مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انسان شناسي: گلشن آرا ميربحر جو تحقيقي مقالو هڪ نظر

Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم

پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گلشن آرا ميربحر سيتا روڊ دادو ۾ محمد عارف ميربحر جي گهر 13 جولاءِ 1971ع تي جنم ورتو، پاڻ هاءِ اسڪول ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل آهي. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان ماسٽر آف فلاسافيءَ (ايم فل) جي ڊگري لطيف شناسيءَ جي موضوع تي “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انسان شناسي: تحقيقي اڀياس، 2020ع ۾ گلشن آرا کي ايوارڊ ٿي، مقالي جي سپروائيزر ڊاڪٽر نور افروز خواجه آهي، مقالي جي فهرست هن ريت آهي. باب پهريون: تحقيق جو طريقيڪار، موضوع جو تعارف، تحقيق جو مقصد، تحقيق جو جواز ۽ دائره ڪار، ذريعا ۽ ماخذ شاهه جي پارکن، اديبن، عالمن ۽ شاعرن سان ملاقاتون، لائبريريون.
باب ٻيو: شاهه عبداللطيف جو زمانو ۽ ان جو سياسي ۽ سماجي جائزو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ولادت، تعليم و تربيت، ابتدائي تعليم، تربيت شاهه عبداللطيف جي دور ۾ سنڌ جي حالت، سياسي، سماجي، اقتصادي، علمي، ادبي ۽ مذهبي حالتون، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زماني ۾ سنڌي سماج جا قدر، ساڻيهه جي سڪ، رواداري، سچائي، اتحاد ۽ نفاق، نيڪي، حُسنِ اخلاق، جدوجهد، صبر ۽ شڪر، قناعت ۽ ڪفايت، توڪل، همدردي.
باب ٽيون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ملڪي حالتن جا اثر، سياسي، سماجي، اقتصادي، مذهبي اثر، اسلامي تعليم جو اثر، تصوف جو اثر، ويدانتي سوچ ۽ فڪر، ڀڳتي مت جي فلسفي جو اثر، ناٿ پنٿ جو اثر.
باب چوٿون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انسان شناسيءَ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو، انسان جي وصف، انسان شناسي ڇا کي چئجي؟ علم نفسيات جي روشنيءَ ۾ انسان شناسيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ، نفسيات جي وصف، انسان ذات جون عام نفسياتي ڪيفيتون، هڪ اڀياس، انسان شناسيءَ جا عنصر/پهلو، خودشناسي، جوڳ ڪٽڻ، انسانيت، انساني حق، شهري حق.
باب پنجون: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انسان شناسيءَ واري سوچ جا ماخذ، بنيادي ماخذ، قرآن مجيد، حديث، شريعت، تصوف ۽ ثانوي ماخذن ۾ گلشن آرا شاهه جا اهي سر ڏنا آهن جن ۾ انسان شناسيءَ جو ذڪر آهي، جي راءِ ڏياچ، مومل راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، ڪاپائتي، سامونڊي، نوري ڄام تماچي، مارئي، يمن ڪلياڻ، ڪارايل، ڪوهياري، سارنگ، ڪيڏارو، پرڀاتي، بروو سنڌي، پورب، بلاول ۽ ڏهر آهن.
شاهه جي ڪلام ۾ سورميون، مختلف فردن جو ذڪر، هنرمند عورتن جو ذڪر، ڪورين، لوهارن، ڊکڻن، ڪنڀارن، ڌوٻين وغيره جو ذڪر، جانورن ۽ پکين جو ذڪرءِ، ساڻيهه جي سِڪَ آهن.
باب ڇهون: نتيجا، اختصار، ڪتابيات آهي.
جيئن ته هيءَ ايم فل جو مقالو آهي جو فقط چار بابن تي مشتمل هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، تحقيق جو مقصد ضخامت کان به وڌيڪ موضوع مطابق ۽ جامع هئڻ، موضوع سان سلهاڙيل ۽ حوالن تي دليلن سان بحث مباحثي کان پوءِ خاطر خواهه نتيجو ڪڍڻ آهي، موضوع تمام مُدلِل وڻندڙ ۽ مواد جي حوالي سان وڏي گنجائش رکندڙ آهي.
90 جي ڏهاڪي ۾ آئون ميرپورخاص کان سنڌ يونيورسٽي ايم فل جي داخلا لاءِ هن ساڳئي موضوع تي synopsis ٺاهي استادن سان ملڻ آئي هيس اتفاق سان بدقسمتي اهڙي ٿي جو جنهن استاد سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي ان منهنجو چڱو خاصو وقت ضايع ڪري مون کي اهو چئي روانو ڪيو ته هتي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف تي ڪم ڪونه ٿيندو، اها ايم فل جي رجسٽريشن توهان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪرايو. (جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ ان وقت مشڪل هئي پوءِ 2004ع ۾ رجسٽر ٿيس ۽ “سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس تي پي ايڇ ڊي 2012ع ۾ مڪمل ڪيم) لطيف سرڪار جي فن تي پي ايڇ ڊي نه ڪرڻ جو سور دِل ۾ سانڍيم ۽ پڪو ارادو ڪيم ته لطيف سرڪار بابت ڪم ڪندي رهنديس. انهيءَ موضوع تي ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيم جي منهنجي لطيف شناسي جي ڪتاب عالم سڀ آباد ڪرين ۾ ڇپيا چند ٻين ڪتابن ۾ پڻ آيل آهن. هن تحقيقي مقالي جو دل سان مطالعو ڪيم جو اهو منهنجو پسنديده موضوع آهي، لطيف سائينءَ جي سموري شاعري انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري لاءِ آهي هو تحقيق انسان شناس ۽ انسايت جو علمبردار شاعر آهي.
گلشن آرا جي هن مقالي مان چند حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، سماجي حالتن بابت لکي ٿي، “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دور 1689ع کان 1752ع تي يعني پيدائش کان وفات تائين ختم ٿئي ٿو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ مغل سلطنت جا گورنر اڪبر جي زماني کان مقرر ٿيندا ايندا هئا، تن جو سلسلو شاهه جي سامهون ختم ٿي ويو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جنم کان وصال تائين سنڌ جي اتهاس ۾ تمام وڏي اٿل پٿل آئي. سن 1707ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي تي اورنگزيب طرفان عنايتون ۽ نوازشون ٿيون ۽ اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن کي شڪست نصيب ٿي، سن 1718ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي وفات ڪئي کيس “خدا يار خان” جو لقب مليو، سنڌ تي ڌارين جي حملن سبب هتان جي عوام ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سبب غير يقيني واري صورتحال پيدا ٿي هئي، سنڌي سماج ڌارئي جي رحم ۽ ڪرم تي هو، ڪڏهن هو ٻاهرين فوجن جي حملن جو شڪار بڻجي ويندا هئا ته ڪڏهن قيد ۽ بند، ڏکن، بکن ۽ بدحاليءَ جو شڪار رهندا هئا” (ص 24)
شاهه جي زماني ۾ سنڌي سماج جي قدرن بابت لکيو اٿس، “ساڻيهه جي سڪ: وطن سان محبت ۽ پيار جو جذبو فطري امر آهي، سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه ڀٽائيءَ سنڌين ۾ جيڪي خوبيون ڏٺيون تن ۾ پهرين سندس ساڻيهه سان پيار ۽ محبت هو، هن ڀانن ۽ مڱڻهارن کي بهادريءَ سان شهادت ماڻڻ واري دودي سومري جي قصي کي ماڻهن وٽ چاهه سان ڳائيندي ۽ ٻڌندي ڏٺو ته مارئيءَ جي وطن سان محبت ۽ مارن جي اڪير جا گيت دلچسپيءَ سان بيان ڪندي ڏٺا” (ص 37)
انسان شناسيءَ جو مطلب ٿيو انسان جي واقفيت سڃاڻپ، ان جو مطلب هي به آهي ته انسان جو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، انسان جي پنهنجي پاڻ سان واقف ڪاري، شاهه عبداللطيف جو سمورو ڪلام انسان کي پنهنجي اصليت کان روشناس ڪرائي ٿو ۽ کيس پنهنجو اصل ڪارج سمجهائي ٿو. هو ڪنهن به مذهب فرقي ۽ نظرئي سان واڳيل نه آهي، پر هو سموري انسان ذات جو شاعر آهي، سندس ذهني وسعت ۽ ڪلام پوري انسانيت سميت وڻن ٽڻن، گلن، ٻوٽن، ڪکن، پنن جيت جڻن، پکي پکڻ، جانورن، نانگن، بلائن، سمنڊن، دريائن، ماڳن مڪانن، نظارن، زمينن آسمانن، جبلن ۽ خشڪين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿو” (ص 208)
“شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي ڪلام ذريعي انساني فطرت جو اهڙو درست ۽ تز جائزو پيش ڪيو آهي ۽ انساني فطرت جي گهرجن جو ايتري قدر ته پورو لحاظ رکيو آهي جو سندس شاعريءَ جي قدرن جا متبادل نظر ئي نٿا اچن، اهوئي سبب آهي جو اڄ تائين سنڌ ۾ بلڪه دنيا ۾ ڪو به اهڙو شاعر، فلسفي ۽ اديب سندس فڪر جي بلنديءَ کي پهچي نه سگهيو آهي” (ص 210)
“شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي تحقيقي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مغربي دنيا جو ڪوبه نظريو نه عالمگير نظرئي جا اصول پيش ڪري سگهيو آهي ۽ نه وري انسان ذات جي سڀني جذبن ۽ احساسن جي گڏيل ترجماني ڪندي انسان ذات جي سڌاري ۽ واڌاري، اتحاد ۽ اتفاق لاءِ ڪي ٺوس اخلاقي قدر پيش ڪري سگهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي شاهه عبداللطيف کي دنيا جي عظيم مفڪرن ۽ شاعرن ۾ شامل ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي اعليٰ مشاهدي ذريعي ڪائنات جي نظارن جي نهايت پراثر ۽ حقيقت پسنداڻه طريقي سان عڪاسي ڪندڙ ۽ انساني طبيعت جا مختلف رخ، جذبا، امنگ، ارمان، عادتون ۽ خصلتون نهايت باريڪ بينيءَ سان بيان ڪندڙ ۽ ان جي مزاج ۽ فطرت جي اڀياس کي پنهنجي لفظن ۾ سهڻو ويس پارائيندڙ انسان شناسيءَ جو علمبردار شاعر سڏيو آهي.” (ص 210)
مقالي جي ڇهن بابن جي فهرست مطابق باب پهرين ۽ ڇهين جو تعلق تحقيق جي طريقيڪار ۽ نتيجن سان آهي، انهيءَ ڪري مواد جي حساب سان باقي چار باب آهن جن ۾ موضوع کي آندو ويو آهي. منهنجي خيال کان شروع جو هڪ باب لفظ انسان، انسانيت ۽ انسان شناسيءَ جي وضاحت ڪائنات ۾ انسان جي حيثيت، ڌرمي ڪتابن ۾ انسان شناسيءَ جي اهميت، اسلام ۽ حديث نبوي مطابق انسانيت جا معيار ۽ لطيف جا مقرر ڪيل اصول، قدر ۽ مقصد دنيا جي عالمن ۽ شاعرن وٽ انسان شناسي، خاص طور ننڍي کنڊ جي اهم شاعرن ۽ لطيف سرڪار کان اڳ جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ جو جائزو جهڙا موضوع مختصر طور آندا وڃن ها ته اڳيان موضوع کي کولي بيان ڪرڻ ۾ محققا کي آساني ٿئي ها. مٿين موضوئن مان چند موضوع چوٿين ۽ پنجين باب ۾ آيل آهن، پر موضوع جي چٽائيءَ جي لحاظ کان فهرست ۽ مواد جي ترتيب اولين حيثيت رکي ٿي.
هيءَ تحقيق اڻ ڇپيل آهي لطيفيات جون ڪيتريون ئي ٿيسز اڻ ڇپيل آهن جنهن جي ڪري لطيفي شيدائين توڻي، شاگردن يا اسڪالرن کي ڪو فائدو نه پيو رسي، هر سال جيڪڏهن شاهه لطيف چيئر، سنڌ ثقافت کاتو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌي ادبي بورڊ، صوفي يونيورسٽي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا لطيف تي فقط 2 تحقيقي ڪتاب ڇپرائين ته به الائي ڪيتريون ٿيسز ۽ ٻيا اهم لطيفي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي سگهن ٿا. هاڻي حال اهو آهي ته ثقافت کاتو عرس جي موقعي تي فقط هڪ يا ٻه ڪتاب آڻي ٿو، ڪتاب جي ڇپجڻ جي آڳ واڳ به ڪامورن جي هٿ آهي پبليڪيشن ڪميٽيون ته نالي ماتر ۽ سفارشي آهن.
گلشن آرا پنهنجي طور تي محنت ڪندي موضوع سان لاڳاپيل ڪيترائي بيت شاهه جي رسالي مان ڏئي موقف جي چٽائي ڪئي آهي، لطيف شناسيءَ تي سندس ڪم قائم رهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو