محمود احمدي نزاد هڪ معمو ڪيئن بڻيو؟
ايران، اسرائيل جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سوشل ميڊيا تي اڳوڻي ايراني صدر محمود احمدي نزاد بابت مختلف غير تصديق ٿيل افواهه گردش ڪندا رهيا، جن ۾ سندس وفات، زخمي ٿيڻ يا نظر بند ٿيڻ جا دعويٰ به شامل هئا، پر انهن افواهن جي نه ايراني حڪومت ڪا تصديق ڪئي نه ئي ترديد ڪئي. احمدي نزاد به ڪيترائي مهينا عوامي سطح تي نظر نه آيو. سندس هيءَ غير معمولي خاموشي ڪيترائي سوال پيدا ڪيا. بعد ۾ آيت الله سيد خامنائي جي شهادت جي آخري رسمن ۾ احمدي نزاد اوچتو نظر آيو. ڪيترن مهينن کانپوءِ اها سندس پهرين نمايان عوامي موجودگي هئي. هن منظر کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال پيدا ٿيو ته هو ايترو عرصو منظر عام تان غائب ڇو رهيو؟ هن سوال جو ڪو به حتمي جواب اڄ تائين سامهون نه آيو آهي، پر سندس خاموشي ان بابت مختلف گمانن کي وڌيڪ هٿي ملي. ڇو ته ان عرصي دوران مغربي ميڊيا ۾ اهڙيون رپورٽون به شايع ٿيون جن هن بحث کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو. نيويارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب، جنگ کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪجهه حلقن ۾ ايران ۾ ممڪن سياسي تبديلي جي مختلف فرضي ۽ غير رسمي منظر نامن تي غور ڪيو پئي ويو، جن ۾ محمود احمدي نزاد جو نالو به هڪ ممڪن عبوري سياسي شخصيت طور زير بحث آيو، پر هن دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي. جڏهن ته بعد ۾ ڪيترن ماهرن به هن امڪان تي سوال پڻ اٿاريا. اهو هڪ دلچسپ تضاد هو ته جنهن اڳواڻ اسرائيل خلاف سڀ کان سخت موقف اختيار ڪيو، ان بابت ڪجهه اسرائيلي عملدارن چيو ته سندس بيانن عملي طور اسرائيل جي موقف کي تقويت ڏني. 2008 ۾ موساد جي اڳوڻي سربراهه افرائيم هليوي چيو ته محمود احمدي نزاد “اسرائيل لاءِ ايران جو سڀ کان وڏو تحفو” ثابت ٿيو. ڇو ته سندس سخت بيانن دنيا ۾ ايران کي وڏي خطري طور پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏني. ٻئي طرف احمدي نزاد جا حمايتي هن تجزيي سان اتفاق نه ڪندا آهن. سندس مطابق هو صرف اسلامي جمهوريه ايران جي سرڪاري پرڏيهي پاليسي جي نمائندگي ڪري رهيو هو. سندس دور ۾ جوهري پروگرام ۽ يورينيم افزودگي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. هن بار بار مغربي پابندين کي رد ڪندي چيو ته اهي “ڦاٽل ڪاغذن کانسواءِ ڪجهه به نه آهن.” انهيءَ عرصي ۾ 2006 کان 2010 تائين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايران خلاف ڪيتريون قرار دادون منظور ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ ايران تي سخت معاشي ۽ سفارتي پابنديون پڻ لڳيون. 2013 ۾ صدارت ڇڏڻ کانپوءِ احمدي نزاد ۽ اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنائي جي وچ ۾ اختلاف واضح ٿيڻ لڳا. جنهن سبب نگهبان ڪائونسل کيس ڪيترائي ڀيرا صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني. ان باوجود احمدي نزاد مختلف موقعن تي سپريم ليڊر سان پنهنجي وفاداري جو اظهار به ڪيو، جڏهن ته ڪجهه معاملن تي هو رياستي ادارن تي تنقيد به ڪندو رهيو. اهوئي تضاد کيس ايراني سياست جي منفرد شخصيتن ۾ شامل ڪري ٿو.
نيو لائنز ميگزين موجب اقتدار کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ احمدي نزاد ڪيترائي اهڙا بيروني دورا ڪيا جيڪي مبصرن جي ڌيان جو مرڪز رهيا. 2023 ۾ هو گوئٽي مالا ويو، جتي هن مختلف مذهبي ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. 2024 ۽ 2025 ۾ هن هنگري جي گادي واري شهر بوداپيسٽ جا به دورا ڪيا. انهن دورن ۾ هن ڪجهه قدامت پسند ۽ مذهبي حلقن سان ملاقاتون ڪيون، پر انهن ملاقاتن جي مڪمل تفصيل سرڪاري طور جاري نه ڪئي وئي، جنهنڪري سندس مقصدن بابت مختلف گمان سامهون ايندا رهيا. تازو ايران-اسرائيل جنگ کانپوءِ هڪ نئون بحث ان وقت شروع ٿيو جڏهن نيويارڪ ٽائمز رپورٽ ڪئي ته جنگ کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل جا ڪجهه حلقا ايران ۾ ممڪن سياسي تبديلي جي مختلف منظرنامن تي غور ڪري رهيا هئا ۽ انهن غير رسمي مباحثن ۾ محمود احمدي نزاد جو نالو به زير بحث آيو هو. رپورٽ موجب اها ڪا حتمي منصوبه بندي نه هئي، پر مختلف ممڪن سياسي آپشنن مان هڪ هو. بعد ۾ دي اٽلانٽڪ رپورٽ ڪئي ته جنگ جي پهرين ڏينهن احمدي نزاد جي گهر ويجهو حملو ٿيو هو. سندس ڪجهه ويجهن مائٽن مطابق اتي موجود سيڪيورٽي اهلڪار مٿس نظر رکي رهيا هئا، پر هن دعويٰ جي به آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي. اهڙي طرح نيويارڪ پوسٽ سميت ڪجهه ٻين ذريعن انهن رپورٽن تي سوال اٿاريندي لکيو ته احمدي نزاد کي مستقبل جي قيادت طور پيش ڪرڻ جي دعوائن جي حق ۾ ڪو عوامي يا قابلِ تصديق ثبوت موجود ناهي. بي بي سي فارسي موجب، احمدي نزاد گذريل ڪجهه سالن کان ايراني سياست ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. نه هو مڪمل طور حڪومت جو حمايتي سمجهيو وڃي ٿو ۽ نه ئي روايتي اپوزيشن جو حصو آهن. بي بي سي جي تجزين مطابق اقتدار کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ هن پاڻ کي هڪ عوامي ۽ نسبتن آزاد سياسي شخصيت طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ايران جي طاقتور ادارن ۾ سندس اثر و رسوخ اڳ جهڙو نه رهيو، پر آمريڪي، ايراني ۽ اسرائيلي ماهرن جا رايا هن معاملي تي مختلف آهن. ڪجهه ماهرن مطابق اسرائيل لاءِ اهڙي شخص تي اعتماد ڪرڻ ڏکيو هو جيڪو سالن تائين هولوڪاسٽ تي سوال اٿاريندو رهيو ۽ ايران جي جوهري پروگرام جو نمايان سياسي چهرو رهيو هجي.
ٻئي طرف ڪجهه اسرائيلي تجزيه نگارن، جن ۾ راز زيمت، ڊيني سيٽرينووچ ۽ يوسي ميل مين شامل آهن، مطابق جيڪڏهن اهڙو ڪو بحث ٿيو به هو ته اها گهڻو ڪري نظرياتي يا تجزياتي سطح تائين محدود هو، ڇو ته احمدي نزاد وٽ نه پاسدارانِ انقلاب جي واضح حمايت آهي، نه مضبوط سياسي اتحاد ۽ نه ئي اهڙو تنظيمي ڍانچو جيڪو کيس ٻيهر اقتدار تائين پهچائي سگهي، پر اها به حقيقت آهي ته سندس نالو ڪيترين بين الاقوامي رپورٽن ۾ آيو، جنهن کيس تازي ايران-اسرائيل جنگ جي سڀ کان پراسرار سياسي ڪردارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. محمود احمدي نزاد اڄ به ايراني سياست جي هڪ متضاد شخصيت سمجهيو وڃي ٿو هڪ طرف هو اسرائيل جي سخت ترين نقادن ۾ شمار ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف وقت بوقت اهڙيون رپورٽون سامهون اينديون رهن ٿيون جن ۾ کيس ايران جي مستقبل جي ممڪن سياسي منظرنامن سان جوڙيو وڃي ٿو. انهن دعوائن ۾ڪيتري حقيقت آهي، ان جو فيصلو شايد ايندڙ سالن ۾ سامهون ايندو في الحال ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته محمود احمدي نزاد ايران جي سياست جي انهن چند ڪردارن ۾ شامل آهن جن کي مڪمل طور سمجهڻ اڄ به آسان نه آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟