مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عَلم بلند ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

21 جون 2026ع تي ضلعي شڪارپور جي هڪ ٽائون ڪميٽي ڊکڻ ڀرسان انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو. هن مهيني ۾ ڪيترائي مومن جن جو تعلق ڪنهن به مذهب يا فرقي سان هجي اهي غمِ حسين عليه السلام ۾ شامل ٿي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي ڏنل قربانيءَ کي ياد ڪندا آهن. شڪارپور ضلعي جي ڊکڻ ٽائون ڪميٽي ويجهو ڳوٺ بڊو ۾ علم بلند ڪندي ذميدار ماڻهو ان جو توازن برقرار نه رکي سگهيا ۽ اهو 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجليءَ جي تارن مٿان ڪري پوڻ سبب اٺن عزادارن جون قيمتي جانيون ڦري ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو شديد زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي انتظاميه کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، پر حقيقتون اکين اڳيان صاف ظاهر آهن ته هن واقعي جي ذميداري جتي سيپڪو جي آهي ته اتي ان علم کي بلند ڪرڻ واري انتظامي ڪميٽي جي به اوتري ئي ڪوتاهي نظر اچي ٿي يا ته اهي ماڻهو بلڪل ناتجربيڪار هئا يا وري تمام گهڻا جذباتي ٿي ڪم ڪري رهيا هئا جو انهن ڪنهن به حادثي کي نظر ۾ نه رکيو ۽ قيمتي جانيون وڃائي ويٺا. اسان وٽ عام طور تي ڪنهن به حادثي کي فوتي جي تڏي تي آيل ماڻهو اهو چئي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن ته ان ماڻهوءَ جي حياتي ايتري هئي يا اهو تقدير جو لکيو هو. حقيقت ۾ اهي ٻئي تصور غلط آهن. انسان کي پنهنجي وقت تي ئي مرڻو آهي، پر جڏهن موت ڪنهن حادثي جي صورت ۾ ٿئي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته آخر اهو حادثو ڇو پيش آيو ته جيئن اڳتي لاءِ ٻين ماڻهن کي اهڙن حادثن کان بچائي سگهجي.
اسان وٽ اهڙن حادثن جي ذميداري نه ادارا کڻندا آهن ۽ نه ئي فرد. جڏهن ته عزاداري ننڍي کنڊ جي پراڻي ثقافت آهي علم بلند ڪرڻ بجليءَ جي ٿنڀن کان ان کي محفوظ رکڻ اهي سڀئي طور طريقا نئون نسل پنهنجن وڏن کان سکندو اڳتي وڌندو آهي. محرم جي دوران ضلعي انتظاميه انهن سڀني حفاظتي انتظامن کي نظر ۾ رکندي بندوبست ڪندي آهي. هن حادثي کانپوءِ لڳي ٿو ته شايد انتظاميه پنهنجون ذميداريون سنجيدگيءَ سان ادا نه ڪيون آهن، تڏهن هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ڪيترن ئي گهرن جي مستقبل جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا. اهڙا حادثا جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي گهرن کي متاثر ڪن اهڙن حادثن جي سختيءَ سان جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميدارن کي سزائون ملڻ گهرجن. اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ مستقبل ۾ حڪومتي سطح تي ۽ عزادارن جي ڪميٽين جي سطح تي به نوان ايس او پيز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي خاص طور تي بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ وارن حادثن کي روڪي سگهن. ان ۾ حڪومت کي علم يا تعزين جي اوچائين جي هڪ حد مقرر ڪرڻ گهرجي، ان کان وڌيڪ حد وارن تي ڏنڊ وڌا وڃن، گڏوگڏ علم هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ٽرانسپورٽ ڪرڻ وقت ان جي روٽ پرمٽ وٺڻ ضروري هجڻ گهرجي ۽ جنهن جاءِ تي اهو علم بلند ڪيو پيو وڃي اتي جيڪڏهن بجليءَ جون تارون ۽ ٿنڀا ويجها آهن ته واپڊا کان به پرمٽ وٺڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. وقت جي تبديليءَ سان گڏ علم جي تعمير به مختلف ڌاتو استعمال ٿيڻ لڳا آهن. جنهن ۾ لوهه، اسٽيل، يا ايلمونيم جا پائيپ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي سٺا ڪنڊڪٽر آهن، مطلب بجليءَ کي هڪدم پکيڙي ڇڏين ٿا ۽ نتيجي ۾ اهڙا حادثا پيش اچن ٿا. جيڪڏهن اهو علم ڪاٺ مان ٺهيل هجي ها ته شايد اهو حادثو ان صورت ۾ پيش نه اچي ٿا. ان لاءِ علم جي تعمير جي لاءِ به مٽيريل جي چڪاس ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي مٽيريل جي موڪل ملڻ گهرجي جيڪو نان ڪنڊڪٽر هجي، جيئن ڪاٺ، فائيبر گلاس يا پي وي سي پائيپ وغيره، جنهن مان ڪرنٽ پاس نه ٿي سگهي. ان قسم جي ايس او پيز کي حڪومت طرفان محرم الحرام کان اڳ سڀني امام بارگاهن ۽ شيعه انتظامي ڪميٽين کي نوٽيس طور موڪلڻ گهرجي ته جيئن اهي عوام جي اندر انهن قانوني ضابطن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪري سگهن. هن قانون جو مقصد هرگز اهو نه هجڻ گهرجي ته عوام جي مذهبي ريتن ۽ رسمن جي مٿان پابنديون لڳائي کين تنگ ڪيو وڃي، پر ان جو مقصد سندن زندگين جي حفاظت هجڻ گهرجي.
هن وقت حڪومت جي اها ذميداري آهي ته هن حادثي جي ذميدارن جن ۾ سيپڪو جا علمدار به شامل آهن ته عزادار ڪميٽيءَ جا ميمبر به شامل آهن انهن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن کان جتي جتي قانون جي خلاف ورزي ٿي آهي قانون مطابق انهن کي سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن احتساب جو عمل سڌارو پيدا ڪري سگهي. پاور ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ته عاشوري جي گڏجاڻين کان اڳ پنهنجي مينٽيننس جو ڪم پورو ڪن ۽ جلوسن جي لنگهن ۽ روٽس کي ڪنهن به حادثي کان بچائڻ لاءِ پنهنجون تياريون مڪمل رکن. جيڪڏهن ڪٿي ڪو علم بلند ڪيو وڃي ٿو ته ان جي لاءِ به انهن ڪمپنين کي پاڻ سان گڏ لوپ ۾ رکيو وڃي ۽ انهن ڪمپنين کي ڀرپور تعاون ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجون هائڊرولڪ لفٽون يا اسنارڪل اتي پهچائي محفوظ طريقي سان علم کي بلند ڪرڻ ۾ ان انتظاميه جي مدد ڪري سگهن، جيڪو انساني جانين جي تحفظ جو ضامن بڻجي سگهي ٿو. محرم الحرام جي مهيني ۾ صرف علم بلندي ڪندي اٺن قيمتي جانين جو ذيان صرف اٺن ماڻهن جو ذيان ناهي، بلڪه اهي 8 زندگيون جن کي پنهنجن گهرن جي لاءِ روزي ڪمائڻي هئي، پنهنجن خاندانن جي ڪفالت ڪرڻي هئي اهي سهارا انهن خاندانن کان ڦرجي ويا. هن حادثي جي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ اڳتي اهڙا حادثا هرگز نه ٿيڻ گهرجن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو