مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

​سنڌ جا مالي وسيلا سنڌ جي عوام تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ٻين صوبن تي خرچ ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ صوفي اوليائن جي ڌرتي، ملڪ جو اقتصادي حب ۽ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون بنيادي انفرااسٽرڪچر جي زبون حاليءَ جو شڪار آهن. عوام ۾ اهو تاثر شدت اختيار ڪري رهيو آهي ته هڪ پاسي سنڌ جا پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ کنڊرن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت پنهنجي سالياني بجيٽ ۽ وسيلن جو هڪ وڏو حصو ٻين صوبن ۾ سياسي اثر رسوخ وڌائڻ يا پنهنجي پارٽي جي ساک بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪري رهي آهي. هيءَ صورتحال سنڌ جي عوام سان سراسر ناانصافي ۽ صوبي جي وسيلن جي غلط استعمال جي عڪاسي ڪري ٿي. جيڪڏهن اسان موجوده مالياتي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن تي نظر وجهون ته سنڌ جو بجيٽ حجم تاريخ جي سڀ کان وڏي سطح يعني لڳ ڀڳ 30 کان 32 کرب (3.19 ٽريلين) رپين تائين پهچي چڪو آهي، جنهن ۾ سالياني ترقياتي رٿائن لاءِ به اربين رپيا رکيا ويا آهن، پر زميني حقيقت اها آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص جهڙن وڏن شهرن جا رستا تباهه حال آهن، پيئڻ جو صاف پاڻي ناياب آهي ۽ صحت توڙي تعليم جو نظام آخري پساهن ۾ آهي. ٻهراڙين جي حالت ته ان کان به وڌيڪ ابتر آهي، جتي اڄ به بنيادي انساني سهولتون ميسر ناهن.
ان بدحاليءَ کي ختم ڪرڻ بجاءِ سنڌ حڪومت ٻين صوبن تي سنڌ جو پئسو خرچ ڪرڻ واري پاليسيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهي آهي. اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوامي سطح تي اهو بيان ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ ۽ وسيلن مان ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به اسپتالون قائم ڪندي ته جيئن اتي سنڌ جي صحت جي ماڊل جهڙوڪ: NICVD يا گمبٽ انسٽيٽيوٽ کي ڦهلائي سگهجي. جيتوڻيڪ صحت جي سهولتن جي فراهمي هڪ نيڪ ڪم آهي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سنڌ جا پنهنجا تعلقه ۽ ضلعي اسپتالون مڪمل طور تي فعال آهن؟ جڏهن ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين، نانگ جي زهر مار انجيڪشن (ASV) ۽ بنيادي ايمرجنسي سهولتون نه هجڻ ڪري مقامي ماڻهو پنهنجون جانيون وڃائي رهيا آهن. اهڙي قوت ۾ سنڌ حڪومت سنڌ جو بجيٽ ٻين صوبن ۾ نوان هيلٿ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ تي لڳائي سنڌ جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪري آهي. هيءَ ڪهڙي حڪمت عملي آهي ته پنهنجو گهر ٻري رهيو هجي ۽ ٻين جي گهرن کي روشن ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن؟ سنڌ جي وسيلن تي ۽ بجيٽ جي پئسن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي. جڏهن ته وفاق پنهنجا ميگا پراجيڪٽ به سنڌ ۾ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسيپ نٿو ڏيکاري. اهڙي وقت ۾ سنڌ جي عوام جي ڪمائي ۽ وسيلا سياسي پروپيگنڊا ۽ پارٽي اميج بلڊنگ لاءِ ٻين صوبن ۾ استعمال ڪرڻ ڪنهن به ريت دانشورانو ۽ منصفاڻو فيصلو نٿو چئي سگهجي. موجوده بجيٽ جا دستاويز واضح ڪن ٿا ته سنڌ وٽ وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي، پر اصل مسئلو بدانتظامي، ترجيحن جو غلط هجڻ ۽ سياسي مفادن کي عوامي مفادن تي ترجيح ڏيڻ آهي. وفاق کان ملندڙ اين ايف سي ايوارڊ جو حصو ۽ صوبي جا پنهنجا گڏ ڪيل ٽيڪس جيڪڏهن ايمانداريءَ سان صرف سنڌ جي بنيادي ڍانچي جي بهتريءَ تي خرچ ڪيا وڃن ته هي صوبو چند سالن ۾ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته خطو بڻجي سگهي ٿو. جمهوريت جو حسن اهو آهي ته عوام جا پئسا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿين. سنڌ جي عوام کي اڄ روڊ، رستا، صاف پاڻي، بهتر تعليم ۽ مقامي سطح تي صحت جون سهولتون گهرجن. حڪومت کي گهرجي ته هوءَ پنهنجي سياسي اڳڀرائي ۽ ٻين صوبن ۾ پاڙون مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ جي خزاني کي استعمال ڪرڻ بند ڪري. پهرين سنڌ کي پنهنجو حق ڏنو وڃي، هتان جي کنڊر بڻيل شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻيهر آباد ڪيو وڃي ۽ جڏهن سنڌ جي عوام جي غربت دور ڪئي وڃي. جڏهن سنڌ جو عوام خوشحال ٿي وڃي، تڏهن ئي ٻين صوبن جي مدد بابت سوچڻ جو اخلاقي حق حاصل ٿيندو. ٻي صورت ۾، هيءَ پاليسي سنڌ جي عوام سان هڪ تاريخي ناانصافي طور ياد رکي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو