پاڪستاني ٻولين جو “سڄڻ”: حسين نقي ٻولين جي مڃتا ۽ انصاف جو علمبردار
هڪ ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ صاحب سنڌ ۾ رهندڙ “پنجابي يا اردو ڳالهائيندڙ سنڌين” جي سڃاڻپ تي سوال اٿاريندي، اهڙين دعوائن کي کل جوڳو قرار ڏئي رهيو هو. سندس دليل هو ته آخر پنجاب يا خيبر پختونخواهه ۾ ڪو پاڻ کي “اردو ڳالهائيندڙ پنجابي” يا “پنجابي ڳالهائيندڙ پٺاڻ” ڇو نٿو سڏائي؟ اتفاق تھ ٻئي ڏينهن ئي هڪ اهڙي “جينيئس” شخصيت لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۽ عملي جدوجهد وسيلي ٻولي، ثقافت ۽ سڃاڻپ جي ان بحث کي هڪ نئين معنيٰ ڏني. مون کي خبر ڪانھي تھ ھن ڪڏھن پاڻ کي اردو ڳالھائيندڙ پنجابي ٺھرايو يا نھ، پر هن پنجابي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ لاهور مان پنجابي روزاني اخبار به جاري ڪئي هئي. آئون ڳالهه ڪري رھيو آھيان مرحوم حسين نقيءَ جي.
پاڪستان جي گهڻ لساني منظرنامي ۾ حسين نقيءَ جو نالو هڪ بيباڪ صحافي، صحافتي ۽ مزدور اڳواڻ، انساني حقن جي علمبردار ۽ روشن خيال دانشور طور زنده رهندو. آچر، 22 نومبر 2026ع تي لاهور ۾ 88 ورهين جي ڄمار ۾ سندس لاڏاڻو ان نظرياتي، اخلاقي ۽ جمهوري روايت لاءِ وڏو نقصان آهي، جيڪا جبر، سينسرشپ ۽ ناانصافيءَ جي مقابلي ۾ آزادي، سچائي ۽ انساني وقار سان گڏ بيٺل رهي. ھو لکنؤ ۾ ڄائو، ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان آيو ۽ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي شاگرد سياست ۽ بعد ۾ لاهور کي سرگرمين جو مرڪز بنايائين. ھن ھڪ سچار صحافي طور ايوب خان کان وٺي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا تائين مختلف آمريتي دورن خلاف آواز اٿاريو. کيس قيد ۽ بند، ڌمڪين ۽ پيشوراڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن پنهنجي اصولي وابستگيءَ تان هٿ نه کنيو. سندس نظر ۾ صحافيءَ جو ڪم حقيقتون سامهون آڻڻ ۽ عوام جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري حق جو تحفظ ڪرڻ هو. سندس جدوجهد جو اهم پاسو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ صحافين جي گڏيل تحريڪن سان وابستگي هئي. سندس ليکي معاشي خود مختياري ۽ پيشوراڻي آزاديءَ کانسواءِ آزاد ۽ عوام دوست صحافت ممڪن ڪانھي. صحافين جي حقن واري اها جدوجهد کيس عام مزدورن ۽ پورهيت طبقن جي مسئلن جي به ويجهو کڻي آئي. اها وابستگي اڳتي هلي انساني حقن جي وسيع تحريڪ جو حصو بڻي. عاصمه جهانگير، آءِ اي رحمان ۽ ٻين انساني حقن جي ڪارڪنن سان سندس ساٿ ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سان ڊگهي وابستگي به انهيءَ جدوجهد جو تسلسل هئي. هو لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين ان اداري سان مختلف حيثيتن ۾ لاڳاپيل رهيو ۽ آخري وقت تائين ان جي ڪائونسل جو سرگرم ميمبر هو. جبري گمشدگين، عدالت کان مٿانهين ڪاررواين، مذهبي اقليتن، عورتن ۽ ٻين محروم طبقن جي حقن بابت سندس آواز چٽو رهيو. ھڪ گهڻ لساني سماج ۾ جڏهن ڪنهن ٻوليءَ کي تعليم، عدالتن، انتظاميھ، رابطن جي ذريعن ۽ سرڪاري معاملن ۾ جوڳي جاءِ نٿي ملي ته ان جا ڳالهائيندڙ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرائپ محسوس ڪرڻ لڳن ٿا. لساني انصاف جي بنيادي تقاضھ آهي ته هر ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ، سوچڻ، سمجهڻ ۽ اظهار ڪرڻ جو حق ملي. مادري ٻولي سندس ذهني اوسر، خوداعتماديءَ ۽ تخليقي صلاحيتن جو بنياد آهي. پنهنجي ٻوليءَ بدران اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ تعليم ٻار لاءِ تعليمي تصورن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. حسين نقيءَ جي فڪري وابستگيءَ جو اهم پاسو اهو هو ته هو پنجابي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين کي رڳو علاقائي يا مقامي ٻوليون سمجهي، انهن جي اهميت محدود ڪرڻ جو قائل نه هو. پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي، سرائڪي، بروھي، هندڪو، بلتي، شينا ۽ ٻيون ٻوليون، محاورا ۽ لهجا پاڪستان جي گڏيل تاريخي، تهذيبي ۽ علمي ورثي جو حصو آهن. هر ٻوليءَ وٽ شاعري، لوڪ ادب، پهاڪن، اصطلاحن، تاريخي تجربن ۽ گڏيل ڏاهپ جو وسيع ذخيرو موجود آهي.
پاڪستان ۾ هڪ طرف پنجابي ڳالهائيندڙن جي وڏي آبادي آهي، ته ٻئي طرف پنهنجي مادري ٻوليءَ کي تعليم، سرڪاري معاملن ۽ جديد علمي توڙي صحافتي اظهار ۾ جاءِ ڏيارڻ لاءِ کين مختلف رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪن حلقن ۾ پنجابيءَ کي رڳو گهريلو ڳالهه ٻولهه، مزاح ۽ لوڪ موسيقيءَ جي ٻولي سمجهڻ جو لاڙو پڻ موجود رهيو آهي. حسين نقيءَ جي سوچ ان جي ابتڙ هئي. هو ٻولين کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيهارڻ بدران هر ٻوليءَ کي ان جو جائز مقام ڏيڻ جو حامي هو. سندس عملي ڪردار مان اهو اصول ظاهر ٿئي ٿو ته ڪنهن ٻوليءَ جي حقن جي حمايت لاءِ ضروري ناهي ته اها انسان جي پنهنجي مادري ٻولي به هجي. لساني انصاف ۽ روايتي لساني بالادستيءَ جي وچ ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته بالادستيءَ وارو رويو ڪن ٻولين کي ترجيح ڏئي ٻين کي گهٽ درجي وارو سمجهي ٿو، جڏهن ته لساني برابري هر ٻوليءَ جي ادب، تاريخ، علم ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي عزت ڏئي ٿي. تعليم ۾ ان جو مطلب مادري ٻوليءَ کي بنيادي اهميت ڏيڻ ۽ ان سان گڏ قومي توڙي عالمي رابطن جون ٻوليون سيکارڻ آهي. قومي يڪجهتيءَ جي حوالي سان به ٻولين جي هڪجهڙائي مڙهڻ بدران انهن جي گهڻن پاسن (تنوع) کي قبولڻ، ڳالهائيندڙن کي برابر شهري حق ڏيڻ ۽ سندن ثقافتي سڃاڻپ جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح شهري پنهنجي ٻوليءَ ۾ علم حاصل ڪري، پنهنجا مسئلا بيان ڪري ۽ اجتماعي فيصلن ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن ٿا. اهڙي برابري ئي پائيدار ۽ رضاڪاراڻي قومي يڪجهتيءَ جو بنياد بڻجي ٿي. حسين نقيءَ جي لساني برابريءَ سان وابستگيءَ جو سڀ کان نمايان عملي ثبوت فيبروري 1989ع ۾ لاهور مان جاري ٿيندڙ پنجابي روزاني اخبار “سجن” هئي. اهو رڳو اشاعت جو منصوبو نه، پر هڪ فڪري، ثقافتي ۽ لساني تحريڪ جو اظهار هو. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ “شاهه مُکي رسم الخط” ۾ ڇپجندڙ اها پهرين باقاعده پنجابي روزاني اخبار هئي. “سجن” جو پيغام هو ته پنجابي بھ جديد صحافت، سياسي بحث مباحثي، علمي گفتگو ۽ سماجي تجزيي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. اها اخبار حسين نقيءَ جي نگرانيءَ ۽ رضاڪاراڻي سهڪار سان ڪم ڪندڙ اهڙي ٽيم جي محنت جو نتيجو هئي، جنهن ۾ پنجابي ٻوليءَ ۽ ادب سان لاڳاپيل مختلف ماڻهو شامل هئا. “سجن” جو پهريون شمارو 3 فيبروري 1989ع تي شايع ٿيو ۽ اها 30 سيپٽمبر 1990ع تائين جاري رهي. محدود مالي وسيلن، اشتهارن جي کوٽ ۽ مضبوط اشاعتي ڍانچي جي اڻهوند سبب ان منصوبي کي مستقل جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو. ان هوندي به “سجن” اهو ثابت ڪيو ته مادري ٻوليءَ ۾ سنجيده، معياري ۽ جديد صحافت ممڪن آهي. اڄ به پنجابي صحافت ۽ ٻوليءَ جي واڌاري جي حوالي سان ان جو تجربو هڪ اهم حوالو آهي. حسين نقيءَ پنجابي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پنهنجو وقت، صلاحيتون ۽ صحافتي تجربو ڪتب آندو. ڪنهن شخص جي لساني رواداريءَ جو هڪ اهم معيار اهو به آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي حقن لاءِ ڪيتري حد تائين بيهي ٿو. حسين نقيءَ پنجابي ٻوليءَ جي خدمت کي ذاتي سڃاڻپ يا مفاد جو مسئلو نه، پر ثقافتي برابريءَ ۽ جمهوري حقن جي جدوجهد جو حصو سمجهيو. پاڪستان ۾ اردو ۽ ٻين ٻولين جي لاڳاپن کي اڪثر مقابلي يا برتريءَ ۽ ڪمتريءَ جي تناظر ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ انهن وچ ۾ ادبي، تهذيبي ۽ تاريخي ڏي وٺ جي ڊگهي روايت موجود آهي. اردو به پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ ٻين ٻولين کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته انهن ٻولين جي ادب ۽ اظهار تي به اردوءَ سميت ٻين ٻولين جا اثر پيا آهن. تنهنڪري ڪنهن اردو ڳالھائيندڙ شخص جو پنجابيءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ اردوءَ جي مخالفت نه، پر ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ مثبت ۽ تخليقي لاڳاپي جو ثبوت آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به ٻوليءَ جي حقن جي حمايت کي اردوءَ جي مخالفت قرار ڏيڻ لساني انصاف جي تصور سان ٺهڪندڙ ناهي. لساني برابريءَ جو مطلب ڪنهن هڪ ٻوليءَ جي جاءِ تي ٻي ٻولي مڙهڻ نه، پر هر ٻوليءَ کي ان جي ڳالهائيندڙن جي تعليمي، ثقافتي، سماجي ۽ جمهوري حقن مطابق جاءِ ڏيڻ آهي.
حسين نقيءَ عملي زندگيءَ وسيلي اهو پيغام ڏنو ته صحافت جي آزادي، معاشي انصاف، انساني حق ۽ لساني برابري هڪ ئي وسيع جمهوري تصور جا مختلف پاسا آهن. جنهن سماج ۾ صحافي آزادي نه هجي، مزدور کي سندس حق نه ملي، شهريءَ کي اظهار جي آزادي حاصل نه هجي ۽ ٻار کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جو موقعو نه ملي، اتي جمهوريت به پنهنجي حقيقي معنيٰ وڃائي ويهي ٿي. اڄ پاڪستان ۾ مادري ٻولين کي تعليم، تحقيق، جديد علمن، انتظاميا، عدالتي نظام ۽ رابطن جي ذريعن ۾ مناسب مقام ڏيارڻ جو سوال اڃان به اهم آهي. پنجابيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين لاءِ نصابي مواد، جديد اصطلاحن، سائنسي ۽ فني ادب توڙي معياري صحافت جي ضرورت موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ “سجن” جهڙا تجربا رڳو ماضيءَ جون يادگارون نه، پر مستقبل جي لساني ۽ علمي رٿابنديءَ لاءِ پڻ رهنمائي فراهم ڪن ٿا. حسين نقي جي مشن جي ڪاميابيءَ لاءِ اصلوڪين ٻولين ۾ معياري تعليم جا موقعا توڙي صحافت ۽ تحقيق جي ميدان ۾ گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي ۽ سڀني لساني برادرين جي ثقافتي وقار کي تسليم ڪرڻو پوندو. حسين نقي اهڙي پاڪستان جو حامي هو، جتي هر ٻولي ڳالهائيندڙ شهري پنهنجي ٻوليءَ، ثقافت ۽ سڃاڻپ سان گڏ برابر جو پاڪستاني هجي. حسين نقي رڳو پنجابي ٻوليءَ جو “سڄڻ” نه، پر سمورن پاڪستانين ۽ سندن ٻولين جو “سڄڻ” هو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟