ايٽم بم ڪيترو نقصانڪار آهي؟ مختصر جائزو
دنيا ۾ سمورا اٽڪل 195 ملڪ آهن، پر انهن منجهان صرف 8 ملڪ اهڙا آهن، جن ايٽم بم ٺاهيو آهي، جن منجهان سڀ کان پهرين آمريڪا آهي، جنهن 16 جولاءِ 1945ع ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو. انهيءَ کانپوءِ روس 29 آگسٽ 1949ع ۾ ڌماڪو ڪيو. برطانيه 3 آڪٽوبر 1952ع ۾. جڏهن ته فرانس 13 فيبروري 1960ع ۾، چين 16 آڪٽوبر 1964ع ۾ انڊيا 18 مئي 1974ع ۾ ڌماڪو ڪيو. جڏهن ته پاڪستان 28 مئي 1998ع ۾ ۽ پڇاڙي ۾ اتر ڪوريا 9 آڪٽوبر 2006ع ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ انهن 195 ملڪن ۾ انهن اٺن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار موجود آهن. جيڪڏهن انهن سڀني ملڪن جا ايٽم بم گڏ ئي بلاسٽ ٿيا ته ڪروڙين انسان منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ مري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ايٽم بم ٺاهڻ اڄڪلھه مشڪل ئي نه بلڪه ناممڪن آهي. آمريڪا جي ڪري ئي ڪو ملڪ ايٽم بم ٺاهڻ جي همت نٿو ڪري سگهي، جنهن جو مثال ايران آهي. آمريڪا انهيءَ کي ايٽم بم ٺاهڻ کان روڪي رهيو آهي. ايٽم بم ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟ سڀ کان پهرين ته اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ايٽم بم جهازن مان ڦٽا ڪيا ويندا آهن. انهن کي جهازن جي اندر فِٽ ڪيو وڃي ٿو پوءِ نشاني واري جڳھه تي ڪيرائڻو پوندو آهي. ايٽم بم جيڪو زمين جي اوچائي کان اٽڪل 100 ڪلو ميٽر بلندي تي ڦاٽندو آهي.