مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قومي ميڊيا جو صحافتي ٻٽو معيار ۽ صوبن وچ ۾ تفاوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لاهور جي سندر واري علائقي (رانا ٽائون) ۾ 16 جون 2026 تي هڪ افسوسناڪ حادثي ۾ پنجن سالن جو معصوم ٻار جنهن جي سڃاڻپ حسن عامر جي نالي سان ٿي آهي، راند کيڏندي هڪ کليل گٽر ۾ ڪرڻ سبب پنهنجي قيمتي زندگي وڃائي ويٺو. ٻار جي والد عامر جميل سندر ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي شهري انتظاميه، ايٽامڪ انرجي سوسائٽي جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ڪنسٽرڪشن ڪمپني ANH کي ان جي غلفت جو ذميوار قرار ڏنو آهي. هلندڙ سال دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اهڙا چند واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. اهڙا واقعا پاڪستان جي لڳ ڀڳ هر وڏي شهر ۾ پيش ايندا رهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ به اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا. اصل ۾ ان قسم جا واقعا پاڪستان جي اندر ادارن جي غفلت، عوام جي شعور جي گهٽتائي ۽ ڪرپشن جي ڪري سامهون اچن ٿا. ان کان علاوه ملڪ اندر ماڻهن جو تيزيءَ سان مختلف نشن واپرائڻ جي ڪري جڏهن انهن کي پئسا نٿا ملن ته اهي گٽرن جا ڍڪ چوري ڪري ان مان لوهه ڪڍي وڪڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته اهو ننڍڙو سانحو جڏهن ٿئي ٿو ته ان سان ملڪ جو گڏيل نظام وائکو ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ننڍڙي ڪوتاهي ڪيترن وڏن حادثن کي جنم ڏئي ٿي.
اهڙن حادثن کي جڏهن اسان جو قومي ميڊيا هڪ بيانيي طور کڻي ڪنهن به صوبي جي لاءِ خاص طور جڏهن ڪو اهڙو واقعو ڪراچيءَ ۾ ٿئي ٿو ته ان تي هڪدم تمام گهڻو واويلا ڪري باقائدي ان تي پروگرامن ۾ نشستون لڳايون وڃن ٿيون ۽ پوءِ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ يا ڪراچيءَ کي ڌار صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون وڃن ٿيون. “مرڪزي اردو ميڊيا” جو ان قسم جو جانبداراڻو رويو ته جڏهن سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿئي ته ان تي مڪمل طور تي هڪ بيانيو ٺاهي سنڌ دشمنيءَ جو اظهار ڪيو وڃي ته ٻئي پاسي جڏهن لاهور يا ان جي اوسي پاسي کليل گٽرن ۾ ڪري ڪو معصوم ٻار پنهنجي قيمتي جان وڃائي ته ان کي هڪ ننڍي خبر جي طور تي نشر ڪيو وڃي. اتي اها واويلا نظر نٿي اچي جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪنهن واقعي ٿيڻ تي ٿئي ٿي. جڏهن ته اهڙا واقعا ڪراچيءَ ۾ به هرگز نه ٿيڻ گهرجن ۽ نه ئي پنجاب، بلوچستان يا ڪي پي ڪي ۾، ڇو ته ٻار ڪنهن به صوبي جو هجي، ڪابه ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، ڪنهن به مذهب سان ان جو تعلق هجي ان جي جان تمام گهڻي قيمتي آهي ۽ گٽرن تي ايس او پيز جي مطابق هر جاءِ تي ڍڪ هجڻ گهرجي، پر جڏهن اسان جا اردو ميڊيا جا ڪجهه معزز صحافي پنهنجي صحافت جو استعمال ڪنهن خاص مقصد جي ڪري ڪن ٿا ته سندن اخلاقيات جو پول پڌرو ٿي پوي ٿو.
سرڪاري ادارن جو اهو فرض آهي ته اهي جتي جتي پنهنجي فرض مطابق گٽرن جي ڍڪن جا ذميوار آهن، انهن کي ان جي باقائده روزانو جي بنياد تي چيڪنگ ڪري ڊيٽا ترتيب ڏيڻ گهرجي. شهرن ۾ ڪجهه اهڙا علائقا به اچن ٿا، جتي سوسائٽيون سرڪار جي ذميداري جي هيٺ نه، بلڪه اهي ڪنهن منظم هائوسنگ اسڪيم يا ڪنسٽرڪشن سائيٽ جي اندرئين انتظاميه جي تحت اچن ٿا. قومي ميڊيا جڏهن ڪراچيءَ ۾ حڪومتي ذميداري جي غفلت تي ڳالهائي ٿو ته اتي ڊي ايڇ اي جي ٽٽل روڊن يا گٽرن جي ڍڪن نه هجڻ تي خاموش رهي ٿو ۽ پنجاب ۾ به ساڳئي طريقي سان انهن منظم هائوسنگ اسڪيمن تي ڳالهائڻ پسند نٿو ڪري. لاهور جي سندر جي علائقي ۾ به هي واقعو ANH جنهن کي ٻار جي والد ايف آءِ آر ۾ باقائده نامزد ڪيو آهي، ان ڪمپنيءَ جي غلفت سبب سندس ٻار جي جان ضايع ٿي آهي. اسان جي قومي ميڊيا کي انهن مسئلن تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ کپي ۽ منافعو ڪمائيندڙ جيڪي به هائوسنگ اسڪيمون آهن انهن کي سندن غلفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ حادثن تي وائکو ڪرڻ گهرجي. انهن تي بحث مباحثا ٿيڻ گهرجن. هي سندر جو علائقو جتي حادثو پيش آيو آهي، اتي پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي ملازمن جون هائوسنگ سوسائٽيون ۽ پراجيڪٽ ٺهيل آهن. اردو ميڊيا جو ٻٽو معيار اهو ثابت ڪري ٿو ته اهو قومي ميڊيا هرگز ناهي، جيڪو قوم جي نمائندگي ڪري، بلڪه هي “ڌُريو” ميڊيا چئي سگهجي ٿو. هو اهڙن واقعن تي پنجاب يا وفاق کي وڏو فائدو ڏئي ننڍڙي خبر شايع ڪري اڳيان وڌي وڃي ٿو. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ اهڙن واقعن کي مختلف نعرن سان ڳنڍيو وڃي ٿو ڪڏهن “ڪراچي کي وفاق جي ماتحت هلايو وڃي”، ڪڏهن “ڪراچيءَ ۾ گورنر راڄ لڳڻ گهرجي” ته وري ڪڏهن “ڪراچيءَ کي ڌار صوبو بڻايو وڃي” جهڙا بيانيه ٺاهي سنڌ صوبي جي خود مختياري کي ڪمزور ڪرڻ جا بهانا ڳوليا وڃن ٿا، اها اسان جي نام نهاد اردو ميڊيا جي هڪ وڏي چالاڪي ۽ بدنيتي آهي. جنهن جي ڪري ڪراچيءَ جي حادثن کي پرائيم ٽائيم شو ۾، جڏهن ته پنجاب جي حادثن کي تمام هلڪي انداز ۾ پيش هڪ ننڍ خبر طور پيش ڪيو وڃي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو