ثابت ٿيو آهي. حڪومت کي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ وقت نون منصوبن بجاءِ پراڻن منصوبن جي مرمت لاءِ بجيٽ رکڻ کپي، خاص ڪري شھري رٿابندي جي ڪمن لاءِ پراڻن منصوبن جي مرمت لاءِ بجيٽ منظور ڪرڻ کپي. حيدرآباد شھر جي رٿابندي لاءِ نوان منصوبا شروع ڪرڻ بجاءِ پراڻن منصوبن جي مرمت جو ڪم ڪرڻ کپي.
علمدار چوڪ کان ڀٽائي ٽائون روڊ فضول خرچيءَ سان گڏ علائقي جي جائيداد کي نقصان پهچايو ويو آهي، پراڻي روڊ جي مرمت جي به ضرورت نه ھئي ھن روڊ جو ڊرينيج ناڪاره آهي. ميڊيا رپورٽ نٿي ڪري. نسيم نگر، علي پيلس، پڪوڙا چوڪ، علمدار چوڪ، ٿڌي سڙڪ قاسم آباد جي اھم علائقن جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل آهي جن کي درست ڪرڻ بجاءِ نئين ڊرينيج لائين وڇائي وئي، جيڪا پڻ مڪمل ناڪام ثابت ٿي آهي، انجنيئر يا انتظاميا شايد پنهنجي ڪم کان به ناواقف آهن، ڪير پڇڻ وارو ناهي؟ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن وارا رڳو ايترو ٻڌائي سگھن ٿا ته شھر جي ڪھڙي علائقي جو گندو پاڻي ڪٿي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو؟؟ گندي پاڻي جا نالا اٿلڻ جو ڪارڻ ڇا آھي؟؟ انهن کان ڪا خبر ناهي.
حيدرآباد جا اهي علائقا جتي حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن (حوسڪ) پنهنجي ڪم ۾ فيل نظر اچي ٿي.
قاسم چوڪ نيشنل هاءِ وي روڊ، ٽنڊو جهانيان ڊفينس فيز ۲، واڌو واھ روڊ، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن، ٽريڪ ۽ ڦاٽڪ، گجراتي محلو، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، بدين اسٽاپ، حالي روڊ، پراڻي وحدت ڪالوني، بابن شاھ ڪالوني، لطيف آباد نمبر ۹، نئين سبزي منڊي، هالا ناڪه، ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون، سائيٽ ايريا فتح چوڪ.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟