مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بارود جي دونهين ۽ تابڪاريءَ جي اثرن کي انسان ۽ فطرت ڀوڳيندا رهن ٿا

Ramesh Raja سول اينڊ ريسرچ انجنيئر، آرٽسٽ، ڪالم نگار

PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب، فن ۽ سياحت سان خاص شوق رکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جنگ جو نالو ٻڌندي ئي ذهن ۾ توپن جا ڌماڪا، بارود جو دونهون، ٽينڪن جي گجگوڙ، ميزائيلن جي باهه، تباهه ٿيل شهر، رت سان رڱيل ميدان، بي گهر ٿيندڙ خاندان ۽ سياسي فتح يا شڪست جا منظر اڀري اچن ٿا. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته جنگ ڪڏهن شروع ٿي، ڪير کٽيو، ڪير هارايو، ڪهڙا معاهدا ٿيا ۽ نيون سرحدون ڪيئن قائم ٿيون، پر تاريخ جو هڪ انتهائي اهم باب اڃان تائين گهڻو ڪري پردي پٺيان رهجي وڃي ٿو: جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڌرتيءَ سان ڇا ٿيو؟ امن جا معاهدا ٿي وڃن ٿا ۽ دنيا نئين سياسي دور ڏانهن وڌي وڃي ٿي، پر جنگ جي باقيات زمين، پاڻي، هوا ۽ سمنڊن ۾ خاموشيءَ سان موجود رهنديون آهن. نه ڦاٽل بم، دفن ٿيل بارودي سرنگون، زهريلا ڪيميائي مادا، ڳريون ڌاتون، ٻارڻ، تابڪاري وارو فضلو، تباهه ٿيل صنعتي ماڳ ۽ ٻيا خطرناڪ مواد ڪنهن امن معاهدي کي نٿا سڃاڻن.
تيرن ۽ تلوارن کان صنعتي تباهيءَ تائين: انساني جنگ و جدل جي شروعات پٿرن، ڪاٺين جي ڀالن، تيرن، تلوارن ۽ ڪهاڙين جهڙن سادن هٿيارن سان ٿي. اهي هٿيار به انساني جانين لاءِ وڏو خطرو هئا ۽ وڏي تباهي آڻي سگهندا هئا، پر انهن جي ماحولياتي اثرن جي حد اڄ جي جديد هٿيارن جي مقابلي ۾ محدود هئي. بارود جي ايجاد جنگ جي فطرت ئي بدلائي ڇڏي. مسڪيٽن، توپن ۽ ٻين بارودي هٿيارن جنگ جي ميدان کي وسيع ڪيو ۽ تباهيءَ جي رفتار وڌائي ڇڏي. پوءِ صنعتي انقلاب آيو، جنهن جنگ کي هڪ نئين شڪل ڏني. هاڻي هٿيار رڳو ڪاريگرن جي هٿن ۾ محدود نه رهيا، پر ڪارخانن جي وڏي پيماني واري پيداوار جو حصو بڻجي ويا. اوڻيهين صديءَ ۾ رائفلون، مشين گنون، طاقتور توپ خانو ۽ بحري هٿيار تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳا. ڪريميا جي جنگ، آمريڪي گهرو ويڙهه ۽ فرانڪو-پرشين جنگ صنعتي بارود جي وڌندڙ طاقت جو مظاهرو ڪيو، پر ويهين صديءَ ۾ جنگ صرف صنعتي نه رهي، جنگ پاڻ هڪ صنعت بڻجي وئي.
پهرين عالمي جنگ جڏهن زمين پاڻ جنگ جو ميدان بڻجي وئي: 1914-1918 تائين هلندڙ پهرين عالمي جنگ جديد جنگ جي ماحولياتي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ هئي. مغربي محاذ تي توپخاني جو اهڙو بي مثال استعمال ٿيو، جنهن زمين جي اصل شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي. خندقون، بم جا وڏا کڏا، تباهه ٿيل ڳوٺ، ويران شهر ۽ ڪيميائي آلودگي جنگ جي نئين منظرنامي جو حصو بڻجي ويا. جرمني، فرانس، برطانيا، بيلجيم ۽ ٻين جنگ ڪندڙ ملڪن وڏي مقدار ۾ توپن جا گولا، مشين گن جو بارود، گرينيڊ، بارودي سرنگون، هوائي بم ۽ ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا، پر هڪ خوفناڪ حقيقت اها به هئي ته هر گولو ڦاٽو نه هو. ڪيترائي بم ۽ توپن جا گولا زمين اندر دفن ٿي ويا. جنگ ختم ٿي وئي، سپاهي واپس هليا ويا، امن جا معاهدا ٿي ويا، پر بارود اتي ئي رهجي ويو. اڄ به فرانس ۽ بيلجيم جي اڳوڻن جنگي ميدانن مان پهرين عالمي جنگ جا نه ڦاٽل بم ۽ بارودي مواد هٿ اچن ٿا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪو هٿيار 1917ع ۾ ڪنهن سپاهي يا دشمن کي مارڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، اهو هڪ صدي کانپوءِ به ڪنهن هاري، مزدور يا ٻار جي زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. جنگ ختم ٿي وئي، پر هٿيار انتظار ڪندو رهيو.
ٻي عالمي جنگ، تباهيءَ جو صنعتي سمنڊ: 1939- 1945ع تائين ٻي عالمي جنگ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي صنعتي ۽ فوجي متحرڪ ٿيڻ وارن دورن مان هڪ هئي. جرمني، آمريڪا، برطانيا، سوويت يونين، جاپان، فرانس، اٽلي ۽ ٻين ملڪن پنهنجي صنعتي طاقت جو وڏو حصو جنگ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ٽينڪ، جهاز، توپون، راڪيٽ، ميزائل، بم، بارودي سرنگون، مشين گنون ۽ ننڍا هٿيار وڏي پيماني تي تيار ۽ استعمال ٿيا. يورپ کان ايشيا ۽ آفريڪا کان پئسيفڪ تائين زمين، هوا ۽ سمنڊ جنگ جا ميدان بڻجي ويا. شهرن تي هزارين ٽن بم ڪيرايا ويا، ڪارخانا، بندرگاهون، ريلن جون پٽڙيون، پل، ڊيم، گهر ۽ صنعتي ادارا تباهه ٿيا. ڪيترائي بم ڦاٽي ويا، پر ڪيترائي نه ڦاٽا. ٻي عالمي جنگ جي آخري مرحلي ۾ انسانيت هڪ اهڙي طاقت ڏٺي، جنهن جنگ ۽ ماحولياتي خطري جي تعريف ئي تبديل ڪري ڇڏي، اهو هو ايٽمي هٿيار، 6 آگسٽ 1945ع تي هيروشيما ۽ 9 آگسٽ تي ناگاساڪي تي ايٽمي بم ڪيرايا ويا. تباهيءَ جو منظر ناقابل تصور هو. ٻئي شهر لمحن ۾ تباهه ٿي ويا، وڏي تعداد ۾ ماڻهو مارجي يا زخمي ٿيا، پر ايٽمي هٿيار جي اصل خوفناڪي رڳو ڌماڪي جي طاقت ۾ نه، پر ان جو اثر تابڪاريءَ ۾ هئي، جنهن انساني جسم، مٽي، پاڻي ۽ ماحول تي اهڙا اثر ڇڏيا، جيڪي ڌماڪي جي لمحي کان گهڻو اڳتي جاري رهيا. اهي ٻئي شهر انساني تاريخ لاءِ هڪ اهڙي تلخ حقيقت بڻجي ويا، جنهن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جڏهن تباهيءَ جي طاقت ۾ اڳتي وڌي ٿي ته ان جي نتيجن کي سنڀالڻ جي اخلاقي ۽ ماحولياتي صلاحيت انسان وٽ ساڳي رفتار سان ترقي نٿي ڪري ۽ اهڙن تباهين جا اثر نسلن تائين پهچن ٿا، جنهن کانپوءِ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي. آمريڪا، سوويت يونين، برطانيا، فرانس، چين ۽ ٻين ايٽمي طاقتن مختلف هنڌن تي ايٽمي تجربا ڪيا. فضا، زمين ۽ پاڻيءَ ۾ ڪيل انهن تجربن تابڪاريءَ جي آلودگيءَ جو هڪ اهڙو ورثو پيدا ڪيو، جنگ جو ورثو هاڻي ڌاتو ۽ بارود کان اڳتي وڌي تابڪاري تائين پهچي چڪو آهي.
ويٽنام، لاوس ۽ ڪمبوڊيا، زمين هيٺان دفن ٿيل جنگ: ويٽنام جي جنگ جنگي ورثي جي هڪ ٻي خوفناڪ تصوير پيش ڪري ٿي. ويٽنام، لاوس ۽ ڪمبوڊيا جي وسيع علائقن تي لکين بمن، راڪيٽن، توپن جا گولا، بارودي سرنگون ۽ ٻيا ڌماڪيدار هٿيار استعمال ڪيا ويا. آمريڪي هوائي حملن ۾ جيڪو بارود استعمال ٿيو، ان جو سمورو حصو ڦاٽي نه سگهيو، جيڪو اڄ تائين خطرو بڻيل آهي. لاوس خاص طور تي ڪلسٽر بمن ۽ ٻين جنگي باقيات کان شديد متاثر ٿيو آهي. هتي جنگ جي تاريخ ڪتابن ۾ ختم ٿي وئي، پر زمين تي ختم نه ٿي. اڄ به جڏهن ڪو هاري زمين کيڙي ٿو، ڪو ٻار راند ڪري ٿو يا ڪو مزدور نئون گهر ٺاهڻ لاءِ زمين کوٽي ٿو ته ماضي اوچتو هڪ ڌماڪي سان حال ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.
بارودي سرنگ جنگ جي ان منطق جو شايد سڀ کان واضح مثال آهي، جنهن ۾ هٿيار جو مقصد فوري طور تباهي ڪرڻ بدران انتظار ڪرڻ آهي. گولي فائر ٿيندي ئي منزل تي پهچي وڃي ٿي، توپ جو گولو ڦاٽڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي، پر بارودي سرنگ کي انتظار ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي. اها مٽيءَ هيٺ، گاهه ۾ يا رستي جي ڪناري تي سالن، ڏهاڪن يا نسلن تائين لڪي انتظار ڪندي آهي. ڪمبوڊيا، لاوس، افغانستان، انگولا، بوسنيا ۽ هرزيگووينا، عراق ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن ۾ بارودي سرنگون اڄ به انساني زندگي، زراعت ۽ ترقيءَ لاءِ وڏو مسئلو آهن، اها انساني جان سان گڏوگڏ زمين کي معاشي طور مفلوج ڪري ٿي. هاري پنهنجي زمين تي وڃڻ کان ڊڄي ٿو، ٻارن کي اسڪولن تائين محفوظ رستو نٿو ملي، روڊ، ريلوي ۽ ٻيا منصوبا دير جو شڪار ٿين ٿا ۽ بي گهر ماڻهو پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن واپس ورڻ کان محروم رهن ٿا.
جنگ جو ڪئلينڊر ۽ ڌرتيءَ جو ڪئلينڊر هڪ جهڙا ناهن: انساني سماج جنگ جو خاتمو هڪ تاريخ سان لکندو آهي، پر ڌرتيءَ وٽ جنگ جي خاتمي جي ڪا هڪ تاريخ ناهي. امن معاهدو ٿي سگهي ٿو، پر زمين ۾ بم لڪل رهجي سگهن ٿا، پاڻيءَ ۾ ڪيميائي مادا زهر بڻجي سگهن ٿا، سمنڊ جي تري ۾ جهاز ۽ بارود موجود رهي سگهن ٿا، ٻيلن ۾ باهيون ۽ تباهيءَ جا نشان رهجي سگهن ٿا، زرعي زمين زهريلي ٿي سگهي ٿي ۽ صنعتي علائقا خطرناڪ فضلي جا مرڪز بڻجي سگهن ٿا. ماڻهن جي زندگين ۾ جنگ جا زخم به نسلن تائين زنده رهن ٿا ۽ ماحوليات تي ڪيترين ئي صورتن ۾ ظاهر ٿين ٿا.
جنگ کي صنعتي شڪل ڏيندڙ قوتون ۽ سندن ورثو: جديد صنعتي جنگ ڪنهن هڪ ملڪ جي پيداوار نه هئي. مختلف دورن ۾ ڪيترن طاقتور ملڪن فوجي صنعتن کي وڌايو، وڏي مقدار ۾ هٿيار تيار ڪيا ۽ مختلف جنگين ۾ انهن جو استعمال ڪيو، جن ۾ جرمني، آمريڪا، برطانيا، جاپان، فرانس، اٽلي، بيلجيم، هالينڊ، اسپين ۽ پرتگال ۽ ٻيون قوتون شامل رهيون. جنگين جا سياسي مقصد، وقت، جاگرافيائي دائرا ۽ ٽيڪنالاجي هڪٻئي کان مختلف رهيا آهن. اصل سوال ڪجهه ٻيو آهي، جن ملڪن وٽ هٿيار ٺاهڻ، جنگ وڙهڻ ۽ تباهي پيدا ڪرڻ جي صنعتي صلاحيت هئي، ڇا انهن وٽ پنهنجي ڇڏيل ماحولياتي ورثي جي صفائيءَ ۾ حصو وٺڻ جي اخلاقي ذميواري به هجڻ گهرجي يا نه؟، ڇو ته هڪ خطرناڪ هٿيار جتي ٺاهيو وڃي ٿو، ضروري ناهي ته ان جو زهر به اتي ئي رهي. هڪ ملڪ هٿيار ٺاهي سگهي ٿو، ٻيو ملڪ ان کي خريد ڪري سگهي ٿو، ٽيون ملڪ جنگ جو ميدان بڻجي سگهي ٿو ۽ چوٿين ملڪ جو نسل ان جي ماحولياتي قيمت ادا ڪري سگهي ٿو. هي جديد جنگ جو سڀ کان وڏو اخلاقي تضاد آهي.
دنيا ماحولياتي تبديلي، سامونڊي آلودگي، حياتياتي گهڻ پاسائين نقصان ۽ وڌندڙ گرمي پد بابت عالمي معاهدا ڪري رهي آهي، پر هڪ سوال جيڪو پڇڻ جي ضرورت آهي، پر اڃان مڪمل شدت سان نه پڇيو ويو آهي ته گذريل جنگين جو ماحولياتي قرض ڪير ادا ڪندو؟ ويٽنام، لاوس، ڪمبوڊيا، عراق، افغانستان، بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي ماڻهن جنگين جي اهڙي قيمت ادا ڪئي آهي، جيڪا ان جي نسلن کي متاثر ڪندي رهندي. ان ڪري “جنگ جو ماحولياتي قرض” هڪ مناسب اصطلاح بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن طاقتور ملڪ جا هٿيار ڪنهن ٻئي ملڪ جي زمين کي آلوده ڪن ٿا ته ذميواري صرف ان وقت ختم ڇو ٿئي، جڏهن هٿيار ٺاهيندڙ يا استعمال ڪندڙ ملڪ جنگ ختم ڪري واپس هليو وڃي؟ اتي اها ذميداري صرف امن ٿيڻ سان ختم نه ٿيڻ گهرجي، بلڪه متاثر ملڪ جي زمين کي ٻيهر محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.
سمنڊ انسانيت جو وساريل جنگي قبرستان: جنگ بابت ڳالهائيندي اسان زمين کي ڏسون ٿا، پر سمنڊ اڪثر نظرانداز ٿي وڃن ٿا. سمنڊ صدين کان بحري جنگين جا ميدان رهيا آهن، جنهن ۾ هزارين جهاز، هوائي جهاز ۽ بارودي سرنگون ۽ ٻيا فوجي سامان سمنڊ جي تري ۾ وڃي چڪا آهن. جن ۾ ڌماڪيدار مواد، ڪيميائي مادا ۽ ٻيا خطرناڪ جزا ٿي سگهن ٿا. اتر اوڀر ائٽلانٽڪ ۾ تابڪاري فضلي جي ڊمپنگ جو معاملو هن مسئلي جي سنگيني کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو. 1950- 1990 تائين اتر اوڀر ائٽلانٽڪ جي اونهي سمنڊ ۾ تابڪاري فضلي جا ٻه لک کان وڌيڪ بيرل اڇلايا ويا. اڄ سائنسدان سامونڊي تري، تلڇٽ، خراب ٿيندڙ ڪنٽينرن ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو وٺي رهيا آهن. هي جنگي بارود جو سڌو مثال نه آهي، پر هڪ اهم اصول ضرور سيکاري ٿو.
موسمياتي تبديلي ماضيءَ جي جنگ کي ٻيهر زنده ڪري رهي آهي: موسمياتي تبديلي هاڻي جنگ جي ورثي سان به ڳنڍجي رهي آهي. وڌندڙ گرمي، سوڪهڙو، ٻوڏون، زمين جي تبديلي ۽ جهنگن ۾ لڳندڙ باهيون، ماحول تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. جڏهن درياءَ ۽ ڍنڍون سڪي وڃن ٿيون ته لڪل جنگي مواد ظاهر ٿي سگهي ٿو. جڏهن باهيون گاهه ۽ ٻوٽا ساڙي ڇڏين ٿيون ته هيٺان لڪل بارودي سرنگون ۽ بم نظر اچي سگهن ٿا. انتهائي گرمي پد پراڻي بارود ۾ نوان خطرا پيدا ڪري سگهي ٿو. هاڻي جنگ ۽ موسمياتي بحران ٻه الڳ مسئلا ناهن رهيا، اهي هڪٻئي سان وڌندڙ طور تي ڳنڍجي رهيا آهن.
يوڪرين جديد دور جو زنده بارودي ورثو: روس-يوڪرين جنگ جديد جنگ جي صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي پيماني جو هڪ نئون مثال آهي. توپخاني جا گولا، راڪيٽ، ميزائيل، بم، بارودي سرنگون، ٽينڪن جو بارود ۽ ڊرون وڏي علائقي کي مستقبل جي صفائي ۽ بحاليءَ جي چئلينج ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ يوڪرين جي بحالي جو مطلب صرف نئون انفرااسٽرڪچر ٺاهڻ نه هوندو، پر پهرين ان سڄي بارود کي صاف ڪرڻو پوندو، پاڻيءَ جي نظام کي صاف ڪرڻو پوندو ۽ زرعي زمين کي استعمال جوڳو بڻائڻ لاءِ ان جي بحالي ڪرڻي پوندي. جنگ جي خاتمي کانپوءِ اهم سوال اهو آهي ته “ڇا محفوظ ڪري ٻيهر تعمير ڪجي؟”
بارود جو لڪل وزن: جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ بارود جو مقدار انساني تصور کان وڏو ٿي سگهي ٿو. هڪ رائفل جي گولي جو وزن ڪجهه گرام هوندو آهي، مارٽر جو گولو ڪيترن ئي ڪلو گرامن جو ٿي سگهي ٿو، توپ جو گولو ڏهاڪن ڪلو گرامن جو ٿي سگهي ٿو، هڪ وڏو هوائي بم سوين يا هزارين ڪلو گرامن جو ٿي سگهي ٿو. هاڻي تصور ڪريو ته اهڙا ڪيترا لکين هٿيار ڌرتيءَ تي جنگين ۾ استعمال ٿيا آهن. ان ڪري جنگ رڳو انساني جانين جو مسئلو ناهي، بلڪه هڪ وڏي مادي، صنعتي فضلي جي انتظام جو مسئلو پڻ آهي.
فوجي انجنيئرنگ کان ماحولياتي ذميواري تائين: هي بحث انجنيئرن لاءِ به انتهائي اهم سبق رکي ٿو. اڄ جديد سول انجنيئرنگ رڳو اهو نٿي پڇي ته پل يا روڊ ڪيترو مضبوط، محفوظ ۽ معاشي هوندو، هاڻي اهو سوال به اٿي ٿو ته ان جي مڪمل زندگيءَ دوران ماحول تي ڪيترو ۽ ڪهڙو اثر پوندو. ساڳيو اصول فوجي صنعت تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي. هڪ هٿيار جي زندگي خام مال کان شروع ٿي ڪارخاني تائين وڃي ٿي، ٽرانسپورٽ ٿيڻ کانپوءِ ڌماڪي سان ختم ٿئي ٿو. هٿيار جي زندگيءَ جو آخري مرحلو به ڊزائين جو حصو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن انجنيئر کان پل لاءِ سئو سالن جي زندگيءَ جو حساب ورتو وڃي ٿو ته پوءِ هٿيار، بارود جي ذخيري، فوجي گاڏي ۽ فوجي تنصيب لاءِ به ان جي آخري ماحولياتي انجام جو سوال ضرور پڇيو وڃي؟
امن جي تشريح تبديل ڪرڻي پوندي: شايد هاڻي امن ۽ فتح جي تشريح ٻيهر لکي پوندي. فتح جو مطلب صرف ٻي فوج کي شڪست ڏيڻ ناهي. جنگ جو حقيقي خاتمو تڏهن ٿيندو، جڏهن ماڻهو محفوظ نموني پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويندا. هاري زمين تي پوک ڪري سگهندا، ٻار اسڪول وڃي سگهندا ۽ دريائن جو پاڻي انسان جي استعمال جوڳو هوندو ۽ سمنڊ جنگي فضلي کان آزاد هوندو. امن صرف توپن جي خاموشيءَ جو نالو نه هجڻ گهرجي.
اڄ جو سوال، ذميواري ڪير قبول ڪندو؟: اڄ دنيا موسمياتي تبديليءَ بابت سنجيده بحث ڪري رهي آهي. وڌندڙ گرمي پد، ڳرندڙ گليشيئر، سامونڊي سطح ۾ اضافو، سامونڊي ماحولياتي نظام جي تباهي، گهڻ پاسائي حياتياتي نقصان، ٻوڏون، سوڪهڙا، باهيون ۽ انتهائي موسمي حالتون انسان لاءِ وڏا خطرا بڻجي چڪا آهن. هر ماحولياتي تباهيءَ کي جنگ سان ڳنڍڻ به درست نه ٿيندو، پر ان کي ٻين سببن سان ڳنڍڻو پوندو ته گذريل صديءَ جون وڏيون جنگيون وڏي پيماني تي صنعت، ٻارڻ، ڌاتو، ڪيميائي مادا، ڌماڪيدار مواد ۽ قدرتي وسيلن جي استعمال سان وڙهيون ويون، جن جو وڏو زهريلو ورثو اڄ به ڌرتيءَ تي موجود آهي. جن طاقتور ملڪن اهي خطرناڪ هٿيار ٺاهيا ۽ فراهم ڪيا انهن تي هڪ اخلاقي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ماحولياتي نقصان جي تدارڪ ۾ اڳواڻي ڪن. ماضيءَ جي جنگين جي ماحولياتي ورثي جي صفائيءَ ۾ به حصو وٺن. بارودي سرنگن جي صفائي، اڻ ڦاٽل بارود جي خاتمي، سامونڊي نگراني، تابڪاري وارن ماڳن جي نگراني، ماحولياتي تحقيق ۽ متاثر برادرين جي بحالي عالمي ذميواريءَ جو حصو بڻجي ڪم ڪن.
مغربي ملڪن کي ايمانداريءَ سان اهو تسليم ۽ قبول ڪرڻ گهرجي ته اڄ دنيا جنهن ماحولياتي نقصان کي منهن ڏئي رهي آهي، ان جي هڪ اهم ذميداري مٿن لاڳو ٿئي ٿي، جنهن ۾ وڌندڙ گرمي پد، ڳرندڙ گليشيئر، سامونڊي ماحولياتي نظام جي تباهي ۽ موسمياتي تبديليءَ سان لاڳاپيل ٻيون آفتون شامل آهن. جيڪڏهن دنيا واقعي جنگين جي ماحولياتي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده آهي ته انهن ملڪن کي نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جي ڪاررواين سان ٿيل نقصان کي تسليم ڪرڻ گهرجي، پر ان جي تدارڪ ۽ بحاليءَ جي ذميداري به کڻڻ گهرجي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو