مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اميد، آجپي ۽ مسلسل جدوجهد جو رنگ

Salam Ujjan

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

زنده ۽ جاندار شاعري پئي پراڻي ناهي ٿيندي اها هر دور سان ٺهڪندڙ هوندي آهي ۽ زنده شاعر پنهنجي احساسن سان گڏ عوام يعني عام ماڻهن جي احساسن جو ترجمان پڻ هوندو آهي. لطيف 17 صديءَ جي پيداوار آهي ۽ هينئر 21 صدي هلي رهي آهي، پر جڏهن لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هلندڙ دور کي نظر ۾ رکي ڪري شاعري ڪئي وئي آهي سندس شاعريءَ مان جديد دور جي اتم شاعريءَ جهڙو ئي هڳاءُ ملندو. لطيف کي جيڪڏهن هر دور جو شاعر چئجي ته ان ۾ به ڪا وڌاءُ جهڙي ڳالهه نه ٿيندي.
ٿڪيائي ٿرٿيل، چڙھ چڪيائين چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀَوَ مڙوئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺين تان واري وري.
هي مٿيون بيت ڪيڏو نه شاندار ۽ هن دور سان ٺهڪندڙ آهي (جيڪڏهن اوهان پنهنجي مقصد کي ماڻڻ چاهيو ٿا ته دنيا جا سڀ ڀَوَ/ڊپ ڇڏي منزل طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪريو، جانور جيئن فصل/گاھ ڀيل ڪندا آهن اوهان به انهن وانگر دنيا جي سڀني ڊپن کي ڀيلي مقصد طرف وَڌو.)
جديد دور جا ڀَوَ هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
ڪاروباري زندگيءَ ۾ نقصان جو ڊپ، امتحان ۾ فيل ٿيڻ جو ڊپ، جابري قوتن جو ڊپ، ڪنهن موضي بيماري جو ڊپ، پنهنجي گهر وارن، پاڙيوارن ۽ محبوبن جو ڊپ ۽ ٻيا اهڙا کوڙ خوف ٿي سگهن ٿا.
هِتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون،
ساجن سونهن سُرتِ، وکان ئي ويجھو گھڻو.
اوھان پنھنجي منزل جي طرف اٿي هڪڙي وک يا ٻه ٽي وکون به کڻندو ته منزل ويجهو ٿي پوندي اوهان جنهن منزل جي چونڊ ڪئي آهي ان طرف اوهان کي ئي وڃڻو پوندو. اها منزل اوھان ڏانهن هلي نه ايندي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ خود اوهان کي قدم وڌائڻا پوندا.
اڳيان اڏين وٽِ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽِ ته پوءِ قبُول ۾، مَڇُڻِ ڀانيين گهَٽِ،
مٿا مَهايِنِ جا، پِئا نه پَسِين پَٽِ،
ڪَلاڙڪي هَٽِ، ڪُسَڻ جو ڪوپُ وَهي.
يا وري هن بيت کي پروڙڻ مان پتو پوندو ته لطيف جدوجهد لاءِ ڪيڏو نه اتساهي ٿو.
ووءِ ووءِ ڪندي وتُ، متان ووءِ وسارئين،
رندن مٿي رتُ، هار ته پسين هوت کي.
لطيف ماٺ ڪري ويهي رهڻ لاءِ نٿو چئي ظلم خلاف اٿي کڙو ٿيڻ جو چوي ٿو. ظلم خلاف جيترو دير سان اٿبو اوترو وڌيڪ سَهڻو ۽ ڀوڳڻو پوندو. چوڻ جو مطلب ته پنهنجي مقصد جو تعين ڪري مقصد طرف هوريان ڏاڍيان پيو هلجي. ٻئي هنڌ وري جدوجهد جي پنڌ ۾ جيڪي دوست جسماني طور تي اسان کان جدا ٿي ٿا وڃن ته انهن لاءِ لطيف هيئن فرمائي ٿو.
مَرَڻا اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِيَنِ نه مات،
هُوندا سي حَيات، جِيڻان اڳي جي جِيا.
انهن سچن عاشقن کي موت مات نٿو ڏئي سگهي جن انساني حقن، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي تشخص لاءِ جانيون قربان ڪيون تاريخ انهن ڪردارن کي هميشه ياد رکندي ۽ اهي زنده رهندا. ڪاميابي جي وصف مقصد کي ماڻڻ به ٿي سگهي ٿو، پر مقصد جي چونڊ ڪرڻ ۽ ان طرف هلندو رهڻ منهنجي نظر ۾ ڪاميابي آهي.
لطيف وٽ درد رکندڙ دل به آهي ته ان سان گڏ حساس احساس به، لطيف وٽ اميد جا ڪرڻا روشن نظر اچن ٿا پاڻ وهمن، وسوسن کان آجو، سک، شانتي، آزاديءَ ۽ آجپي واري حسين زندگيءَ جو خواهشمند پڻ آهي. جنهن لاءِ پاڻ ذڪر ڪيو اٿائين ته:
اڱڻ تازي، ٻھر ڪُنڍيون، پَکا پٽ سُنھنِ،
سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينھن وَسنِ،
اسان ۽ پرينِ، شال ھُون برابر ڏينھڙا.
سندس جي شاعريءَ جو اصلي پيغام جدوجهد ڪرڻ آهي اها جدوجهد آزاديءَ ۽ آجپي لاءِ به آهي ته امن عالم لاءِ به، اها جدوجهد انساني قدرن جي بحالي ۽ آبياري لاءِ به آهي ته اظهار جي آزاديءَ لاءِ به پڻ آهي.
سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
لطيف جو هي جڳ مشهور بيت عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چڪو آهي، هن بيت ۾ ڪيڏو نه وسيع خيال ۽ پيغام سمايل آهي هر طرف سڪار ئي سڪار هجي نفرت جا نشان مٽجي وڃن سڄي دنيا شاد ۽ آباد ٿي وڃي. لطيف وٽ جتي “عالم سڀ آباد ڪرين” جو تصور ملي ٿو اُتِ پنهنجن ماڻهن، پَکن ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان جڙيو رهڻ ۽ ڌار نه ٿيڻ جو تصور به موجود آهي.
اي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي امر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪان ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
لطيف چوي ٿو ته ٿوري گهڻي لالچ تي هرکي پوڻ اهو مارن جو ڪم ناھي اهي لالچ ۾ اچي پنهنجا ور ناهن مٽيندا.
لطيف جي ھڪل يا للڪار به ڪيڏي نه اتساهڪ آهي
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪِئو،
نِهارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارِڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَه رَتِيُون ٿِيَين.
مقصد سان ڪيڏو نه وفاداري ۽ ذميداريءَ وارو رشتو جڙيل آهي، اهو اميد سان سرشار، جدوجهد طرف وٺي ويندڙ ۽ مزاحمتي عنصر لطيف جي شاعري ۾ هر هنڌ ڏسڻ وٽان ملي ٿو. لطيف جي شاعري مزاحمت جو به اعلي’ نمونو آهي.
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
تان پڻ لڄ مران، جي ھونس پٺ ۾.
لطيف جي شاعري اسان کي پنهنجي اميدن کان وڌيڪ شعور عطا ڪيو آهي. ان اسان کي همت، بهادري، اميد ۽ جدوجهد لاءِ اهڙو اتساھ ڏنو آهي، جيڪو نسلن تائين هلندو.
لوچين سي لهن، جڏهن تڏهن پرين کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا- (لطيف)

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو