مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو پهريون)

Dr. Mushtaque Ahmed Rahu محقق، تعليمدان، ڪالم نگار

PhD (اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ) (IoT, Machine Learning in Water Quality Assessment). سندن ڪيترائي مقالا بين الاقوامي جنرلن ۽ ڪانفرنسن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊاڪٽر مشتاق احمد راهو
همسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيان ٿو۔. همسري صرف هڪ رسالو نه، پر سنڌي ادب، ثقافت، علم ۽ شعور جي خوبصورت ترجماني ڪندڙ هڪ بهترين ادبي پليٽ فارم آهي.۔ هتي نون لاڙن، ترقي پسند سوچن ۽ سماجي سجاڳي کي هٿي ڏني وئي آهي، جنهن سبب هي مئگزين سنڌ سميت سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهيو وڃي ٿو. همسري ٽيم ڪڏهن به پراڻن ۽ نون ليکڪن ۾ فرق ناهي رکيو.۔ سڀني کي هڪ جهڙا ۽ برابر موقعا فراهم ڪيا آهن.۔ اهوئي سبب آهي جو ڪيترن ئي نون ليکڪن کي سڃاڻپ ملي ۽ پڙهندڙن کي معياري ادب. همسري ۾ شايع ٿيندڙ مضمون، ڪهاڻيون، تبصرا ۽ تحقيقاتي ليک هميشه يادگار ۽ فڪري هوندا آهن.۔ خاص طور هن وقت شايع ٿيندڙ شوڪت لوهار ۽ ڪامران جتوئي جون لکڻيون انتهائي شاندار، اثرائتيون ۽ پڙهڻ وٽان آهن۔. دعا آهي ته همسري مئگزين اهڙيءَ ريت ادب ۽ مثبت سوچ جي روشني پکيڙيندو رهي.
***
همسري کي دل جي گهراين سان مبارڪون
ڪهاڻيڪار/فلوريڊا آمريڪا
زاهده صاحبه همسري جي اشاعت جي يارهين سالگره تي دل جي گهراين سان مبارڪون، جيڪو هڪ شاندار جشن آهي. ان موقعي تي مان خاص طور تي چيف ايڊيٽر زاهده صاحبه ۽ پوري ايڊيٽوريل ٽيم کي دل سان مبارڪون پيش ڪريان ٿي. همسري هڪ معياري ادبي ميگزين آهي، جيڪو پراڻن ۽ نون ليکڪن لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ مون جهڙا ليکڪ به شامل آهن. حقيقت ۾ اهو سنڌ ۽ هند جي ليکڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل آهي. جيئن مون لاءِ آهي، مان اهو ضرور چونديس ته: “هر اهو شخص جنهن توهان کي اعتماد ڏنو، توهان ان جا وڏا مقروض آهيو.” جيئن ٽرومين ڪيپوٽي صحيح چيو آهي، مان هن موقعي تي همسري جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿي، جنهن منهنجي لکڻين کي هر وقت شايع ڪيو جڏهن به مون موڪليو. مان ان ڳالهه جو به قدر ڪريان ٿي ته منهنجون لکڻيون وقت تي اي ميل ذريعي پهچي وڃن ٿيون. شڪرگذاري ۽ نيڪ خواهشن سان.
***
همسري: يارهين سالگره، فڪر ۽ احساسن جي يارهين بهار
سنڌي صحافت، ادب ۽ فڪر جي دنيا ۾ “همسري” هڪ اهڙو خوبصورت ادبي، علمي ۽ سماجي سفر جو نالو آهي، جنهن پنهنجي يارهين سالگره تائين پهچندي نه رڳو پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي، پر مسلسل پنهنجي فڪري سگهه، ادبي معيار ۽ سماجي سچائيءَ وسيلي پڙهندڙن جي دلين ۾ الڳ مقام پيدا ڪيو آهي. هي صرف همسري رسالي جي عمر جو جشن ناهي، پر اهو سنڌي ادب، صحافت، فڪر ۽ شعور جي مسلسل جاري رهندڙ ان جدوجهد جي ڪاميابي آهي، جيڪا علم، ادب ۽ سچ جي روشنيءَ سان جاري آهي. “همسري” پنهنجي شروع کان ئي ادب کي فقط تفريح يا لفظن جي خوبصورتيءَ تائين محدود نه رکيو، پر ان کي سماج جي درد، انسان جي داخلي ڪيفيت، سياسي شعور ۽ سماجي مسئلن سان ڳنڍي پيش ڪيو. هن رسالي جي صفحن ۾ جتي سياسي تجزيا ۽ سماجي مسئلن تي فڪري مضمون ملن ٿا. اتي ئي شاعريءَ جي لطافت، ڪهاڻين جي حساسيت، ناولن جي وسعت، آتم ڪٿائن جي سچائي ۽ فڪشن جي تخليقي دنيا به موجود نظر اچي ٿي. “همسري” پنهنجي پڙهندڙن کي صرف ادب پڙهڻ لاءِ مواد نه ڏنو آهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سماج کي نئين نظر سان ڏسڻ جو شعور پڻ عطا ڪيو آهي. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ سياسي مضمونن وقت جي حالتن، قومي مسئلن، جمهوريت، انساني حقن ۽ سماجي انصاف بابت هڪ ذميواراڻو فڪري ماحول پيدا ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت سماجي موضوعن تي لکيل تحريرن عورتن جي مسئلن، تعليم، غربت، ٻارن جي حقن، ماحوليات ۽ سماجي تبديليءَ جهڙن اهم موضوعن کي به اجاگر ڪيو آهي. ادبي حوالي سان “همسري” هڪ مڪمل ادبي گلستان جي حيثيت رکي ٿو. هن رسالي ڪيترن ئي نون ۽ نوجوان قلمڪارن کي متعارف ڪرايو، سندن همت افزائي ڪئي ۽ کين ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ عطا ڪئي. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ شاعري نه رڳو احساسن جي ترجمان رهي آهي، پر ان ۾ وقت جي درد، محبت، مزاحمت، خوابن ۽ انسان دوستيءَ جي به خوبصورت عڪاسي ملي ٿي. وقت سان گڏ “همسري” پنهنجي فڪري ۽ ادبي سفر کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان به هم آهنگ ڪيو آهي. هارڊ ڪاپي ۾ ايندڙ مئگزين اڄ ڊجيٽل مئگزين جي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي رهيو آهي. هيءَ تبديلي فقط فني ضرورت نه، پر وقت جي گهرج مطابق هڪ دور انديش قدم آهي. ڊجيٽل دنيا ۾ “همسري” جو اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچو ادب ۽ معياري صحافت وقت سان گڏ پنهنجو انداز ته بدلائي سگهي ٿي، پر پنهنجي روح ۽ فڪر کي ڪڏهن به مرڻ نٿي ڏئي. خاص طور تي “همسري” جو يوٽيوب چئنل به هاڻي ادبي ۽ فڪري سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز بڻجي رهيو آهي. هن پليٽ فارم وسيلي انٽرويوز، ادبي ويهڪون، شاعري، تنقيدي گفتگو ۽ سماجي موضوعن تي پروگرام نه صرف سنڌ اندر، پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن تائين پهچي رهيا آهن. زاهده ابڙو جي ادارت هيٺ “همسري” ادب، صحافت ۽ سماجي شعور جي هڪ اهڙي دري بڻجي سامهون آيو آهي، جتان نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان احساس جنم وٺندا رهيا آهن. هنن نه صرف ليکڪن ۽ شاعرن کي عزت ڏني آهي، پر ادب کي هڪ مهذب ۽ شعوري سماج جي تعمير جو ذريعو بڻائڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دعا آهي ته “همسري” جا صفحا هميشه علم، محبت، شعور، سچائي ۽ تخليق جي خوشبو سان مهڪندا رهن. يارهين سالگره تي “همسري” ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن قلمڪارن، پڙهندڙن ۽ خاص طور ميڊم زاهده ابڙو صاحبه کي دل جي گهراين سان واڌايون.
***
همسري کي 11هين سالگره جون واڌايون
چوندا آهن ته محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، جيڪو به انسان جنهن به اداري ۾ محنت ڪري ٿو اهو سڦلتا ۽ عزت حاصل ڪري ٿو، ايئن ادب جي دنيا ۾ جن به محنت ڪئي انهن کي مان مليو آهي ۽ اهي منزلون طئي ڪندي ڪامياب ٿيا آهن، سو هتي اڄ مختصر طور تي ذڪر ڪبو ماهوار مئگزين همسري حيدرآباد جو جيڪو يارنهن سالن جي لڳاتار اشاعت بعد پنهنجي 11هين سالگره ملهائي رهيو آهي. تحرير کي مختصر ڪندي لکجي ٿو ته:
سڄڻ سالگره جون، ور ور توء واڌايون،
صاحب ڪندء سڻايون، سکيو هوندين سنسار ۾. ( مهر فقير )
( همسري ميڊيا هائوس جو بنياد جون 2015ع ۾ پيو ۽ جون 2026ع ۾ همسري جي 11هين سالگره ملهائي ويندي ). همسري جديد دور جو اهو واحد مئگزين آهي جيڪو 2015ع کان بنا ڪنهن وقفي ۽ تاخير جي ادب جي خدمت ڪندو پيو رهي، همسري جي سموري سٿ کي جس هجي جيڪي اڻٿڪ محنت سان همسري کي ادب دوستن تائين پهچائي ادبي فرض جو پورائو ڪري رهيا آهن. مان هتي هڪ ڳالھه فخر سان لکڻ ٿو چاهيان ته همسري ڪڏهن به سينيئر ۽ جونيئر وارو فرق ناهي ڪيو. ڇو ته هتي هميشه تحرير جي معيار کي ئي مان مليو آهي. همسري جو هڪ ٻيو به بهترين پاسو آهي ته هن مئگزين ۾ جيڪو به مواد شامل ٿيو آهي، سو سڄي سنڌ جي رهنمائي ڪندڙ هوندو آهي. ڇو ته هتي پڙهندڙ کي پرڏيهي ادب کان علاوه ملڪي ادب جنهن ۾ حالات ۽ واقعات، سياسي تجزيا، ڪتابن تي تبصرا، ٻارن لاءِ مواد، شعر و شاعري، ڊائري جا پنا، سماجي ڪٿائون، عورتن سان ٿيندڙ انياءُ ۽ عورتن جي حقن بابت تحريرون وغيره وغيره شامل هونديون آهي. سچ ته اڪثر ڪري دوستن کي همسري جو انتظار ايئن رهندو آهي جيئن روزائتن کي افطاري يا عيد جي چنڊ جو انتظار رهندو آهي. همسري جي اها به خوبي آهي ته مئگزين جي سٿ ڪڏهن به ڪنهن به رائيٽر کي مايوس ۽ نااميد ناهي ڪيو، بلڪه سدائين لکندڙن کي همٿايو آهي ۽ هنن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪئي آهي. ڇو ته هي هڪ ادارو آهي ۽ ادارو سڀني جي لاءِ هوندو آهي. همسري مئگزين ته هڪ ماهوار مئگزين آهي، پر همسري روزاني اخبار به آهي جيڪا به مئگزين وانگر پڙهندڙن کي وستين واهڻن جي هر خبر کان باخبر رکي قومي فرض ادا ڪري رهي آهي. سچ ته همسري سٿ هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي سٿ آهي جيڪا بنا ڪنهن ٿڪ ۽ ساهي جي صف اول تي نمايان نظر ايندي آهي.
رهي شل سلامت دلبرن جي دلبري،
هجئي سالگره مبارڪ اي همسري.
همسري سٿ کي همسري جي 11هين سالگره جون لک لک واڌايون هجن.
***
اسسٽنٽ پروفيسرسائڪالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ماھوار ھمسري رسالي کي يارھن سال مڪمل ڪرڻ تي لک واڌايون. ادي زاھدہ ابڙو ۽ سندن سڄي ٽيم جا وڏا ٿورا جيڪي ھن بيحد مصروف ۽ ٿڪائيندڙ زندگي ۾ ماڻھن کي گھر ويٺي سماجي، معاشي، نفسياتي ۽ تفريحي مواد مھيا ڪن ٿا. ھمسري جي اوسر لاءِ نيڪ تمنائون.
***
همسري جي يارهين سالگره مبارڪ هجي
همسري منھنجي لاءِ هڪ الڳ حيثيت رکندڙ پبليڪيشن آهي، جتي مون زندگي جي پھرين رچنا موڪلي هئي(ڏھ جريب) ڪهاڻي، جنهن کي شايع ڪري مونکي مان بخشيو. آئون سمجهان ٿي، زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ هر پهريون واقعو، پهريون حادثو، پهرين خوشي ۽ پهرين محبت لاشعور تي گهري ڇاپ ڇڏيندي آهي ۽ ياد بڻجي هميشه رهجي ويندي آهي. پهرين خوشي به مقدس عقيدن ۽ ٻاراڻي روش جهڙي هوندي آهي. همسري مون لاءِ خاص آهي. هر طرح سان، هر حوالي سان، ڇو ته همسري منهنجي سڃاڻپ آهي، مون کي متعارف ڪرائيندڙ آهي. هن جي ڊگهي سفر پويان هلڪي سيڪ تي پچيل شخصيت جي اڻ ٿڪ ۽ اڻ ورچ محنت آهي. ميڊم سان فون تي کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون. سندس نکريل شخصيت جي غائبانه ڇاپ هميشه محسوس ڪيم. آئون سوچيندي هيس، ڪير ڪيئن ٿو ايترو سٺو ٿي سگهي. جڏهن ميڊم سان روبرو ملاقات ٿي ته هڪ شفيق سلجهيل ٻاجهاري قربائتي ماءُ جهڙو احساس محسوس ٿيو هئم. سندس لفظن ۾ ساھ هو، دل هئي، ڌڙڪن هئي، دماغ هو، اتساهه هو، رهنمائي هئي، واکاڻ هئي. پوءِ ته مون به اکيون پوري پئي رنڊا روڙيا ۽ همسري اهي پئي شايع ڪيا. آئون خوش آهيان! همسري جي ڊگهي سفر طئي ڪرڻ تي. جس لهو. اسان کي خاص محسوس ڪرائڻ ۽ لفٽ ڪرائڻ تي کوڙ مهربانيون ۽ همسري کي مڻين مبارڪون.
***
ھمسري جو شعوري جاڳرتا جو سفر
خوشبو بلوچ
ليکڪا/استاد
دور بدلجي چڪو آھي زندگي جي ھر شعبي ۾ جدت اچي رھي آھي ..! سائنس، انساني زندگي کي آسان ڪري ڇڏيو آھي. دنيا ھڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي انٽرنيٽ ۽ موبائيل فاصلا گهٽائي ڇڏيا آھن. ڪتابن جي جاءِ تي ڪمپيوٽر اچي ويو آھي. ان ٽيڪنالاجي جو اثر ادب تي پڻ پيو، پھرئين ڪتاب لکڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ جتي سال لڳي ويندا ھئا اتي ھاڻي اهو ڪم گهٽ وقت ۾ ٿيڻ لڳو آهي. ڪتابن جي جاءِ ويب سائيٽ والاري آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ ڪتاب کي آن لائين پڙھڻ جو رجحان وڌي رھيو آھي. جيتوڻيڪ ويب سائيٽ تي مئگزين آڻڻ به ڪو آسان ڪم نه آھي، پر جتي محنت ۽ سچائي هجي ته ڪم آسان ٿي ويندو آهي. ادب جي دنيا ۾ اھڙو ئي عزم ۽ ارادو محترمه زاھده ابڙو ڏيکاريو آهي. ھمسري اهو مئگزين آهي جيڪو وقت ۽ حالتن جي ضرورت مطابق مواد شايع ڪري ٿو. ھمسري ادبي تحريرن سان گڏ ملڪي سياسي ۽ سماجي ۽ معلوماتي مضمونن سان مزين ھڪ بھترين مئگزين ھجڻ سان گڏ ھڪ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين تي مضمون شايع ڪري ھڪ شعوري آگاھي مھيا ڪندو رھي ٿو. مئگزين جي سرواڻ محترمه زاھده ابڙو ۽ پوري سٿ کي مئگزين جي يارھن سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿي.
***
سالگره مبارڪ هجي، همسري!
ڪامران جتوئي قاضي احمد
هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد ئي ڪو همسري ميگزين جهڙو ڊجيٽل يا هارڊ ڪاپي ۾ نڪرندڙ ميگزين هجي، جيڪو هر حوالي سان انيڪ موضوعن تي معياري مواد ڇاپي ۽ مسلسل وقت سر شايع ٿئي. همسري روشن سنڌ جي نويد آهي. همسري نوان ليکڪ پيدا ڪيا آهن. معياري ادب پيش ڪيو آهي. همسري جا ايڊيٽوريل ڪوڙھہ ۾ ورتل سماج جي لاءِ ترياق آهن. اڄ جي همسري سڀاڻ جي تاريخ آهي. اسان جي ايندڙ نسلن کي اسڪولن جي نصابي ڪتابن کان وڌيڪ همسريءَ جا پرچا/ايڊيشن ڪم ايندا. ميگزين جي وقت سر پڌرو ٿيڻ، لي آئوٽ کان ويندي، پڙهندڙ جي ذوق کي نظر ۾ رکي، معياري چونڊ لکڻين کي ڇاپڻ ڏاڍو محنت طلب ۽ صبر وارو ڪم آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ايڊيٽر صاحبه ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو، جو سندن ڪم کي داد/مڃتا ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. سنڌ اوهان جي پورهئي کي مانُ ضرور ڏيندي.
***
عبدالسميع وسير
قانوندان
ھمسري جي سموري سٿ کي “ھمسري” جي يارھين سالگره تي کوڙ ساريون واڌايون هجن. سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ مئگزينن مان ھمسري مئگزين تمام مختصر وقت ۾ پنهنجي تمام سٺي ۽ منفرد ساک ٺاهي آهي. هن اداري مختلف مسئلن تي جھڙيءَ ريت پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ نون موضوعن کي اسپيس ڏنو آھي سا ڳالهه ساراھ جوڳي آهي. ڪجهه سال پھرين جڏھن مون پھريون دفعو ڪالم، تبصرا لکڻ شروع ڪيا ته ھمسري مئگزين مون کي سٺو اسپيس ڏنو، ان تي آئون ھمسري مئگزين جي ايڊيٽر ميڊم زاھده ابڙو صاحبه جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجا ليک مئگزين ۾ شامل ڪيا، اھا منهنجي لاءِ تمام گھڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ھمسري نوجوانن کي اسپيس پيو ڏي. ھمسري لاءِ نيڪ تمنائون!
***
همسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي تاثرات
استاد
جتي پڙهڻ جو رجحان آهستي آهستي گهٽجندو پيو وڃي، اتي همسري مئگزين جو يارنهن سالن تائين مسلسل فڪري، ادبي ۽ سماجي شعور کي زنده رکڻ قابلِ تحسين عمل آهي.۔ هي نه رڳو هڪ آن لائين رسالو آهي، پر هن ادبي احساس، علمي گفتگو ۽ سماجي سجاڳي کي هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي۔. خاص طور تي نوجوان قلمڪارن، استادن، محققن ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن کي آواز ڏيڻ ۾ همسري جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي.۔ ڊجيٽل دنيا ۾ مواد جي گهڻائي باوجود معيار کي برقرار رکڻ، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتي کي محفوظ رکڻ ۽ جديد موضوعن کي ادبي انداز سان پيش ڪرڻ همسري جي وڏي ڪاميابي آهي۔. همسري مئگزين کي يارهين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون۔.
***
ھمسريءَ جي 11 سالگره مناسبت سان
ايم فل اسڪالر ( سنڌي ٻولي)
ادبي دنيا ۾ رسالا اُن ڪرنگهيءَ جي هڏي جيان آهن، جنهن جي سهاري ادب واڌ ويجهه ڪندو آهي. ڪوبه ادب تڏهن ترقيءَ جي راهه تي هلي سگهندو آهي، جڏهن اُن ادب ۾ رسالن جي اهميت کي سمجهيو ويندو آهي. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ به رسالن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔. گذريل ٻن صدين کان رسالن جو سنڌي ادب تي وڏو اثر رهيو آهي. هن وقت تائين سوين رسالا جاري ٿيا ۽ پوءِ بند به ٿيا آهن، پر هر رسالي جو پنهنجو ادبي ڪارج رهيو آهي. هر رسالي ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي۔. اڄ جيڪي به اديب، دانشور، ليکڪ، شاعر ۽ قلمڪار اسان جي سامهون آهن، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن رسالي جي پيداوار آهن. انهن جي واڌ ويجهه ۾ ڪنهن نه ڪنهن رسالي جو ضرور ڪردار رهيو آهي، جنھن بعد اڄ ھن مقام تي موجود آھن. سنڌي ادب ۾ موجوده دور ۾ “همسري” رسالو انهن چند رسالن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي معيار سبب خاص اهميت رکن ٿا. “همسري” رسالو اڄ کان يارهن سال اڳ شايع ٿيو ۽ اڄ تائين هن رسالي جا سوين شمارا شايع ٿي چڪا آهن، پر اڄ به هن جي معيار ۾ تر جيترو به فرق ناهي آيو، اڄ به پڙھندڙن توڙي لکندڙن جي دلين تي ساڳيو راڄ ڪري ٿو، اڄ به پڙھندڙ مهيني جي شروعات ۾ “ھمسريءَ” جو وڏي بي صبريءَ سان انتظار جي اوسيئڙي ۾ رھن ٿا. “همسري” رسالو رڳو خاموشي واري انداز ۾ ادبي ڪم ناهي ڪيو، پر هن هر ڀيري وڏي واڪي سنڌ جي قلمڪارن کي پڪاريو آهي ته اچو! سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو۔ “همسري” جو شروع کان هڪ نهايت اهم اصول رهيو آهي ته: “معيار اوهان ڏيو ۽ پليٽ فارم اوهان کي اسان مهيا ڪنداسين.” يعني اوهان ادبي معيار تي پورا لهو ته اسان نه صرف اوهان جي اصلاح ڪنداسين، پر اوهان جي خيالن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين تائين به پهچائينداسين۔. “همسري” رسالو گذريل يارهن سالن کان سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪندو اچي پيو.۔ هن رسالي مان مون جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن لکڻ سکيو ۽ لکڻ شروع ڪيو۔. هي منفرد انداز ۾ نڪرندڙ رسالو آهي، جنهن ۾ ادب، لسانيات، افسانوي ادب، غير افسانوي ادب، لوڪ ادب توڙي سياست جهڙن موضوعن تي پڙهڻ لاءِ مواد ملي ٿو.۔ ان سان گڏ مختلف وقتن تي عالمي منظرنامي ۽ سائنسي ادب بابت پڻ وڏي مقدار ۾ معياري مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.۔ “همسري” رسالي جي ايڊيٽر زاهده ابڙو ساراهه لهڻي، جيڪا مسلسل يارهن سالن کان “همسري” رسالي کي ساڳئي معيار سان جاري رکندي اچي ٿي.۔ جيڪڏهن اهو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته موجوده دور ۾ جيڪڏهن هڪ ئي وقت ادبي، سائنسي ۽ عالمي معيار جو سنڌي رسالو نڪري ٿو ته اهو “همسري” ئي آهي، جيڪو پوري دنيا جي ادب، سياست ۽ سائنس تي گهري نظر رکندي هر مهيني پابنديءَ سان شايع ٿيندو رهي ٿو. هن وقت تائين “همسري” رسالي جا جيڪي به شمارا جاري ٿيا آهن، تن ۾ علمي ۽ ادبي خزاني جا انمول هيرا موجود آهن.۔ اها دعويٰ بيجا نه ٿيندي ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ “همسري” جو هڪ اهم مقام آهي، جيڪو سدائين قائم رهندو۔. مان “همسريءَ” جي پڙهندڙن ۽ “همسريءَ” جي ايڊيٽر زاهده ابڙو کي “همسريءَ” جي يارهين سالگره جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو