مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گلگت بلتستان ۾ پ پ جي ڪاميابي ۽ سنڌ جي عوام جو خوف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

7 جون 2026ع تي GB ۾ ٿيندڙ چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن مطابق پ پ 10 کان 11 سيٽن تي ڪامياب ٿي آهي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) 6 کان 8 تي، هڪ سيٽ تي پي ٽي آءِ ۽ چئن کان پنجن سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. حڪومت سازيءَ لاءِ ڪنهن به پارٽي کي 17 سيٽن جي ضرورت آهي. پيپلزپارٽي جي ڪاميابيءَ کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ طرفان الزام لڳي رهيا آهن ته پ پ پئسو استعمال ڪيو آهي. جڏهن تهGB ۾ پ پ جي ڪاميابي سنڌ ۾ به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي ته اها ڪنهن ڊيل جو نتيجو آهي. جڏهن ته ماهر تجزيه نگارن مطابق هن چونڊ مهم ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ٻنهي گڏجي پ پ جي وڃايل سياسي ساک کي حاصل ڪيو آهي. نه صرف ايترو بلڪه اڳتي اها ڪاميابي پنجاب تائين به حاصل ڪري سگهجي ٿي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ جا ڪيترائي جائز سبب موجود آهن. ڇو ته هن وقت قومي ميڊيا تي سنڌ جي ورهاست، سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ جو حصو گهٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اهڙي وقت ۾ پ پ جو GB ۾ 10 يا 11 سيٽون کڻي ڪامياب ٿيڻ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ فطري عمل آهي. گلگت بلتستان جهڙن ڏورانهن علائقن ۾ پارٽين جي سياسي قيادت عوام سان رابطي ۾ نٿي رٿي ۽ عوام پنهنجي قيادت سان رابطي ۾ رهڻ چاهي ٿو، ان کوٽ کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پورو ڪيو ۽ اليڪشن ڪئمپين ۾ شامل ٿي سياسي جادوگري ڏيکاري.
اڄ به GB سوڌو پوري پاڪستان جو عوام پاڪستان کي هڪ جمهوري ۽ آئين تحت هلندڙ رياست جي نظر سان ڏسڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن وقت جمهوريت کي ڪمزور ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن اها ضرور طاقتور به ٿيندي. اهوئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي کي اتان جي نوجوان ووٽر ڀرپور موٽ ڏني آهي. جڏهن ته (ن) ليگ جي ڪئمپين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، شهباز شريف ۽ نواز شريف پاڻ حصو ورتو، پر کين اها موٽ نه ملي سگهي، ان جو سبب اهو آهي ته عوام کي يقين آهي ته (ن) ليگ اڄ به اسٽيبلشمينٽ جي پارٽي آهي. عوام (ن) ليگ سان گڏ بيهڻ بجاءِ پ پ سان گڏ بيهڻ پسند ڪيو جنهن ۾ نوجوان قيادت جو وڏو ڪردار آهي. عوام ڄاڻي ٿو ته (ن) ليگ جو ڍانچو ڪهڙي سوچ سان ٺهيل آهي، ان کي اڄ به ماڻهو انهيءَ نظر سان ڏسن ٿا. پ پ جي تاريخ جيلن، قربانين، ڪوڙن ۽ عوامي جدوجهد سان ڀرپور آهي. جڏهن ته (ن) ليگ وٽ ڪوبه جمهوري بيانيو موجود نه آهي، سواءِ روڊن ۽ رستن جي ٺهڻ جي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سياسي صورتحال تمام دلچسپ آهي، هڪ پاسي پ پ کي سنڌ ۾ پذيرائي حاصل آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ پ پ مٿان سخت تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي وسيلن، پاڻي ۽ ٻين معاملن تي سوديبازي ڪري سنڌ جا حق وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ وفاق سنڌ کي ورهائڻ چاهي ٿو ۽ شايد ان ۾ ڪامياب به ٿي وڃي. جڏهن ته ارڙهين ترميم آصف علي زرداري جو سڀ کان وڏو دفاع آهي، جنهن صوبن کي تاريخي خودمختياري ڏني. صدر آصف علي زرداري جي پهرين صدارت واري دور ۾ اين ايف سي ايوارڊ ذريعي صوبن کي وڌيڪ مالي وسيلا مليا.
آصف علي زرداري لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ نظرياتي سياستدان کان وڌيڪ هڪ عملي سياستدان آهي. سنڌ جو عام ماڻهو ان خوف جو شڪار رهي ٿو ته شايد آصف علي زرداري سنڌ کي ڪنهن ڊيل جي نتيجي ۾ وفاق جي حوالي ڪري سنڌ جا ٻه، ٽي حصا ڪري ڇڏيندو. عوام جو اهو خوف پيپلزپارٽي هڪ هٿيار طور استعمال ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اندر حڪومتي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ بدران عوام کي انهيءَ خوف ۾ رکي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي ٿي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي عوام کي ان خوف ۾ رکي خراب حڪمرانيءَ ذريعي فائدا حاصل ڪري رهي آهي. جڏهن ته GB جي تازين چونڊن مان ان ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته اتان جي عوامي ايڪشن ڪميٽي اتي ڪشميري مهاجرن لاءِ مقرر ڪيل 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي، جيڪي انهن ماڻهن کي ڏنل آهن جيڪي صوبي کان ٻاهر رهن ٿا. حڪومت ان کي آئيني معاملو چئي ان ۾ هٿ وجهڻ کان ڪيٻائي ٿي. اهي سيٽون 1947 ۽ 1965 جي جنگين دوران ڄمون ۽ ڪشمير مان هجرت ڪري آيل خاندانن جي نمائندگي لاءِ رکيون ويون هيون.GB اڃان تائين ڄمون ۽ ڪشمير جو حصو آهي. حڪومت جو موقف آهي ته اهي سيٽون آئيني معاملو آهن ۽ انهن کي آئين ۾ تبديلي ڪرڻ کانسواءِ ختم نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهو آئيني ۽ اسٽريٽيجڪ مسئلو آهي ته ڇا سنڌ جي عوام کي پنهنجي آئين تي ڀروسو نه هجڻ گهرجي، ڇو ته 1973 جو آئين صوبن کي جاگرافيائي تحفظ فراهم ڪري ٿو. آئين جي آرٽيڪل 239 (4) تحت جيڪڏهن وفاقي پارليامينٽ ڪنهن به صوبي جي حدن کي تبديل ڪرڻ جو بل پاس به ڪري وٺي تڏهن به اهو قانون ان صوبي جي لاڳاپيل اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ئي پاس ٿي سگهي ٿو يا رد ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ سنڌ جي عوام کي پنهنجي شعور، پنهنجي سمجهه ۽ آئين تي يقين هجڻ گهرجي ۽ هميشه سنڌ جي عوام کي پنهنجون اکيون کولي رکڻ گهرجن. سنڌ جي عوام کي خوفزده ٿيڻ بجاءِ حڪومت کان سٺي ڪارڪردگيءَ جي گهر ڪرڻ گهرجي ته جيئن ادارن مان ڪرپشن گهٽ ڪئي وڃي، ان کي پنهنجي خوف مان جان ڇڏائڻ گهرجي، جنهن کي پيپلزپارٽي استعمال ڪري عوام جا حق ڳڙڪائي رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو