مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هيپاٽائيٽس سي: خاموش وبا، قومي صحت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج

Ali Nawaz Rahimon ڪالم نگار، سوشل ورڪر

سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ. خاص طور تي ماحوليات، موسمي تبديلين ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻي جي موضوع تي لکندڙ ليکڪ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. مصنوعي ذهانت، جينياتي تحقيق، روبوٽڪ سرجري ۽ جديد دوائن طب جي دنيا ۾ اهڙا انقلاب آندا آهن، جن جو ڪجهه ڏهاڪا اڳ تصور ڪرڻ به مشڪل هو. ڪيترين ئي موتمار بيمارين تي ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه بيمارين جو مڪمل علاج به ممڪن بڻجي چڪو آهي، پر ان سموري ترقي جي باوجود هڪ اهڙي بيماري اڃان تائين لکين ماڻهن جي زندگين کي خاموشي سان تباهه ڪري رهي آهي، جيڪا سالن تائين بغير ڪنهن واضح علامت جي جسم اندر پنهنجو ڪم جاري رکي ٿي. اها بيماري هيپاٽائيٽس سي آهي، جنهن کي طبي ماهر “خاموش قاتل” سڏين ٿا. هر سال 28 جولاءِ تي عالمي هيپاٽائيٽس ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو مقصد ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، وقت سر جاچ ۽ علاج جي اهميت اجاڳر ڪرڻ ۽ حڪومتن کي ياد ڏيارڻ آهي ته هيپاٽائٽس اڃا تائين دنيا جي وڏن عوامي صحت جي مسئلن مان هڪ آهي. پاڪستان لاءِ هي ڏينهن خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اڄ دنيا ۾ هيپاٽائٽس سي جي سڀ کان وڏي بار کي برداشت ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ وزيراعظم جي قومي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي واري پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو. هن پروگرام جو مقصد ايندڙ ڇهن مهينن دوران اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ 16 لک ماڻهن تائين پهچڻ آهي. جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ سڄي ملڪ ۾ 16.4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن تائين ان جون خدمتون پهچايون وينديون. هن پروگرام جو بنيادي مقصد سال 2030 تائين هيپاٽائيٽس سي کي عوامي صحت لاءِ هڪ وڏي خطري طور ختم ڪرڻ آهي، جيئن ورلڊ هيلٿ اسيمبلي پاران اتفاق ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ اندازي موجب هيپاٽائيٽس سي جا لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ مريض موجود آهن، جن مان هڪ ڪروڙ پاڪستان ۾ آهن، جنهن سبب پاڪستان تي هيپاٽائيٽس سي جو عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ بار آهي. عالمي سطح تي هن بيماري ۾ مبتلا هر ٽن ماڻهن مان رڳو هڪ شخص کي خبر هوندي آهي ته هو هيپاٽائيٽس سي جو شڪار آهي. هيپاٽائيٽس سي جي سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته مريض ڪيترن ئي سالن تائين مڪمل طور صحتمند محسوس ڪري سگهي ٿو. ان دوران وائرس آهستي آهستي جگر کي نقصان پهچائيندو رهي ٿو. جڏهن مريض کي مسلسل ٿڪاوٽ، بک گهٽجڻ، وزن ۾ گهٽتائي، اکين يا چمڙي جو پيلو ٿيڻ يا پيٽ ۾ سور جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون، تڏهن گهڻو ڪري جگر اڳ ئي شديد متاثر ٿي چڪو هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو دنيا جا ماهر هيپاٽائيٽس کي “خاموش قاتل” سڏين ٿا. اها بيماري اوچتو حملو نٿي ڪري، پر خاموشي سان انسان جي جسم کي اندر ئي اندر ڪمزور ڪندي رهي ٿي. ان سوال بابت هر پاڪستاني کي سوچڻ گهرجي ته جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ هيپاٽائيٽس جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آڻي چڪا آهن ته پوءِ پاڪستان اڃان تائين هن بحران ۾ ڇو ڦاٿل آهي؟ ان جا ڪيترائي سبب آهن. ملڪ ۾ غير ضروري انجيڪشنن جو وڌندڙ استعمال، استعمال ٿيل سرنجن جو ٻيهر استعمال، غير معياري ۽ غير اسڪرين ٿيل رت جي منتقلي، غير رجسٽرڊ بلڊ بئنڪون، غير جراثيم ڪش جراحي ۽ ڏندن جا اوزار، حجامن وٽ هڪ ئي بليڊ جو بار بار استعمال ۽ انفيڪشن ڪنٽرول بابت آگاهي جي کوٽ هن بيماري جي پکڙجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به ماڻهن جو اهو تاثر آهي ته انجيڪشن هر بيماري جو بهتر علاج آهي، جڏهن ته غير محفوظ انجيڪشن ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جي منتقلي جو وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿي.
عالمي طور پاڪستان جو هيپاٽائيٽس ۾ وڏو حصو آهي، جيڪا هڪ شرم جهڙي ڳالهه آهي. ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 110 هزار نوان ڪيس سامهون اچن ٿا. انهن مان وڏي اڪثريت غير محفوظ طبي طريقن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته هڪ وڏو حصو گڏيل سرنجن جي استعمال سان منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ ڏٺو وڃي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن محفوظ رت جي منتقلي، سخت انفيڪشن ڪنٽرول، معياري صحت جون خدمتون ۽ وسيع اسڪريننگ ذريعي هيپاٽائيٽس تي ضابطو آڻي ورتو آهي. آئسلينڊ، ناروي، فنلينڊ، سوئيڊن، نيدرلينڊ ۽ سوئٽزرلينڊ جهڙا ملڪ ان جا بهترين مثال آهن، جتي هيپاٽائيٽس سي جي شرح انتهائي گهٽ آهي. مصر به قابل ذڪر مثال آهي، هڪ وقت مصر هيپاٽائيٽس سي کان شديد متاثر هو، پر پوءِ قومي سطح تي اسڪريننگ، علاج ۽ عوامي آگاهي جي وڏي مهم ذريعي هن بيماري جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي.
سنڌ جي ڪيترن ئي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيپاٽائيٽس هڪ سنجيده مسئلو بڻيل آهي. صحت جون بنيادي سهولتون محدود هجڻ، غير رجسٽرڊ ڪلينڪن جو وڌندڙ تعداد، غير محفوظ طبي طريقا ۽ عوامي آگاهي جي کوٽ صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيا آهن. ٻهراڙي ۾ ڪيترائي ماڻهو معمولي بخار يا سور لاءِ به انجيڪشن لڳرائڻ کي بهتر علاج سمجهن ٿا. جيڪڏهن استعمال ٿيندڙ سرنج محفوظ نه هجي ته اهوئي عمل وائرس جي منتقلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هيپاٽائيٽس جو اثر صرف مريض تائين محدود نه هوندو آهي. جڏهن گهر جو ڪمائيندڙ فرد بيمار ٿئي ٿو ته سڄو خاندان متاثر ٿئي ٿو. علاج جا خرچ، روزگار ۾ رڪاوٽ، ٻارن جي تعليم تي اثر ۽ ذهني دٻاءُ هڪ وڏي سماجي ۽ معاشي بحران کي جنم ڏين ٿا. انهيءَ ڪري هيپاٽائيٽس کي صرف طبي مسئلو نه، پر قومي ترقي، غربت جي خاتمي ۽ انساني سرمائي جي تحفظ سان لاڳاپيل مسئلو پڻ سمجهڻ گهرجي. هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ بار کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت قومي سطح تي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن جو مقصد وڏي پيماني تي اسڪريننگ، مفت علاج ۽ جديد دوائن تائين رسائي فراهم ڪرڻ آهي. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت “هيپاٽائيٽس فري سنڌ پروگرام” ذريعي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ مفت اسڪريننگ، ليبارٽري ٽيسٽون، هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسينيشن ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهي قدم اهم ضرور آهن، پر جيستائين عوام انهن سهولتن بابت آگاهه نه ٿيندو ۽ ڏورانهن علائقن تائين انهن جي رسائي يقيني نه بڻائبي، تيستائين گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ مشڪل رهندا.
هيپاٽائٽس کان بچڻ لاءِ تمام سادا، پر موثر قدم کڻي سگهجن ٿا:
هميشه نئين ۽ سيل ٿيل سرنج استعمال ڪرائڻ، صرف اسڪريننگ ٿيل رت وٺڻ، هر شيو لاءِ نئون بليڊ استعمال ڪرڻ، ڏندن ۽ جراحي جا اوزار جراثيم کان پاڪ هجڻ، ذاتي استعمال جون شيون گڏيل استعمال نه ڪرڻ ۽ هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسينيشن ڪرائڻ هن بيماري کان بچاءُ جا بنيادي طريقا آهن. انهن احتياطن تي عمل ڪرڻ سان هزارين نوان ڪيس روڪي سگهجن ٿا. هيپاٽائيٽس خلاف جنگ صرف ڊاڪٽرن يا اسپتالن جي ذميواري ناهي. حڪومت، نجي شعبو، تعليمي ادارا، ميڊيا، مذهبي اڳواڻ، سماجي تنظيمون ۽ عام شهري سڀ گڏجي هن وبا کي روڪي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر ضلعي ۾ مفت اسڪريننگ کي عام ڪيو وڃي، غير قانوني ڪلينڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، بلڊ بئنڪن جي باقاعده نگراني ڪئي وڃي، حجامن ۽ بيوٽي سيلونن جي تربيت کي لازمي بڻايو وڃي ۽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين صحت بابت آگاهي کي نصاب جو حصو بڻايو وڃي. هيپاٽائٽس سي پاڪستان لاءِ صرف هڪ طبي بيماري نه، پر هڪ قومي بحران آهي. خوشقسمتي سان هي اهڙي بيماري آهي، جنهن کان بچاءُ به ممڪن آهي ۽ جديد علاج سان مڪمل شفا به حاصل ڪري سگهجي ٿي. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته هر ماڻهو پنهنجي صحت بابت ذميوار بڻجي، وقت سر رت جي جاچ ڪرائي، غير محفوظ طبي طريقن کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي خاندان کي به آگاهه ڪري. جيڪڏهن حڪومت، صحت جا ادارا، ميڊيا ۽ سماج گڏجي سنجيدگي سان ڪم ڪن ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن پاڪستان هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ بار کي گهٽائي سگهي ٿو. ياد رکو “هيپاٽائيٽس خلاف جنگ اسپتالن ۾ نه، پر آگاهي، احتياط ۽ بروقت رت جي جاچ سان شروع ٿئي ٿي. اڄ جو هڪ سادو ٽيسٽ، سڀاڻي هڪ زندگي بچائي سگهي ٿو.”

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو