مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو ٽيون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ذوالفقار علي هالار (ڪوٽڙي)
همسري ھڪ بھترين مئگزين آهي جنھن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي، جتي سينيئر ليکڪن کان وڌيڪ جونيئر ليکڪن ۽ ليکڪائن کي موقعو ڏنو ويو آھي. ھمسري مئگزين ۾ ادي زاهده ابڙو ۽ سائين شيخ سنڌي ۽ ٻين ساٿين ۾ سليم چنا صاحب جو نالو ھميشه نمايان رھيو آھي. مون جڏهن به ڪنهن ليکڪ جو مواد يا پروفائل گھريو آهي ته ھمسري مئگزين مان ملي ويندو آهي. ھڪ دفعي جبار تاثير سومرو سان رھاڻ رکيل ھئي مون کي مواد گھربل ھو اھو مون کي ھمسري مئگزين مان ملي ويو. ٻيو ڀيرو نور گهلو صاحب جي باري ۾ مواد مليو، مطلب ته تمام سٺو ڪم ٿيل آهي ھمسري مئگزين جو. اسين کيس مبارڪ باد پيش ڪريون ٿا.
***
شيخ سنڌي (استاد/صحافي)
آئون شروع کان همسري رسالي جو حصو رهيو آهيان. رسالي جي سرڪيوليشن جي حوالي سان خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪئي آهي. ڇو جو همسري ادي زاهده جي پگهر جو پورهيو آهي، جنھن هن رسالي کي تسلسل سان هلائي پنهنجو پاڻ کي مڃايو آهي ۽ ان کي هڪ ٻار وانگر پالي يارنهن سالن جو ڪيو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هن ڪڏهن به لکڻين جي معيار تي سودو نه ڪيو آهي. اخبار به اُن ئي انداز سان جاري آهي. منھنجي طرفان ادي زاهده کي مبارڪون هن جي همت کي داد.
***
مختيار احمد سومرو
“ھمسري” سنڌي ادب، سماج ۽ ثقافت جي اُن روشن ڏيئي وانگر آھي، جيڪو يارنھن سالن کان مسلسل علم، شعور ۽ محبت جي روشني پکيڙي رهيو آھي. ۔ اوهان جي اداري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتي کي اجاڳر ڪيو آهي، پر عام ماڻهن جي احساسن، مسئلن ۽ خوابن کي به پنهنجي قلم وسيلي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. يارھين سالگره تي “ھمسري” جي سڄي ٽيم کي دل جي گهراين سان واڌايون۔. دعا آهي ته اوهان جو هي ادبي ۽ ثقافتي سفر اهڙيءَ ريت جاري رهي ۽ “ھمسري” سنڌي ادب جي آسمان تي هميشه روشن ستاري وانگر چمڪندو رهي.
***
حميد هُليو (پروفيسر/ليکڪ/ڪهاڻيڪار)
سنڌي ادب جي ميدان ۾ گذريل يارنهن سالن دوران همسري مئگزين هڪ وڏو نانءُ ڪڍيو آهي۔. رسالو مسلسل بنا ساهيءَ جي اشاعت ذريعي سنڌي ٻولي، ثقافت، شاعري، تحقيق ۽ تخليقي ادب جي واڌاري لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.۔ هن رسالي ڪيترن ئي سينيئر ۽ جونيئر اديبن، نوجوان شاعرن، ڪهاڻيڪارن، ليکڪن، محققن ۽ دانشورن کي پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ هڪ بهترين پليٽفارم فراهم ڪيو آهي. سياسي، سماجي، تاريخي، حالاتِ حاضره ۽ ادبي مضمونن، شاعري، مقالن، انٽرويو ۽ ثقافتي موضوعن وسيلي همسري ميگزين پڙهڻ جي لاڙي کي هٿي ڏيڻ ۽ سنڌي ادبي شعور کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔. يارنهن سالن جو هي مسلسل سفر ادب، تعليم ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان وابستگي، محنت ۽ لگن جو روشن مثال آهي، جيڪو سنڌي ادبي روايتن جي واڌاري ۽ بقا لاءِ هڪ قابلِ فخر ڪاميابي سمجهي وڃي ٿي. همسري مئگزين جي ايڊيٽر ۽ سڄي سٿ کي هن اڻٿڪ محنت تي جس هجي.
***
عين سحر (استاد/ڪهاڻيڪار/شاعره)
ھمسري جي سموري سٿ کي بيحد مبارڪون. پياري اوھان جون ڪاوشون، ڪوششون، محنتون ساراھڻ جوڳيون آھن. ڪوبه رسالو يا ڪتاب پڙهڻ يقيني بڻائڻ وڏو اوکو ڪم آھي. اڄ جي انٽرنيٽ جي دور ۾ پنھنجا پڙھندڙ پيدا ڪرڻ علمي سفر پراڻي دور وانگر اڄ به وقت ۽ محنت طلب آھي. اوھان جس لھو اسين اوھان سان گڏ آھيون۔.
***
رئوف وسطڙو
ھمسري کي پنھنجي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان اوھان بھترين ادارو بڻايو آھي. پرنٽ ميڊيا جي ھن وقت واري حالت ۾ به بھترين رسالو آڻي پڙھندڙن جي آڏو پيش ڪيو پيا ۽ پڙھندڙن جو تعداد به وڌايو پيا، اھا اوھان جي ساراھ جوڳي ڪاوش آھي. بنا وٿيءَ جي رسالي جي اشاعت اوھانجي ڪاميابي آهي. سالگره جون لک لک واڌايون ھجن.
***
زاهد ڀٽو
همسري جي سڄي ٽيم بهترين ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. سلام اوهان جي همت، عزم ۽ جرئت کي. اوهان سڀني لاءِ سلامتي، صحتيابي ۽ ڪاميابي جي دعا.
***
وفا گل محمد جمالي (شاعر)
”سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي جنگ رڳو ميدانن ۽ ادارن ۾ نه، پر همسري جهڙن رسالن جي صفحن تي به وڙهي وئي آهي. يارنهن سالن جي اها ثابت قدمي ان ڳالهه جي گواهه آهي ته اسان جو قلم اڃان تائين زنده ۽ توانا آهي.”
***
عارف چانڊيو (ليکڪ)
مبارڪون، همسري ميگزين اوھان جي ڪاوشن ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي ۽ معياري ميگزين پڻ آهي. هڪ نماڻو عرض هو ته ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ ڪهاڻين ۾ جذباتيت جو عنصر ٿورو سوايو محسوس ٿيندو آھي، اوڏانهن ٿورو ڌيان ڏنو وڃي ته رسالو اڃان بهتر ٿي سگهي ٿو.
***
امر حق خاصخيلي (ايڊووڪيٽ)
ھمسري جي يارھين سالگره تي دل جي گھراين سان واڌايون. اوهان جي اداري ھميشه سنڌ جي عام ماڻھن جي آواز، احساسن ۽ مسئلن کي بھترين انداز ۾ پيش ڪيو آھي. اھا ئي ايمانداري ۽ محنت اوهان کي ٻين کان ڌار سڃاڻپ ڏئي ٿي. الله ڪري ھمسري ائين ئي ترقي ڪندو رهي ۽ سچ، شعور ۽ محبت جو سفر جاري رکي.
***
شيام جيسراڻي (انڊيا)
ھمسري ميگزين جي يارھين سالگره مبارڪ
ھمسري سنـڌي ڇاپو ھڪ حسين ڪاوش
ھمسري امن ادب۽ انصاف لاءِ عوامي آواز
ھمسري ھڪ نظارو آهي نئين آس ۽ آميد جو
ھمسري سياسي سماجي آئينو آ سنسار جو
ھمسري سار لھي ۽ ساٿي آ جيئن سورمي
ھمسري آ دلبر جيان چانڊوڪي جو چنڊ.
***
ڪمال اوٺو
همسري هڪ تمام بهترين مئگزين آھي، جنهن مان پڙهندڙن کي تمام گهڻي معلومات ملي ٿي ۽ هر مهيني سکڻ لاءِ مواد ملي ٿو. اوهان جي محنت کي ٻن هٿن سان سلام، سڄي ٽيم جس لهي.
***
صالح ميمڻ (ايڊووڪيٽ/صحافي)
اسان ھمسري سان شروع کان گڏ آھيون، هي ھڪ اھڙو رسالو آهي، جنھن جون ڪجهه رھجي ويل ڪاپيون به گھرائي پڙھيون. ھاڻ ھمسري اخبار به روز اچي ٿي، ان ۾ مسلسل لکندو پيو اچان. ھڪ مثبت سوچ سان شاندار پورھيو آھي.
***
سڪندر بڙدي
همسريءَ جي جاکوڙي سٿ کي يارنهن سالن جي ڪامياب اشاعت تي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن. ھر قدم تي شال ڪاميابيون ماڻيون آمين.
***
افتخار کوسو
اھا منھنجي بدقسمتي آھي جو مسلسل مئگزين پڙھي نه سگھيو آھيان، پر جيڪو مواد پڙھڻ لاءِ مليو آهي ان جو ھڪڙو پنھنجو مقام آھي. موضوع جي چونڊ، انھيءَ تي بحث وري رھنمائي اھي سڀئي ڳالھيون ورلي ملنديون آھن. يارنھن سال مسلسل مئگزين جو اچڻ به ھن يزيدي دور ۾ اھو وڏو ڪمال آھي. اميد ته اھو سلسلو ھلندو رھندو، ڌرتي جي نوجوانن جي آبياري ٿيندي رھندي. سڄي سٿ کي منھنجي طرفان سلام.
***
احمد علي ڪورار (ڪهاڻيڪار-بلوچستان)
ھمسري هڪ بهترين مئگزين آهي، اوهان جي پوري ٽيم سٺو ڪم ڪري رهي آهي. اوھان مبارڪباد جا مستحق آهيو. آئون بلوچستان مان پهريون سنڌي ڪهاڻيڪار آهيان، جنهن جون ٻه ڪهاڻيون همسري ۾ ڇپجي چڪيون آهن.۔
***
الطاف صديقي
يارنھن سال محنت، ھمت، شوق ۽ لگن سان ھمسري ذريعي ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ تي اوھان کي دلي مبارڪون.
***
رزاق درس (دانشور/آبادگار)
همسري مئگزين جي يارهين سالگره جون ادي سانئڻ توهان کي لک لک مبارڪون هجن. بغير ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته همسري مئگزين سنڌ اندر پنهنجي الڳ جاءِ والاري آهي. جتي بهترين ادب ۽ ٻين موضوعن تي مواد ملي ٿو. همسري نون لکندڙ ليکڪن کي نه صرف ڇاپيو آهي، پر انهن جي قدم قدم تي رهنمائي پڻ ڪئي آهي. جنهن جو مثال بختاور رزاق درس جي لکڻين جو آهي. ڀيڻ زاهده ابڙو هر وک تي بختاور کي همت ڏياري رهنمائي ڪئي. ادي منهنجي هڪ تجويز آهي ته سڀ مئگزين ڊجيٽل نيٽ ورڪ تي هليا ويا آهن. همسري کي ڊجيٽل سان گڏ ڪجهه سئو ڪاپيون ڇپائي هلائجن ته بهتر ٿيندو. اميد ته هن تجويز تي غور ڪندا.
***
اعجاز علي جسڪاڻي
موجوده ہ وقت ۾ ھمسري پڙھندڙن لاءِ پنھنجو ھڪ منفرد مقام پيدا ڪيو آهي. سلجھيل طبقي لاءِ ڪشش رکي ٿو، ھمسري جي ٽيم جس لهڻي.
***
خادم حسين جروار
ٽنڊوالهيار
همسري هڪڙو اهڙو مئگزين آهي، جيڪو سنڌي ادب جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، سُٺين ۽ معياري لکڻين سان سينگاريل هن مئگزين کي يارهين سالگره جون کوڙ ساريون مُبارڪون.
***
سرور رشيد صديقي (استاد/ليکڪ)
11سالن جي ھن وڏي سفر ۾ ماھوار ھمسري ھر ماھ پڙھندڙن کي معياري مواد پيش ڪيو آھي. اوھان جي پوري سٿ کي دل جي گھرائين سان مبارڪون.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو