مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي مان غائب، پريا ڪماري سوڌو 15 ٻارن جا والدين سراپا احتجاج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

2021ع ۾ محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ پريا ڪماري نالي نياڻيءَ کي سکر ضلعي جي هڪ علائقي سنگرار مان اغوا ڪيو ويو، جنهن کي هن سال محرم الحرام جي مهيني ۾ پنج سال پورا ٿيا آهن، پر اڃان تائين سندس ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. جڏهن ڪو ٻار پنهنجي والدين جي هٿن ۾ ڪنهن به سبب کان جان ڏيندو آهي ته وقت سان گڏ مائٽ جو ڏک آهستي آهستي گهٽ ٿيندو ويندو آهي ۽ قسمت جي لکئي کي قبول ڪري وٺندو آهي، پر جڏهن ڪنهن به مائٽ جو ٻار اغوا ٿي وڃي ۽ ان جي ڪابه خبر نه پوي ته ان ٻار جو غم ۽ وڇوڙي جو درد مائٽن لاءِ زندگي ڀر جو روڳ بڻجي ويندو آهي. هڪ آزاد ملڪ ۾ معصوم ٻارن جو تحفظ رياست ۽ سماج ٻنهي جو پهريون اخلاقي ۽ قانوني فرض آهي. جڏهن هي فرض پورو نه ٿئي ته سڄو نظام سوالن جي گهيري ۾ اچي ويندو آهي. ٻارن جي حقن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 9 چوي ٿو ته ڪنهن به انسان کي سندس زندگي ۽ ذاتي آزاديءَ کان محروم نٿو ڪري سگهجي، جڏهن هر شهري ان ۾ اچي وڃي ته خاص طور تي ٻار به ان ۾ شامل آهي. آرٽيڪل 11 ٻارن جي جبري مزدوري ۽ استحصال تي بندش لڳائي ٿو. آرٽيڪل 25-اي ٻارن جي لاءِ رياست کي پابند ڪري ٿو ته هو 5 کان 16 سالن جي هر ٻار کي مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪري.
ان کان علاوه پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن واري عالمي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون آهن. انهن سڀني شين جي هوندي به ايئن ٿو لڳي ته اسان جي رياست ۾ ٻار لاوارث ۽ غير اهم بڻجي چڪو آهي، رياست جي مٿان ان جي حفاظت جي ذميداري ڄڻ ته ختم ٿي چڪي هجي. اهوئي سبب آهي جو ڏهين محرم 26 جون 2026 تي ٻٻرلوءِ جي مقام تي پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جنهن جي اڳواڻي سهڻي پارس ۽ لياقت جلباڻي ڪري رهيا آهن. سهڻي پاس ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ به پريا ڪماري جي لاءِ ڌرڻا هنيا ۽ آواز اٿاري چڪي آهي. حقيقت ۾ اها ذميداري سياسي پارٽين ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي آهي ته اهي ان قسم جي ڪيسن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڌرڻا هڻي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مجبور ڪن ته اهي گمشده ٻارن جي تلاش سنجيدگيءَ سان ڪن، پر اسان جي سماج ۾ اهي سڀ تنظيمون هاڻي ڪمائيءَ جا دڪان بڻيل آهن، جيئن مذهب جو ٺيڪو درگاهن جي گادي نشينن کنيو آهي ته سماج جا ٺيڪيدار اهي تنظيمون بڻيل آهن، جيڪي فنڊنگ وٺي وڏين وڏين هوٽلن ۾ سيمنار ته ڪرائين ٿا، پر جڏهن حقيقي ڪم ڪرڻ جو وقت اچي ٿو ته سر زمين تي نظر نٿا اچن. هي ڌرڻو صرف پريا ڪماري جي لاءِ لڳايو ويو، پر ڌرڻي ۾ ويهڻ کانپوءِ 14 يا 15 ٻيا خاندان به هن ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا آهن، جن جي جگر جا ٽڪرا مختلف وقتن تي اغوا ڪيا ويا آهن ۽ انهن جو اڃان تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي.
18 ڏينهن ٿي چڪا آهن ٻٻرلوءِ جي مقام تي هڪ فُٽ پاٿ تي هي ڌرڻو هڻي انهن گمشده ٻارن جا والدين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. هن احتجاج ۾ ويٺل ماڻهن جي نه ڪنهن امداد ڪئي آهي نه ئي ڪا پٺڀرائي ڪئي آهي نه ڪنهن سياسي تنظيم ۽ نه ئي ڪنهن سماجي تنظيم هنن کي ڪا فنڊنگ ڏني آهي، هي ڌرڻو انهن خاندانن جي خرچ تي لڳايو ويو آهي، جيڪي پنهنجن ٻارن کي به وڃائي چڪا آهن ۽ هاڻي معاشي دٻاءُ هيٺ به آهن. هن ۾ پريا ڪماري کانسواءِ اجالا سولنگي جيڪا تازو ئي ميهڙ مان اغوا ڪئي وئي هئي، صبا ڪلهوڙو، نويد لاشاري، آصفه مغل، خوشي مهر ۽ ماجد لاشاري سميت ٻين اغوا ٿيل يا گم ٿيل ٻارن جي بازيابي لاءِ سندن والدين ڌرڻي ۾ هڪ اميد کڻي ويٺل آهن ته متان سندن آواز کي ٻڌو وڃي ۽ سندن جگر جا ٽڪرا کين واپس موٽائي ڏنا وڃن. ڌرڻي ۾ ويٺل ايڪشن ڪميٽي ۽ والدين جو چوڻ آهي ته سندن اميدون سنڌ حڪومت مان ته ختم ٿي چڪيون آهن ۽ انهن فيلڊ مارشل کي اپيل ڪئي آهي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ٽن ڏينهن اندر ٻارن جي بازيابيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري. ڪميٽي ٽن ڏينهن جو الٽيميٽيم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻار بازياب نه ٿيا ته سندن احتجاجي تحريڪ کي نئون رخ ڏنو ويندو. جڏهن ته ساڳئي وقت پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو به مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ شيما ڪرماني يڪجهتيءَ طور شرڪت ڪئي. هن وقت ايس ايس پي سکر جي چارج سنڀاليندڙ امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو پاڻ اڃان ڌرڻي ۾ وڃي ڪاميٽي سان نه مليو آهي. ڇو ته هن وقت ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب بذات خود هن ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي.
ماضيءَ ۾ اعليٰ پوليس آفيسرن جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي انٽيليجنس جي شموليت سان معاملي جي جاچ ڪئي وئي. پڇا ڳاڇا دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن، مبينا سهولتڪارن ۽ مقامي بااثر شخصيتن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، پر انهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو. هاڻي وري هڪ ڀيرو پوليس جو موقف سامهون آيو آهي ته شايد گذريل جي آءِ ٽي جا نتيجا درست ثابت نه ٿيا ان ڪري هڪ ٻي جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي. جڏهن ته والدين جو اهو خيال آهي ته گذريل جي آءِ ٽي جي ٺهڻ ۽ جاچ دوران 5 سال ضايع ٿي چڪا آهن، ڇا وري ٻيا 5 سال ضايع ڪرڻ والدين سان انصاف ٿيندو؟ پوليس لاءِ عام طور تي اهو تاثر موجود آهي ته جيڪڏهن ڪٿان سُئي به وڃائجي وڃي ٿي ته پوليس کي خبر هوندي آهي ته ڪيڏانهن وئي ۽ پوليس جيڪڏهن پاتال مان به ڪا شيءِ ڳولهڻ چاهي ته ان کي ڳولهي ڪڍي اچي سگهي ٿي، پوءِ هتي 15-16 ٻار جيئرا جاڳندا ڪيڏانهن گم ٿي ويا، پوليس ڇو لاعلم آهي؟ هن ڌرڻي ۾ ويٺل مائٽن ۽ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي کي انهن ادارن جي پٺڀرائي جي ضرورت آهي جيڪي ان لاءِ رجسٽرڊ ٿيل آهن ۽ مختلف جاين تان فنڊنگ وٺي انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ذميداري کنئي آهي. ان کان علاوه وڪيل برادري جيڪا قانون جي علمبردار آهي انهن کي هن ڌرڻي ۾ ضرور شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن والدين جي آواز کي طاقت ملي سگهي، ڇو ته اسان جي وڪيل برادري هر ننڍي وڏي معاملي تي پنهنجو آواز اٿاريندي نظر ايندي آهي، پر هن سنجيده سماجي مسئلي تي سندن غير موجودگي هڪ سواليه نشان کڙو ڪري ٿي. کين هن ڌرڻي ۾ هنن ڏکويل والدين سان شامل ٿي سندن آواز کي سگهارو ڪري پريا ڪماري سوڌو ٻين سڀني وڃايل ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي بازيابيءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو