اسپتالون ۽ معاشرتي رويا
اسپتالون ڪنھن به معاشري جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحن جو اهڃاڻ هونديون آهن. ڪنھن به بيماري يا جسماني تڪليف ۾ ھر انسان اسپتالن جو رخ ڪري ٿو ۽ اتان بھترين طبي علاج ۽ سھولتن جي اميد رکي ٿو. اسپتالون ٻن قسمن جون سهولتون فراهم ڪنديون آھن. ھڪ قسم جي اسپتالن ۾ صرف او پي ڊي ٿيندي آهي، ڊاڪٽر مريضن جي چڪاس ڪري، کين دوائون يا نسخو ڏئي گھر اماڻي ڇڏيندا آهن. ٻئي قسم جي اسپتالن ۾ مريضن کي ضرورت جي مطابق ايمرجنسي يا ڪنهن به علاج يا آپريشن جي لاءِ وارڊن ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ اتي کيس رهائش جي سهولت ميسر هوندي آهي. داخلا لاءِ مرض جي شدت کي نظر ۾ رکندي مريضن کي داخل ڪيو ويندو آھي ۽ اھڙيون اسپتالون اسان جي ملڪ ۾ ضلعي ۽ ڊويزن جي سطح تي موجود آھن. ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ھڪ مخصوص نظام تحت ڪم ٿيندو آھي. ڊاڪٽر مريض جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ اھو فيصلو ڪندو آھي ته مريض کي دوائون ڏئي گھر موڪلڻو آهي يا کيس اسپتال ۾ داخل ڪرڻو آھي. اڪثر اسپتالن ۾ مختلف قسم جا وارڊ ھوندا آھن جن ۾ انتھائي نگھداشت جا وارڊ، جنرل وارڊ، سيمي پرائيويٽ ۽ پرائيويٽ وارڊ شامل ھوندا آھن جن ۾ مرض جي شدت ۽ مريض جي بجيٽ ۽ سندس مرضيءَ کي نظر ۾ رکندي داخل ڪيو ويندو آھي. اسپتالن ۾ داخل مريضن جي عيادت ۽ ملاقات لاءِ مخصوص وقت مقرر هوندا آھن ته جيئن مريضن جي آرام ۽ اسپتال جي عملي جي ڪم ۾ خلل نه اچي.
اڄڪلھه سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اڪثر اھڙيون خبرون ۽ وڊيوز نظر اينديون آھن جن ۾ اسپتالن، خاص طور سرڪاري اسپتالن، ٻاھران مريضن جي تيماردارن جو ھڪ وڏو انگ زمين تي بسترا وڇائي ويٺل نظر ايندو آھي ۽ پوءِ اهڙا بيان به ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ته “حڪومت تيماردارن ۽ وارثن لاءِ ڪي به سھولتون مھيا نه پئي ڪري.” ھن مسئلي تي جيڪڏھن غور ڪبو ته اندازو ٿيندو ته ھن سلسلي ۾ حڪومت کان وڌيڪ مريضن جي وارثن ۽ تيماردارن جون غلطيون آھن. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته اسپتالن ۾ اوسي پاسي کان جيڪڏھن ڪو شخص اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان سان گڏ عزيزن جو وڏو انگ به اسپتال پھچي ٿو. ايتريقدر جو عورتن ۽ ننڍن ٻارن جو ھڪ وڏو تعداد پڻ اتي ويٺل نظر ايندو آھي. جڏهن ته انهن ماڻهن جي رهڻ جي لاءِ ڪابه سهولت يا رھائش جو بندوبست نه هوندو آهي نه ئي کاڌي پيتي جو ڪو جوڳو بندوبست هوندو آھي. جڏهن به اسپتالن ٻاھران پھچي ويندا آھن ته اهي اسپتالن اندر اجائي پيهه پيهان پيدا ڪندا آهن. غور ڪجي ته تيماردارن جي ايڏي وڏي انگ لاءِ حڪومت طرفان بندوبست ڪرڻ آسان ڳالهه ناهي. اھڙي صورتحال ۾ جنھن ۾ اسپتالن ۾ ضروري سامان جي فراهمي لاءِ به بجيٽ جي کوٽ ھجي. اسپتالن ۾ ايندڙن جي اجائي رش سان گڏ اھڙا به منظر نظر ايندا آھن جن ۾ مريضن جي ھر وارث ۽ تيماردار جي اھا ڪوشش ھوندي آھي ته اھي ڊاڪٽر سان سڌو سنئون رابطو ڪري مريض جي بيماريءَ متعلق آگاهي حاصل ڪن. نتيجي ۾ واسطيدار ڊاڪٽر جنھن مٿان اڳواٽ ئي ڪيترن ئي مريضن جي علاج جي ذميداري ھوندي آھي، بيزار ٿي پوندو آهي ۽ نتيجو بدمزگيءَ جي صورت ۾ ظاھر ٿيندو آھي. ان سلسلي ۾ اڪثر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اھڙيون خبرون گردش ڪندي نظر اينديون آھن جن ۾ ڊاڪٽرن مٿان ٿيندڙ حملن جو پڻ ذڪر ھوندو آھي. عوام جي اھڙي روش نه صرف اسپتالن جي ڪم ۾ رنڊڪ وجھڻ جي مترادف آهي، بلڪه عوام کي مھيا ٿيندڙ سھولتن ۾ پڻ گهٽتائيءَ جو سبب بڻجي ٿي. بيمارن جي عيادت ڪرڻ سنت آھي، پر جڏهن مريض گهر پهچي وڃي ته ان جي عيادت ڪرڻ لاءِ وڃڻ گهرجي. مريض سان گڏ هڪ يا ٻن ماڻهن کي اسپتال ۾ هجڻ گهرجي. جيڪڏهن مريض جي مٿان ڪلاڪن جا ڪلاڪ رش ڪري کيس بي آرام ڪيو وڃي ته کيس تندرست ٿيڻ ۾ پڻ ٽائيم لڳندو. پرائيويٽ اسپتالن جو نظام ھن سلسلي ۾ بھتر نظر ايندو آھي جتي ملاقات لاءِ مخصوص وقت کانسواءِ ڪنھن به مريض سان ملاقات جي اجازت نه ھوندي آھي. ان نظام ھيٺ ھلندڙ اھڙين اسپتالن ٻاھران مريضن جي مٽن مائٽن جا جٿا به نظر نه ايندا. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ھيٺيان اپاءُ ورتا ويندا ته نظام بهتر ٿي سگهي ٿو. مريض ۽ سندس وارثن تي مھمانن ۽ عيادت لاءِ ايندڙن جو بار ھلڪو ٿي سگھندو.
1. اسپتال انتظاميا تيماردارن جي لاءِ هڪ ٽڪيٽ جاري ڪري جيڪا صرف ٻن ماڻهن کي ڏني وڃي. ان کان علاوه ٻيو ڪوبه ماڻهو اتي رهڻ جي قابل نه هجي.
2. جيڪڏھن ملاقات لاءِ مقرر وقت تي ملاقاتين جو انگ گھڻو آھي ته حفاظتي عملو انھن ملاقاتين کي واري واري سان مريض ڏانھن وڃڻ جي اجازت ڏئي ۽ اھو يقين ڪري ته اڳ ۾ ويل ملاقاتي واپس اچي چڪا آھن.
3. اسپتال جي داخلي دروازي آڏو ماڻھن کي وڏي انگ ۾ ويھڻ يا بيھڻ جي اجازت بلڪل نه هجڻ گهرجي جو اهي ايمرجنسي جي صورت ۾ ايندڙ مريضن جي لاءِ رڪاوٽ بڻجن.
3. مريض جي عيادت ڪندڙن کي گھرجي ته اھي مريض وٽ گھٽ ۾ گھٽ وقت لاءِ ويھن. اڄڪلھه جيئن ته ھر شخص جي ھٿ ۾ فون موجود ھوندي آھي، بھتر اھو ھوندو ته اھي فون ذريعي مريض جي خير خيريت معلوم ڪري وٺن.
4. عيادت لاءِ ويندڙن کي ٻارن کي ساڻ نه وٺي وڃجي، ڇاڪاڻ جو اسپتالن جي ماحول ۾ ڪيترائي بيمارين جا جراثيم موجود ھوندا آھن جن سان ٻار بيمار ٿي سگھن ٿا.
5. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا پڻ عوام اندر آگاھي پيدا ڪري.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟