شاهه جي رسالي جي بيتن ۾ تاريخ جا عڪس
Shabir Khokhar تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي
ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.
سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ: هنن سرن ۾ ڀٽائي سنڌ جي ماڻهن جي مذهب اسلام سان وابستگي ۽ عقيدتمندي کي دل کولي بيان ڪيو آهي، جيڪا ان دور ۾ ماڻهن جي دل ۾ سمايل هئي، ان دور جي مولود، حمد ثنا جي تاريخ کي زنده ڪري ڇڏيو آهي. هنن سرن ۾ ڀٽائي پنهنجي ذاتي عقيدتمندي کي پڻ دل کولي بيان ڪيو آهي. هن سر ۾ قرآن مجيد جي آيتن جي تضمين پڻ اسلامي تاريخ جي ڄاڻ فراهم ڪندڙ آهي. سوري ۽ عاشق جا اصطلاح پڻ ان دور جي تاريخ سان جڙيل لفظ ٿي سگهن ٿا يا پنهنجي مجازي معنيٰ ۾ استعمال ڪيا ويا آهن.
سر، اڏي ۽ ڪاتي جي لفظن جو استعمال خودي جي موت لاءِ استعمال ڪرل مجازي مفهوم طور ٿي سگهي ٿو. هن سر ۾ مهيسر، ڪلال، مڌ جي لفظن جو استعمال پڻ ان دور جي تاريخ سان لاڳاپيل آهي. نيزي اجل ۽ مشاهدي، حبيب، طبيب، ويڄ، دارون ڦڪيون فرق، ڪنڊي، ٻٻر جي ٽانڊن، پتنگ، آڳ، ڌمڻ، اڱار، آڳڙين، الا، سانداڻ جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي ان زماني جا مستعمل، مروج لفظ آهن، جيڪي ٻولي جي تاريخ بيان ڪن ٿا. هن سر ۾ موکي ۽ متارن جي لوڪ داستان جي تاريخي واقعي جي خبر پوي ٿي.
سر سامونڊي: سنڌ ۾ ارڙهين صديءَ ۾ درياءَ ۾ جهاز راني، ٻيڙين، پتڻن، بندرگاهن سامونڊي سفر واپار جي خبر پوي ٿي، ڀٽائيءَ شاعر طور ان وقت جي پتڻن ۽ سامونڊي بندرگاهن جو دل کولي بيان ڪيو آهي. سنڌ جي مهاڻن جي زندگي جي مجموعي صورتحال ديس پرديس جدائي، وصال جي منظر ڪشي پڻ ڪئي آهي. هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ پڳھه، سڙھ، وڻجارا، پڻ ان دور جي تاريخ جا امين آهن.
سر کاهوڙي، سر رامڪلي: هن سر ۾ڪم آندل لفظ لاهوت، هنگلاج، سڱ، مونا طور سينا، عدم، آسڻ، ناٿ، اسک، گورکناٿ، هنگلاج، گندا، گبري، حجرو، تڪيو جا صوفياڻا اصطلاح استعمال ڪيا ويا آهن.
سر کاهوڙي، پورب ۽ رامڪلي جي بيتن ۾ ان دور جي جوڳي، سنياسي کاهوڙي رولاڪ فقيرن جي خبر پوي ٿي جيڪي سنڌ ۾ سفر ڪندا هئا، جيڪي اڪثر تارڪ دنيا فقير هئا سادگي سان دنيا جي معاملن کان پري زندگي گذارڻ ۾ مصروف هئا، ڀٽائيءَ انهن کان متاثر ٿي بيت لکيا. هن سر جي بيتن ۾ پٻ جبل، گنجو ٽڪر يا گنجو ڏونگر جو ذڪر ڪيو آهي.
سر پورب: هن سر ۾ ڪانگ، سنيهو جا الفاظ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ تاريخي پسمنظر رکندڙ آهن. ڄاڻو پکي جو گهر جي اڱڻ ۾ وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي روز ڪان ڪان ڪرڻ کي هڪ سنيهي طور سمجهڻ ان سان وابسته لوڪ داستان جو جڙڻ هڪ سماجي تاريخ آهي.
سر ڪاپائتي: سر ڪاپائتي ۾ شاھ لطيف جي بيتن ۾ ان وقت جي ڪورين ۽ سندن ڪرت يا پيشي ڪپڙا اڻڻ جي هنر بابت خبر پوي ٿي، ارڙهين صدي سنڌ ۾ هٿرادو هنر ۽ زرعي سماج جو عروج ڏسجي ٿو. ساڳئي وقت شاعر ڪورين جي ڪرت کي روحاني معنويت ۾ پڻ استعمال ڪيو آهي.
سر بلال: هن سر ۾ شاھ لطيف ان دور جي سخي سردار جادم جکري جي مثالي ڪردار ۽ سخاوت جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان سنڌ جي مثالي ڪردارن جي خبر پوي ٿي.
سر پرڀات:سر پرڀات ۾ ڀٽائي ان دور جي سماجي ثقافتي طور سرگرم مڱڻهار فقيرن جي زندگي تي بيت لکي ان دور جي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، اهي مڱڻهار جيڪي پنهنجي ان عروج واري عهد ۾ امير سکيي ستابي سردارن جي اڱڻ، انهن جي مراد جي رونق بڻيل هئا اڄ جديد دور ۾ ويچارا شهر جي چوواٽن تي نڌڻڪا ويٺل نظر اچن ٿا. شادي مرادي جي ڪاڄ ۾ هاڻي مڱڻهار جي جاءِ تي ايڪوسائوند ميوزڪ اچي ويو آهي، مڱڻهار کي فضول سمجهي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
سسئيءَ جا پنج سر:هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ؛ ٻانڀڻ، ڪيچ، لڪ، وڻڪار، ٻاروچو، ڏونگر، آرياڻي، ڪاڪل، مارڳ، ڇپر، ڇمر، بيگارياڻي، ساروڻي، اڳڻ، قفلن، اوٺـيئڙن، اوٺار، آريچا اظۡلام، پٻ جبل، برپٽ، اوطاقان، ٻانهي، لوهاڪا، ٻاٻيهو، منگر. سسئيءَ جي پنج سرن ۾ ڀٽائي پنهنجي دور کان به هزار سال اڳ جي لوڪ داستان سان لاڳاپيل ڪردارن، قديم ماڳن کي پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪري هڪ دور کي هميشه لاءِ رقم ڪري ڇڏيو آهي، هڪ معمولي داستان کي جڏھن شاعريءَ جي نازڪ نفيس احساس، جذبات ۽ ڪيفيتن ۾ بيان ڪجي ٿو ته اهو داستان هڪ آفاقي حقيقت بڻجي سامهون اچي ٿو، اهو سڄو فنِ فنون لطيف جو ڪمال آهي. نه ته تاريخ اهڙن ڪيترن داستانن سان ڀري پئي آهي، پر وقت گذرڻ سان دفن ٿي وڃن ٿا. هڪ تاريخي داستان مان ان دور جي مڪمل سماجي تاريخ جو عڪس سامهون اچي وڃي ٿو.
سر مومل راڻو، سر ليلا چنيسر ۽ سر سهڻي جا لوڪ داستان: هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ گجريون، سوڍا، ڪاڄ ڪنڌي، لڊاڻو. ڀٽائيءَ انهن سمورن لوڪ داستانن تي بيت لکي نه رڳو ان دور جي جاگرافيائي، سماجي، ثقافتي تاريخ رقم ڪئي آهي، پر ان سان پنهنجي فڪر سوچ تصوف، اسلام ۽ محبت جي جذبات جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بي مثال ڪم آهي. هن سر۾ ميرپورماٿيلي ۾ مومل جي ماڙي، جيسلمير ڪاڪ محل، ڪڇ جي راڻن، مينڌرن جي حڪومت جي خبر پوي ٿي.
سر سورٺ: هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ مڱڻهار، جاجڪ، ٻيجل، چارڻ، گرنار، تنبير، ڏياچ، انيراءَ. هن سر ۾ ڀٽائي ان زماني جي مڱڻهار، ميراثين ۽ سخي بادشاهن جي تاريچ بيان ڪئي آهي. جهونا ڳڙھ، جيسلمير جي راءِ گهراڻي جي حڪومت، سخاوت جي خبر پوي ٿي. ساڳي وقت علامتي مفهوم ۾ عزرائيل ۽ موت جي پسمنظر کي بيان ڪيو آهي.
سر ڪاموڏ: هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ پڳھه سڙھ، ماڱر، سمو، گندري، تماچي تڙ ڌڻي، ککي، ڇڇيءَ، پاٻوڙا پوشاڪ، مڏ، مياڻـيون مڪڙا، جرمڃر وڻراھ. سر ڪاموڏ ۾ ڪينجهر ڍنڍ جي مهاڻن، ميربحرن، مڇيرن ۽ وقت جي سمي بادشاھ ڄام تماچي کي تاريخ ۾ زنده ڪري ڇڏيو آهي، داستان جي رومانوي قصي مان سنڌ جي ثقافتي جوهر کي نروار ڪيو آهي.
سر سارنگ، عمر مارئي: هن سر ۾ ڪم آندل الفاظ آگم، پلر پالوٽ، سنگھاريون، ماڪاڻيءَ تان موٽيو، پٻ جبل، جهوڪ، ڍٽ، جيسلمير بيڪانير، سيبا ڪنجري، لوئي، بخمل بافتن، پٽولا پنوهار، اوڇڻ اباڻن، سهاڳ نه سول، گور.
سر سارنگ جي بيتن ۾ ڀٽائي سنڌ جي زراعت ۽ برسات تي بيت لکي ان دور جي زرعي معيشت کي دل کولي بيان ڪيو آهي، جنهن مان ان دور جي ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، چوپائي مال، جانورن، ريگستان ٿر جي ماڻهن جي زندگيءَ جو احوال رقم ڪيو آهي.
سر عمر مارئي ۾ ملير، ٿر، عمرڪوٽ، ڀالو شهر جي آسپاس جي تاريخ، عمر سومري جي بادشاهي جي خبر پوي ٿي، ان سان گڏ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن، رسمن، حب الوطني جي تاريخ ملي ٿي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟