دنيا ۾ اربين کربين ماڻھو آيا ۽ ويا تن ۾ ڪئين صاحبِ ثروت ته ڪئين صاحبِ عظمت رهيا. ڪئين اهڙا به هئا جن جي سخاوت جا چرچا رهيا. ڪئين اهڙا به هئا، جن جي شجاعت جا نعرا بلند رهيا. انهن مان ڪيترائي حڪمت ۽ دانائيءَ جا اهڃاڻ هئا ته ڪيترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا نشان هئا ته وري انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي نادان ۽ نافرمان هئا ته ڪيترائي مشرڪ ۽ ڪافر هئا ته وري ڪيترائي جاهل ۽ صفا ڏڏ هئا. انهن ئي ماڻھن ۾ الله پاڪ جي طرفان هدايت جو سرچشمو بڻجي ڌرتيءَ جي اَسُونهن ماڻھن جي هدايت لاءِ سوا لک نبي سڳورا به آيا. سڀني پنهنجا پنهنجا ڪم پنهنجي حيثيت ۽ علم آهر سرانجام ڏنا. پوءِ ڪن تي ڪن ماڻهن ايمان آندو ته ڪن کي ڪونه مڃيو ويو. اهو سلسلو حضرت آدم عليه السلام کان وٺي، آخري نبي پاڻ سڳورنﷺ تائين جاري رهيو. جنهن کانپوءِ هدايتِ نبوت جو سلسلو منقطع ٿي ويو، پر هدايت جو سلسلو آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰﷺ جي اهل بيتن ۽ اصحابن سڳورن جي معرفت رشد و ولايت جي وسيلي هلندو رهيو، جيڪو قيامت تائين جاري رهندو. جنهن جي ڪري دين اسلام جي پرچار ۽ ان جي حفاظت لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ طرفان هر دور ۾ وليءِ ڪامل ٿيندا رهندا، جيڪي سندن مٿان ڀٽڪيل انسان جي رهبري ۽ رهنمائيءَ جو رکيل ڪم سر انجام ڏيندا رهندا.