مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آخر ڪيتريون عورتون اڃان پنهنجون جانيون وڃائينديون؟

Farzana Noor Muhammad Chandio محقق، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪارا، شاعره

چار ڪتابن جي مصنفه ۽ مختلف بين الاقوامي ليکڪن سان گڏجي گڏيل تصنيفن ۾ پڻ حصو وٺي چڪي آهي. سماجي مسئلن، عورتن جي حقن، تعليم ۽ انساني قدرن تي ڪالم لکندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هڪ عورت وري قتل ٿي وئي، هڪ خاندان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ سماج جي سامهون هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اچي بيٺو آهي ته آخر ڪيتريون عورتون پنهنجون جانيون وڃائينديون، تڏهن وڃي اسان جي معاشري کي عورتن جي تحفظ جو احساس ٿيندو؟ راولپنڊي ۾ ٽي وي اينڪر ۽ صحافڻ رابعه احسن جو پنهنجي ئي گهر ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿيڻ وارو واقعو پوري ملڪ لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. رپورٽن موجب سندس مڙس کي پوليس حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي آهي. هن وقت تائين ڪيس عدالتي ۽ جاچ جي مرحلي ۾ آهي، پر هن واقعي ڪيترائي اهم سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جن جا جواب صرف پوليس يا عدالت کي نه، پر اسان جي سموري سماج کي ڏيڻا پوندا. افسوس جي ڳالهه آهي ته عورتن خلاف تشدد، قتل، هراسان ڪرڻ ۽ ظلم جا واقعا ڏينهون ڏينهن اسان جي سماج جي هڪ سنگين حقيقت بڻجي رهيا آهن. ڪڏهن ڪنهن ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ ڇوڪري جي زندگي کسجي وڃي ٿي، ڪڏهن ڪنهن صحافڻ کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن ڪنهن عام گهريلو عورت، شاگردياڻي يا نوڪري ڪندڙ عورت کي پنهنجي ئي زندگيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني وڃي ٿي. انهن عورتن جا نالا، ڪم ۽ حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون، پر انهن سڀني واقعن پٺيان هڪ ئي سوال بيٺو آهي ته عورت کي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق ڪڏهن ملندو؟ گهر جنهن کي عورت لاءِ تحفظ، محبت ۽ سڪون جي جاءِ هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهوئي گهر سندس لاءِ خوف ۽ موت جو سبب بڻجي وڃي ته پوءِ عورت آخر ڪنهن کان تحفظ جي اميد رکي؟ مڙس کي زندگيءَ جو ساٿي هجڻ گهرجي نه ڪي عورت جي زندگيءَ لاءِ خطرو. شادي ڪنهن مرد کي اهو حق نٿي ڏئي ته هو عورت جي مرضي، آزادي، خوابن ۽ زندگيءَ تي پنهنجي ملڪيت سمجهي. سماج ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ ڪيترن ئي ظلمن کي ڪڏهن گهريلو معاملو، ڪڏهن غيرت، ڪڏهن شڪ، ڪڏهن ڪاوڙ ۽ ڪڏهن ذاتي اختلاف جو نالو ڏئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. سوال اهو آهي ته آخر ڪنهن به اختلاف جي سزا موت ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ڪنهن عورت جو پنهنجي راءِ رکڻ، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ يا ڪنهن غلط عمل خلاف آواز اٿارڻ ڏوهه ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن عورت جي قتل کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ڏينهن لاءِ احتجاج، افسوس ۽ مذمتي بيانن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. تصويرون شيئر ڪيون وڃن ٿيون، جذباتي تحريرون لکيون وڃن ٿيون ۽ انصاف جا مطالبا ڪيا وڃن ٿا، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سڀ ڪجهه معمول تي اچي وڃي ٿو. مقتولا جا ٻار، ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀينر سڄي زندگي ان درد سان جيئڻ تي مجبور ٿين ٿا، جڏهن ته سماج ڪنهن نئين خبر ڏانهن متوجهه ٿي وڃي ٿو. ڇا احتجاج صرف سوشل ميڊيا جي پوسٽن تائين محدود رهڻ گهرجي؟ ڇا عورت جي قتل کانپوءِ صرف افسوس ڪرڻ ئي اسان جي ذميواري آهي؟ ڇا ڪنهن ماءُ جي اولاد، ڪنهن ڌيءَ جي والدين ۽ ڪنهن ڀيڻ جي ڀائرن کي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر جدوجهد ڪرڻي پوندي؟ حڪومت، پوليس، عدالتي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي ته عورتن خلاف تشدد جي هر واقعي جي شفاف، غير جانبدار ۽ مڪمل جاچ ڪئي وڃي. ڪنهن به جوابدار کي سياسي اثر رسوخ، دولت يا سماجي حيثيت جي بنياد تي ڇوٽ نه ملڻ گهرجي. ثبوتن کي محفوظ رکڻ، شاهدن کي تحفظ ڏيڻ ۽ ڪيسن کي جلد قانوني انجام تائين پهچائڻ ضروري آهي. خانداني دٻاءُ يا سماجي ٺاهه جي نالي تي ڪنهن عورت جي قتل کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ خاندانن ۽ تعليمي ادارن جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. اسان کي پنهنجي پٽن جي تربيت ۾ عزت، برداشت، برابري ۽ عورتن جي حقن جو شعور پيدا ڪرڻو پوندو. صرف نياڻين کي احتياط ڪرڻ، خاموش رهڻ ۽ برداشت ڪرڻ جون نصيحتون ڪرڻ ڪافي ناهي، پر پٽن کي به اهو سيکارڻو پوندو ته ڪنهن عورت جي آزادي ۽ عزت جو احترام ڪرڻ سندن اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي. عورتن کي گهريلو تشدد، ڌمڪين ۽ هراسان ڪرڻ خلاف شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ آسان ۽ محفوظ نظام فراهم ڪرڻ گهرجي. پوليس کي اهڙين شڪايتن کي معمولي گهريلو جهيڙو سمجهي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. عورتن لاءِ قانوني مدد، محفوظ پناهگاهون ۽ نفسياتي سهائتا جا انتظام پڻ ضروري آهن. ميڊيا کي به پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ گهرجي. عورتن جي قتل کي ڪجهه ڏينهن جي بريڪنگ نيوز يا سنسني خيز سرخي بڻائڻ بدران انهن واقعن جي اصل سببن، قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي صورتحال تي مسلسل آواز اٿارڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته هر قتل ٿيل عورت پنهنجي پويان هڪ اڻپوري ڪهاڻي ڇڏي وڃي ٿي. ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري وڃي ٿي، ڪا ڌيءَ پنهنجي والدين جي اکين جو نور هوندي آهي، ڪا ڀيڻ پنهنجي خاندان جي اميد هوندي آهي ۽ ڪا پروفيشنل عورت پنهنجي محنت، صلاحيتن ۽ خوابن سان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ چاهيندي آهي. انهن سڀني جا خواب ۽ خواهشون به ايتريون ئي اهم آهن، جيتريون ڪنهن مرد جون آهن. رابعه احسن جون ڌيئرون به پنهنجي ماءُ کان محروم ٿي ويون آهن. انهن ٻارن کي انصاف، تحفظ ۽ هڪ محفوظ مستقبل جي ضرورت آهي. انهن جي زندگيءَ ۾ پيدا ٿيل خال کي نه شهرت ڀري سگهي ٿي ۽ نه ئي وقت مڪمل طور ختم ڪري سگهي ٿو. اڄ حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سماجي تنظيمن ۽ پنهنجي معاشري کان پڇڻو پوندو ته آخر ڪيتريون رابعه احسنون، ڪيتريون نياڻيون ۽ ڪيتريون بيگناهه عورتون پنهنجي زندگي وڃائينديون، تڏهن وڃي عورتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا؟ عورت جو تحفظ ڪنهن جو احسان ناهي، اهو سندس بنيادي انساني حق آهي. انصاف عورت جي شهرت، دولت، عهدي يا خاندان جي حيثيت ڏسي نه، پر قانون ۽ ثبوتن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عورتن جي قتل کي روزمره جي خبر سمجهي نظرانداز ڪرڻ بدران ان خلاف گڏيل آواز اٿاريو وڃي. اسان کي اهڙو سماج ٺاهڻو پوندو، جتي عورت پنهنجي گهر ۾، تعليمي اداري ۾، ڪم واري هنڌ ۽ رستي تي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري سگهي. ڇو ته عورت کي صرف زنده رهڻ نه، پر عزت، آزادي، تحفظ ۽ خوف کان پاڪ زندگي گذارڻ جو به پورو حق آهي. آخر ڪيتريون عورتون مري وينديون، تڏهن اسان جا ضمير جاڳندا؟

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو