همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو چوٿون)
ناشاد شوڪت علي شنباڻي (ڪوٽڏيجي)
همسري زنده باد، شال هي شانائتو مانائتو سفر ائين ئي جاري رهي، ادي اوهان جي جستجوئن کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو.
***
ساجد سومرو (استاد/فلسفي/شاعر)
همسريءَ کي پنهنجي اهم سماجي ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪون هجن، جيڪو سماج ۾ مثبت تبديلي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.
***
خالد پرويز (ليکڪ)
همسري سماج تي مثبت اثر وڌو آهي، ان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اوهان کي همسريءَ جي يارهين سالگره تي مبارڪون هجن.
***
شبير ميمڻ
همسري جنهن هڪ شاندار سفر جا يارنهن سال پورا ڪيا آهن، ان تي توهان کي مبارڪون هجن.
***
فضل خان چانڊيو
همسري مئگزين ۽ اخبار اسان جو پنهنجو ادارو آهي، جنهن سنڌ جي ھر طبقي جي لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي جاءِ ڏني آهي. اسان اوھان کي مبارڪون ڏيون ٿا.
***
عثمان خان ٿهيم
مانائتي ڀيڻ زاھده اوھان ۽ اوھان جي پوري سٿ کي ادبي، سماجي مئگزين جي اشاعت جي يارنهن سالن پوري ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ پيش ڪيون ٿا.
***
ليکراج ميگهواڙ (ليکڪ/ڪهاڻيڪار)
اوھان جي مستقل مزاجي جدوجھد ۽ سنجيدگيءَ جو ھي ھڪ بيمثال عمل آھي، جو اوهان يارھين سالگره ملھائي رھيا آھيو. منھنجو سڀاڳ آھي جو انھيءَ سفر جو حصو رھيو آھيان. ساٿ سلامت.
***
ساجد پرديسي
اوهان جي محنت سارا جوڳي آھي. بهترين منگزين ھمسري جي سڄي سٿ کي ۔ يارهين سالگره ۔ جون سو سو بار واڌايون. اميد آهي ته منهنجي شاعريءَ کي ھمسري مئگزين ۾ جاءِ ڏيندا.
***
تنوير (فنڪار)
“ھمسري” جي يارھين سالگره تي دل جي گھرائين سان واڌايون. يارنھن سالن جو ھي خوبصورت سفر اوھان جي محنت، سچائي ۽ پڙھندڙن جي محبت جو ثبوت آھي. دعا آھي ته “ھمسري” اھڙيءَ ريت ادب ۽ شعور جون روشنيون ورھائيندو رھي.
***
اعجاز مومن
توهان کي راءِ ڏينداسين ته مئگزين ۾ ڪونه ڇپيندا ان ڪري پنهنجي راءِ محفوظ رکون ٿا. ۔ڇو ته توهانجي پاليسي آهي ته مضمون اسان کانسواءِ ڪنهن ڏي نه موڪليو سا به مفت ۾ پابندي۔۔۔۔ جڏهن ته اها پاليسي صرف پگهاردارن تي لاڳو ٿي سگهي ٿي.
***
صداقت علي سمون (ڄامشورو)
جھان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاھيندا اچون، نوان سرورن ۾ زندگيءَ جو گيت ڳائيندا اچون جھان کي ڏيو مبارڪون. ھمسريءَ جي خوبصورت ۽ ذھين سٿ کي اڻ ڳڻيون مبارڪون قبول پون.
***
امجد علي خاصخيلي
ھمسري مئگزين سنڌ جي ادب، صحافت، سماجي شعور ۽ فڪري دنيا ۾ ھڪ بھترين ۽ معتبر پليٽ فارم طور پنھنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي.۔ گذريل يارنھن سالن دوران ھمسري ڪيترن ئي نون ليکڪن، صحافين ۽ پڙھندڙن کي ھڪ مضبوط ۽ سچو آواز ڏنو آھي.۔ خاص طور ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي جديد انداز سان اڳتي آڻڻ ھڪ وڏي خدمت آھي۔. اميد آھي ته ھمسري مستقبل ۾ به اھڙي ئي جذبي سان سچ، شعور ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪم جاري رکندو۔. زاهده ابڙو ۽ سڄي ٽيم کي دل جي گھرائين سان واڌايون.
***
ڪريم چانڊيو (شاعر)
همسري جي سموري سهڻي سٿ کي لکين واڌايون.
***
زيب بنگلاڻي (صحافي)
مسلسل جدوجھد ۽ توھان جرئت، ھمت ۽ حوصلي کي سلام. ادي ھي سنڌ جو واحد ادارو آھي جيڪو پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري پنھنجي منزل طرف روان دوان آھي. ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو ھي سفر شال سڦلتائون ماڻي. يارھين سالگره تي اڻ ڳڻيون واڌايون.
***
شهناز راهو (ليکڪا/سماج سڌارڪ)
ھمسري مئگزين ۾ اوھان جي محنت سان ھميشه بھترين ۽ معياري مواد شايع ٿيندو رهيو آھي. اوھان کي ھمسري جي يارھين سالگره جون مبارڪون ھجن.
***
منظور احمد
همسري جي يارهين سالگره تي سڄي سٿ کي مبارڪون. ۔هر موضوع تي پاڻ نڀائيندڙ، همسري جا ايڊيٽوريل جيڪي هر اشو کي منظر عام تي آڻيندڙ آهن، ائين کڻي چئجي ته موجوده سنڌ جي سورن جي هڪ تاريخ آهن۔.
***
اقبال بلوچ (ليکڪ)
همسري کي سالگره مبارڪ
جڳ مشهور حيدرآباد سنڌ مان نڪرندڙ همسري ميگزين يارنهن سال اڳ جڏهن شائع ٿي اسان جي هٿن تائين پهتو هو ته سچ پچ خوشيءَ جي حد نه رهي هئي. انهيءَ زماني ۾ مشهوري ماڻيندڙ ڪيترائي ميگزين بند ٿي ويا هئا ته انهيءَ دوران محترمه زاهده ابڙو همسري ميگزين کي ماهوار شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ميگزين پڙهندڙن ليکڪن جي منهن ۾ سرهائي اچي وئي، ڄڻ پڙهندڙن جي ڪا اڃ اجهامي رهي هجي ۽ همسري انهن بند ٿيل رسالن جو خال ڀري ڇڏيو هو. زاهده ابڙو همسري جي شايع ٿيڻ کان اڳ يا پوءِ هر پڙهندڙ جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ وڏي جفا ڪشي ڪئي. هتي اهي به ڳالهيون ھليون ته وڏا وڏا مرد ميگزين جي دنيا مان رڙيون ڪري ميدان ڇڏي ڀڄي ويا اتي هيءَ عورت ڇا ڪندي ٻن ٽن پرچن ڪڍڻ کانپوءِ ميدان ڇڏي هلي ويندي، پر زاهده ابڙو اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪي گهڻيون دعوائون ڪندڙ نه ڪري سگهيا ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سگهاري همت ۽ حوصلي لاءِ مرد يا عورت جي نه، پر سگهارن جذبن جي ضرورت هوندي آهي. همسري جي ايڊيٽر طور زاهده ابڙو قدم بقدم اڳتي وڌندي هر انهي ادبي حلقن جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ۽ ساليانو ميمبر بڻائڻ لاءِ آماده ڪيو، همسري جي آفيس ۾ گهرائي سالياني ميمبر ٿيڻ کانسواءِ صلاحون ۽ مشورا وٺندي رهي، آئون به انهن بنيادي ماڻهن ۾ شامل هئس جن ماڻهن کي هن گهرايو ۽ صلاح مشورا ڪيا هئا، اها منهنجي خوشنصيبي هئي جو بنيادي سالياني ميمبر ٿيڻ ۾ مان پهرين ئي لسٽ ۾ شامل هئس. بلوچ ڪتاب گهر کولڻ تي هر مهيني ادي زاهده ڏھ ڪاپيون مون ڏانهن موڪليندي هئي، جنهن جي ادائگي هر ٽئين مهيني سندس آفيس وڃي ڪري ايندو هئس. اها اسان سڀني پڙهندڙن جي همسري سان محبت هئي جو همسري جا پرچا هٿوهٿ وڪامبا هئا، پڙهبا هئا ۽ اديب پنهنجو مواد موڪليندا رهندا هئا، مان به انهن ليکڪن ۾ شامل هئس جن همسري لاءِ شروع کان لکيو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي. همسري هارڊ ڪاپي کان اڄ جي جديد ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي نڪري رهيو آهي ۽ سندس مقبوليت ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي. همسري جو اوج ۽ موج هميشه زنده رهيو آهيو، هن جو اهو به وڏو سبب آهي جو همسري جي سٿ پنهنجي تسلسل کي ڪڏهن وڃايو ناهي ۽ همسري ڪنهن به حالت ۾ پهرين تاريخ تي اچي ويندو آهي. توڙي جو همسري اسان جي هٿن تائين نٿو پهچي (جنهن جو لطف ۽ مزو به پنهنجو آهي)، پر تڏهن به همسري اسان جي اکين تائين پهچي سرور ڏيندو آهي. همسري جو سفر هٿن کان اکين تائين پهچندي پهچندي آب ۽ تاب کي برقرار رکيو آهي، انهيءَ جدوجهدي وک ۽ اڙانگي سفر ۾ پير پٿون ڪندڙ همسري جي ايڊيٽر محترمه زاهده ابڙو کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندس جنهن جي محنت اڻٿڪ ڪوششن سان همسري جو سفر اڄ به جاري ۽ ساري آهي، سئو سلام همسري سٿ کي به ڏيندس جن جون محنتون ۽ ساٿ رهيو آهي. جون جو مهينو اسان همسري جي سالگره سان ملهائيندا آهيون، 2026 جي جو جون همسري جي يارهين سالگره کڻي آيو آهي انهيءَ موقعي تي آئون همسري جي جفاڪش ايڊيٽر زاهده ابڙو، همسري جي ٽيم ۽ انهن سڀني کي مبارڪون ڏيندس جنهن جو همسري سان ڪنهن به قسم جو ساٿ رهيو آهي پڙهندڙ جي حيثيت ۾ يا ليکڪ جي حيثيت ۾. دعا آهي ته همسري سدائين آسمان تي چوڏهين جي چنڊ ۽ ستارن جيان چمڪندو رهي.
***
قاضي رياض الدين
هن عظيم لمحي تي اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪون. سماج ۾ مثبت تبديلي لاءِ توهانجو ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. خاص طور تي ايڊيٽر وٽ سٺي ڄاڻ ۽ صبر جهڙي طاقت موجود آهي، جنهن سان هن ميگزين کي اسان لاءِ هڪ جواهر بڻايو آهي. اسان دعاڳو آهيون ۽ اميد ڪريون ٿا ته وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪيو.
***
مير فاروق علي جانوري
همسري کي سماج ۾ تبديلي جي جدوجهد جو اهم حصو بڻجڻ تي مبارڪون.
***
ممتاز سنڌي
ماشاءَالله، همسري جي 11هين سالگرهه تي اوهان کي دل سان مبارڪون. منهنجو آرٽيڪل همسري اخبار ۾ شايع ٿيو، ان لاءِ سڄي سٿ جا ٿورا.
***
ظفرالله رند
ميڊم زاهده ابڙو، اوهان کي، اوهان جي ٽيم کي ۽ همسري ليکڪن کي دل جي گهراين سان مبارڪون.
***
الطاف مجاهد
زاهده صاحبه منهنجي هڪ کان وڌيڪ لکڻين کي ڪور اسٽوري طور شايع ڪيو ويو. حوصله افزائي ڪئي وئي. محترمه زاهده ابڙو جي شخصيت هڪ مهربان ڀيڻ جهڙي آهي. دعا آهي ته سندس ٽيم کي ڪاميابي حاصل ٿئي.
***
ڊاڪٽر آصف شهزاد پيچوهو
هن اهم سنگ ميل تي ميڊم زاهده ابڙو ۽ همسري جي سڄي ٽيم کي دل جي گهراين سان مبارڪون.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟