تنقيدي سوچ جي آبياري ڪيئن ڪجي؟
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
اڄڪلهه جي هٿرادو ذهانت جي دور ۾، جتي معلومات ۽ ان جي تجزيي تائين رسائيءَ جو سيلاب هر طرف روان دوان آهي، اتي شاگردن اندر صحيح ۽ غلط جي پرک ۽ نون خيالن جي تخليق لاءِ تنقيدي سوچ(Critical Thinking) جي آبياري تمام اڻٽر ۽ اهم ترين صلاحيتن مان هڪ بڻجي چُڪي آهي. تنقيدي سوچ رڳو معلومات ۽ حقيقتن کي ياد رکڻ جو نالو نه آهي، پر هي اها صلاحيت آهي جنهن جي ذريعي انسان انيڪ سوال ڪري ٿو، ڀروسي لائق معلومات گڏ ڪري ٿو، ان جا تجزيا ڪري ٿو، ميسر ثبوتن کي پرکي ٿو ۽ دليلن جي بنياد تي فيصلا ڪري ٿو. پرائمري اسڪول جي سطح تي هن صلاحيت کي عمر جي مناسبت سان اهڙين سرگرمين ذريعي ترقي ڏني وڃي، جيڪي ٻارن ۾ تجسس، غور و فڪر ۽ آزاد سوچ کي هٿي ڏين. جڏهن تعليم جو مقصد صرف معلومات کي رٽي ياد ڪرائڻ بدران ٻارن کي سوچڻ سيکارڻ بڻجي وڃي ٿو، تڏهن تعليم يعني سکيا جو عمل وڌيڪ معنيٰ خيز ۽ پائيدار بڻجي وڃي ٿو. تنقيدي سوچ سان لاڳاپيل صلاحيتن کي اجاڳر ڪندڙ تعليمي ادارا ٻارن کي نه فقط هڪ سٺو شاگرد، پر هڪ ذميوار ۽ باشعور شهري بڻائڻ ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. هن مضمون ۾ آئون پرائمري اسڪول جي سطح تي شاگردن ۾ تنقيدي سوچ جي آبياري ڪندڙ اهم ترين عنصرن ۽ تصورن بابت مختصر بحث ڪندس.
سوال ڪرڻ جي عادت: تقليد ۽ تنقيد هڪٻئي جا ابتڙ آهن، جتي تقليد يعني ها ۾ ها ملائڻ جي تربيت ڪئي ويندي آهي، اتي ڪنهن مسئلي يا تصور بابت سوال، وضاحت، مختلف نقطهءِ نظر، ٽڪراءُ يا نئين سوچ جي ڪا گنجائش نه هوندي آهي. ٻئي پاسي دنيا جهان جي سڀني دريافتن، ايجادن ۽ اختراعن جو بڻ بڻياد نئين سوچ ۽ نئون سوال ئي آهي. سکڻ جي حوالي سان ٻار ۽ سائنسدان گهڻو تڻو هڪ جهڙا هوندا آهن، ڇو ته اهي بلڪل صاف ذهن سان شين ۽ لقائن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ انيڪ سوال پيا ڪندا آهن. سائنس ۽ عقيدي ۾ به بنيادي فرق سوال جو آهي. سائنس سوالن جي بنياد تي اڳتي وڌي ٿي، جڏهن ته عقيدو سوالن بجاءِ انڌي فرمانبرداري جي بنياد تي اڳتي وڌي ٿو ۽ ٻارن کان سوال ڪرڻ جو لاڙو کسي وٺي ٿو. ان ڪري سائنسي/تنقيدي سوچ، رويي ۽ عمل جي آبياري لاءِ ٻارن کي همٿائڻ گهرجي ته هو دنيا ۾ موجود ڪنهن به شيءِ يا لقاءُ بابت “ڇا؟”، “ڇو؟”، “ڪيئن؟”، “جيڪڏهن ائين ٿئي ته ڇا ٿيندو؟” ۽ “اڳتي ڇا ٿي سگهي ٿو؟” جهڙا انيڪ سوال ڪندا رهن. اهڙا سوال ٻارن کي ڪنهن ڳالهه يا معلومات کي اکيون بند ڪري ۽ بنا سوچ ويچار جي قبول ڪرڻ بدران کين ان بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا. جڏهن ڪلاس روم ۾ استاد طرفان سوال ڪرڻ جي آزادي ۽ همت افزائي جو ماحول هوندو آهي ته ٻارن ۾ فڪري تجسس پيدا ٿيندو آهي ۽ هو غير جانبدار بڻجي سوچڻ جي قابل بڻجندا آهن.
مشاهدو ۽ ثبوت: تنقيدي سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجي راءِ ڌُڪن ۽ اندازن بجاءِ سببن/نتيجن ۽ ثبوتن جي بنياد تي اڳلي جي سامهون پيش ڪندا آهن. مٿان کان هيٺ ڪِرندڙ جسمن بابت سر آئيزڪ نيوٽن جي ڳُوڙهن مشاهدن ڪششِ ثقل جي قاعدن جِي دريافت جون راهون آسان ڪيون. ان ڪري ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاسن ۾ شاگردن کي غور سان مشاهدو ڪرڻ سيکاريو وڃي ۽ انهن کي اهو واضح نموني سمجهايو وڃي ته جيڪو هُو ڏسن ٿا ۽ جيڪو هُو فرض ڪن ٿا، ان ۾ فرق هوندو آهي. هيٺيَن ڪلاسن ۾ ٻوٽن، جانورن، موسمي تبديلين ۽ سادن سائنسي تجربن ۽ مشاهدن ذريعي ٻار اهو سکندا آهن ته پنهنجي خيالن جي حمايت لاءِ ثبوت ڪيئن پيش ڪجن. مثال طور: جيڪڏهن ڪجهه ٻار ڪنهن ٻوٽي جو لڳاتار مختلف هنڌن تي مشاهدو ڪندا رهن ته ان صورت ۾ اهي وضاحت ڪري سگهن ٿا ته ڪهڙي هنڌ ڪهڙي ٻوٽي کي پاڻي يا سج جي روشني جي ضرورت آهي ۽ اِها ڇو آهي. اهڙي قسم جي سکيا انهن جي تجزياتي صلاحيتن کي مضبوط بڻائي ٿي.
ڀيٽ ڪرڻ ۽ فرق معلوم ڪرڻ: شين ۽ خيالن جي ڀيٽ ڪرڻ ۽ انهن ۾ فرق معلوم ڪرڻ سکيا جو هڪ اهم جُزو آهي. جڏهن مخصوص سبقي منصوبه بندي تحت ٻارن کي مناسب گروپن ۾ يا اڪيلي سِر مختلف جانورن، ثقافتن، ڪهاڻين ۽ تاريخي واقعن کي هڪ ٻئي سان ڀيٽڻ جا موقعا ڏنا وڃن ٿا، ته انهن ۾ لاڳاپيل جانورن، ثقافتن ۽ تاريخي واقعن ۾ هڪ جهڙايون ۽ اختلافي خاصيتون سڃاڻڻ جا گُرَ پيدا ٿيندا آهن. اهڙيون سرگرميون ٻارن منجهه معلومات کي ترتيب ڏيڻ، ان جي درجي بندي ڪرڻ ۽ هٿ ۾ موجود نمونن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. نتيجي ۾نه رڳو انهن جي سوچ وڌيڪ منظم ۽ گهري ٿيندي آهي، پر اهڙي سکيا ديرپا ۽ عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ پڻ مددگاررهندي آهي.
مسئلا حل ڪرڻ جون صلاحيتون: آڳاٽي دور وارِي اڪيلِي ۽ پاڻ تي ڀاڙيندڙ زندگي مسئلن جو ڳڙهه هئي. انسان پنهنجي ماضي جي تجربن ۽ تاريخ (جڏهن کان لکت محفوظ ٿي) مان سبق حاصل ڪندي وقت بوقت مختلف مهارتون مختلف ماهرن جي حوالي پئي ڪيون آهن. پاڻ تي ڀاڙيندڙ اوائلِي انساني زندگيءَ جي ڀيٽ ۾اڄوڪِي زندگي مڪمل طور هڪ ٻئي تي ڀاڙيندڙ بڻجي چڪي آهي. اسان اٽي، لٽي ۽ اجھي کان وٺي پاڻي، بجلي، گيس تائين؛ روڊ رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن کان وٺي عدالتن، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تائين؛ موبائيل فون، انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر کان وٺي خلائي جهازن ۽ سيٽلائٽن تائين ڪجھه به پاڻ ڪو نه ٺاهيو آهي، پر اهي سڀ شيون ۽ سهولتون ناڻي وسيلي آساني سان خريد ڪري يا استعمال ڪري سگهون ٿا. ان ڪري اهو اسان جو سماجي فرض بڻجي ٿو ته زندگيءَ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪريون. مسئلا حل ڪرڻ اعليٰ تنقيدي سوچ جو عملي اظهار آهي. ٻارن کي اهڙا موقعا ملڻ گهرجن، جتي هو مسئلن جي سڃاڻپ ڪن، مختلف حل تجويز ڪن، ممڪنه نتيجن بابت سوچين ۽ بهترين حل چونڊين. مختلف قسمن جا پَزِل حل ڪرڻ، تعليمي رانديون، گروهي سرگرميون ۽ روزمره جي ڪلاس روم جون ڀرپور تدريسي سرگرميون مختلف تعليمي ۽ عام زندگيءَ جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جا بهترين ۽ منظم ذريعا آهن. اهڙيون مشقون ٻارن کي سيکارين ٿيون ته هر مسئلي جا ڪيترائي حل ٿي سگهن ٿا ۽ هر حل جي نتيجن تي غور ڪرڻ ڪيترو نه ضروري آهي.
سببَ ۽ نتيجا: سببن ۽ نتيجن جي سمجهه ٻارن کي دنيا جي واقعن ۽ سندن انفرادي توڙي اجتماعي عملن جي وچ ۾ لاڳاپا سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. مثال طور: ٻارن سان بحث ڪري سگهجي ٿو ته ٻوٽا پاڻي کانسواءِ ڇو سُڪي وڃن ٿا يا ڪنهن ماڻهوءَ طرفان ٽريفڪ جي ضابطن جي ڀڃڪڙي جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا يا هڪ ٻار طرفان روڊ تي ڪيلي جي کل اڇلائڻ جي ڪري ڪهڙا حادثا ٿي سگهن ٿا ۽ ڪهڙيون مصيبتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون يا وري ڊرائيونگ دوران موبائيل فون هلائڻ جي ڪري ڪهڙا واقعا ٿي سگهن ٿا، ڪير ڪير ۽ ڪيترو متاثر ٿي سگهن ٿا وغيره. اهڙي سوچ ٻارن کي نه فقط موجوده حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، پر ان سان اهي پنهنجي عملن جي حال توڙي مستقبل تي پوندڙ اثرن بابت پڻ سکي ۽ سمجهي سگهن ٿا.
حقيقتن ۽ راين ۾ فرق ڪرڻ: تنقيدي سوچ جو هڪ بنيادي عنصر حقيقتن ۽ ذاتي راين ۾ فرق ڪرڻ آهي. ٻارن کي سيکارڻ گهرجي ته حقيقتون اهي بيانَ آهن جيڪي ثبوتن ذريعي ثابت ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن ته اسان جا رايا ذاتي پسند، ناپسند يا عقيدي تي ٻڌل هوندا آهن. مثال طور: “زمين سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي” هڪ حقيقت آهي. ڇاڪاڻ ته اها سائنسي طور ثابت ٿيل آهي ۽ مناسب روزمره جي وضاحتن سان ثابت ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته “سيارو هڪ بهترين موسم آهي” هڪ راءِ آهي. ڇو ته علاقائي اثرن جي ڪري اها شخصي پسند تي ٻڌل آهي ۽ مختلف علائقن ۾ بهترين موسم بابت مختلف خيال ملي سگهن ٿا. هي مهارت ٻارن کي سندن معلومات کي وڌيڪ احتياط سان پرکڻ جي قابل بڻائي ٿي.
فيصلو ڪرڻ: هڪ سٺو فيصلو ڪرڻ لاءِ مختلف اختيارن يا متبادلن ۽ انهن جي نتيجن بابت سوچڻ ضروري هوندو آهي. اسان کي پنهنجي شاگردن کي اهو سيکارڻ گهرجي ته هُو ڪهڙي ريت منظم طريقن سان مختلف امڪانن جو جائزو وٺن، انهن جا فائدا ۽ نقصان سمجهن ۽ پوءِ مناسب فيصلو ڪن. فيصلو چاهي ڪنهن تعليمي ڪم لاءِ حڪمت عملي چونڊڻ بابت هجي يا دوستن جي وچ ۾ ڪنهن اختلاف کي حل ڪرڻ بابت هجي، هر حالت ۾ هڪ سوچيل سمجهيل فيصلو ٻارن ۾ اعتماد ۽ ذميواري جي احساس کي وڌائي ٿو. فيصلي سازي اندر استاد جي نگرانيءَ ۾ ٻارن منجهه گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ مذهبي سهپ ۽ رواداري پڻ پيدا ڪري سگهجي ٿي.
ٻين جي نقطهءِ نظر کي سمجهڻ: تنقيدي سوچ جو هڪ اهم پهلو اهو به آهي ته ٻارن کي اهو سمجهائجي ته ڪنهن شيءِ يا لقاءُ بابت مختلف ماڻهن جا مختلف نقطهءِ نظر ٿي سگهن ٿا. ڪنهن عمارت بابت هڪ انجنيئر جو نقطهءِ نظر ان جي نقشي مطابق تعمير، تعميري مواد جي ڪوالٽي ۽ مضبوطي بابت ٿي سگهي ٿو؛ هڪ آرڪيٽيڪٽ مٿين ڳالهين سان گڏ عمارت جي ڊزائين ۽ ان جي خوبصورتي تي وڌيڪ توجهه ڏيندو؛ هڪ چور ان عمارت جي درن، درين، روشندانن، لوگهن ۽ راهدارين تي توجهه ڏيندو؛ هڪ معذور وري داخلا دروازي تي سِلوپ ۽ لفٽ جي انتظام تي توجهه ڏيندو؛ هڪ مذهبي ماڻهو لاءِ وري عمارت اندر يا ٻاهر عبادت جي جاءِ جي موجودگيءَ اهم هوندي. مطلب ته هر ماڻهو جون زميني حالتون، تجربا، عقيدا ۽ ترجيحون مختلف هوندا آهن. تنهنڪري اختلاف راءِ کي لازمي طور غلط هجڻ بدران هڪ نئون پهلو سمجهيو وڃي. هن سلسلي ۾ ڪهاڻين تي بحث، تاريخي واقعي يا شخصيت بابت ڪردار نگاري (Role-Playing) ۽ گروهي سرگرميون ٻارن ۾ سهپ، همدردي ۽ ٻين جي خيالن کي سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪن ٿيون.
ميڊيا ۽ معلومات بابت آگاهي: هن ڊجيٽل دور ۾ ٻار ڪيترن ئي ذريعن کان معلومات حاصل ڪن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته هو ننڍپڻ کان ئي معلومات بابت سوال ڪرڻ سکن. کين اهو سمجهائڻ ۽ سيکارڻ گهرجي ته ميسر يا گڏ ڪيل معلومات ڪٿان ۽ ڪنهن جي طرفان آئي آهي، ان فرد يا اداري جو مقصد ڇا آهي، ڇا اهو فرد يا ادارو ڀروسي لائق آهي ۽ ڇا ان معلومات جي تصديق ٿي سگهي ٿي وغيره. ميڊيا لٽريسي جا سبق يا ڪورس هن سلسلي ۾ ٻارن کي هڪ ذميوار، باشعور ۽ آگاهه شهري بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.
تخليقي ۽ تصوراتي سوچ: تنقيدي ۽ تخليقي سوچ جو هڪٻئي سان چولي دامن جو ساٿ آهي، جتي تنقيدي سوچ خيالن جي تجزيي سان واسطو رکي ٿي، اتي تخليقي سوچ نون امڪانن ۽ نون خيالن کي جنم ڏئي ٿي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته اسان ٻارن کي شروع کان ئي همٿائيندا رهون ته جيئن اهي روايتي جوابن کان اڳتي سوچين ۽ اهي لڪير جا فقير ۽ ها ۾ ها ملائيندڙ نه بڻجن، پرپاڻ ۾ شين، لقائن ۽ مسئلن کي نئين نظر سان ڏسڻ جي سگهه پيدا ڪن ۽ مختلف امڪانن کي نظر ۾ رکندي منطقي انداز ۾ ان جي قدر قيمت طئي ڪن ۽ بهتر حل تجويز ڪن. هن سلسلي ۾ کليل سوال (Open-ended Questions)، تخليقي منصوبا، ڪهاڻيون لکڻ ۽ فنونِ لطيفه جون سرگرميون تخليقي ۽ تصوراتي سوچ کي هٿي ڏين ٿيون.
غور و فڪر ۽ خود احتسابي: غور فڪر ۽ خود احتسابي جا عمل فرد جِي سِکيا ۽ تنقيدي سوچ جي عملن سان سلهاڙيل آهن. شاگردن کي موقعو ملڻ گهرجي ته اهي هر سبق، مشق، پروجيڪٽ ۽ اسائينمينٽ کانپوءِ اهو ضرور سوچين ته هنن ڇا سکيو، اهي ڪنهن ڳالهه تي ڇو يقين رکن ٿا ۽ پنهنجي سوچ ۽ عمل کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهن ٿا. هن سلسلي ۾ سِکيا جون ڊائريون، ڪلاس روم اندر بحث مباحثن ۽ ذاتي عڪاسي (Reflection) جهڙيون سرگرميون ٻارن لاءِ ڪارائتيون آهن. اهي عادتون ٻارن اندر فڪري پختگي ۽ مسلسل بهتري جو سبب بڻجن ٿيون.
اخلاقي دائري اندر دليل بازي ۽ اخلاقيات: تنقيدي سوچ کي فقط شين ۽ لقائن جي تجزيي ۽ دليل بازي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، پر هڪ تنقيدي سوچ رکندڙ لاءِ اهو به اوترو ئي ضروري آهي ته سندس سوچ، لهجو ۽ رويو اخلاق جي زيور سان آراسته هجي. ان کانسواءِ ٻارن سان عمر جي مناسبت سان انصاف، سچائي، ذميواري، ٻين جي عزت ۽ ضرورت مندن جي مدد جهڙن موضوعن تي بحث ڪرڻ گهرجي. اهڙيون ڳالهيون ٻارن کي اهو سيکارين ٿيون ته ڪنهن عمل کي فقط ان جي ڪاميابي جي بنياد تي نه، پر ان جي اخلاقي قدرن جي بنياد تي به پرکڻ گهرجي. اهڙي تربيت مضبوط ڪردار ۽ سماجي ذميواري پيدا ڪري ٿي.
تدريسي حڪمت عمليون: شاگردن ۾ تنقيدي سوچ جي آبياري ۽ ترقي ۾ سندن استادَ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. “جاچ تي ٻڌل سکيا” شاگردن کي سوالن جا جواب پاڻ ڳولهڻ لاءِ اتساهي ٿي. “گروهي بحثن” جا طريقا مختلف خيالن ۽ روين جِي ڏي وٺ بابت سکيا ۽ سهپ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. “ڪهاڻين جو تجزيو” ٻارن کي ڪردارن، واقعن ۽ موضوعن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو؛ جڏهن ته “مسئلا حل ڪرڻ” واريون سرگرميون تحقيقي ۽ منطقي سوچ کي هٿي ڏين ٿيون؛ “تجربا” ۽ “تحقيقاتي سرگرميون” مشاهدن ۽ ثبوتن تي ٻڌل سوچ پيدا ڪن ٿيون؛ جڏهن ته “بحث مباحثي”، “ڪردار نگاري” ۽ “منصوبِي تحت سکيا” جا تدريسي طريقا نصابي علم کي عملي زندگي سان ڳنڍين ٿا.
ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته پرائمري اسڪول جي سطح تي تنقيدي سوچ جي آبياري جو مطلب ٻارن کي “ڇا سوچڻو آهي” سيکارڻ نه، پر “ڪيئن سوچڻو آهي” سيکارڻ آهي. جڏهن ٻارن کي سوال ڪرڻ، مشاهدو ڪرڻ، ثبوتن جي بنياد تي دليل ڏيڻ، مسئلا حل ڪرڻ، تخليقي انداز ۾ سوچڻ، ٻين جي جذبن ۽ احساسن کي سمجهڻ ۽ اخلاقي قدرن تي غور ڪرڻ سيکاريو ويندو ته اهي وڌيڪ باشعور، ذميوار ۽ خود مختيار فرد بڻبا. تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ تنقيدي سوچ جي پرورش فقط هڪ تعليمي ضرورت نه، پر مستقبل جي نسلن جِي ڪاميابي ۽ سماجي بهتري لاءِ هڪ لازمي شرط آهي.
حوالا ۽ مددي ڪتاب:
Baron, J. B., & Sternberg, R. J. (Eds.). (1987). Teaching Thinking Skills: Theory and Practice. New York: W. H. Freeman.
Brookfield, S. D. (2012). Teaching for Critical Thinking: Tools and Techniques to Help Students Question Their Assumptions. San Francisco: Jossey-Bass.
Dewey, J. (1933). How We Think: A Restatement of the Relation of Reflective Thinking to the Educative Process. Boston: D.C. Heath.
Fisher, A. (2011). Critical Thinking: An Introduction (2nd ed.). Cambridge: Cambridge University Press.
Paul, R., & Elder, L. (2020). The Miniature Guide to Critical Thinking Concepts and Tools (8th ed.). Dillon Beach, CA: Foundation for Critical Thinking.
Ritchhart, R., Church, M., & Morrison, K. (2011). Making Thinking Visible: How to Promote Engagement, Understanding, and Independence for All Learners. San Francisco: Jossey-Bass.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟