سنڌ پنهنجن داناءَ شخصيتن، ڏاھپ ڌڻين، گهڻو پڙھيل ڪيترن سياستدانن، نامور علمي ادبي ھستين طور به مشھور ۽ بلند ڏسجي ٿي. ھتي جي گھڻن تعليم يافتا سياستدانن مان ڳڙھي خدا بخش/رتوديرو، لاڙڪاڻو جو “ڀٽو” خاندان پنهنجي وضعداري، راڄ ڀاڳ، برادري، زمينداري، سرداري، تعليمي لياقتن، سياست، نياز نوڙت، محبتن ۽ سماج ۾ پنهنجي خاص حيثيت طور مشھوري سڃاڻپ ۽ اھميت رکي ٿو. ھن خاندان ۾ سر شاھنواز ڀٽو پنهنجي لياقتن موجب سرگرم سياست ڪندي پنهنجو وقار ۽ معيار جدا رکندڙ چند معززين ۾ سرفھرست سمجھيو وڃي ٿو.