يوناني فلاسافر عورتون: اريٽ آف سائريني: اخلاقي فلسفي جي راڻي (حصو ٽيون)
قديم يونان جي فلسفياڻي تاريخ ۾ ڪي اهڙا نالا آهن، جيڪي وڏن مفڪرن جي ڇانوَ ۾ رهجي وڃڻ باوجود، پنهنجي فڪري وزن ۽ علمي اثر سبب غير معمولي اهميت رکن ٿا. اريٽ آف سائريني (Arete of Cyrene) اهڙي ئي هڪ شخصيت آهي، جنهن جو ذڪر گهڻو مختصر، ٽٽل ۽ تاريخي غبار ۾ لڪل ملي ٿو، پر جنهن جي علمي حيثيت ۽ اخلاقي فلسفي ۾ ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ، قديم فڪر جي هڪ اهم باب کي اڌورو ڇڏڻ برابر آهي.
اريٽ بابت لکڻ، رڳو هڪ عورت فلاسافر جي حياتيءَ کي بيان ڪرڻ نه آهي، بلڪه اهو ان سوال سان به جڙيل آهي ته قديم دنيا ۾ عورتن جي فڪري موجودگيءَ کي ڪيئن محفوظ ڪيو ويو، ڪيئن گهٽايو ويو ۽ ڪيئن بعد وارن دورن ۾ انهن جي شخصيتن کي مردن جي روايتي بيانيي هيٺ دفن ڪيو ويو. هڪ سنجيده محقق لاءِ، اريٽ جو مطالعو صرف تاريخي نه، پر فڪري ۽ سماجي به آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شخصيت قديم يونان جي اخلاقي فلسفي، تعليم، ۽ علمي وراثت جي تصور سان گهرو تعلق رکي ٿي.
هوءَ Aristippus of Cyrene جي ڌيءَ هئي، جيڪو سقراطي فڪر جي هڪ اهم شاخ، يعني “سائرينيائي اسڪول” (Cyrenaic School) جو باني هو. سائرينيائي فلسفو، پنهنجي بنيادي تصور ۾، انساني خوشي، لذت ۽ فردي تجربي کي مرڪزي حيثيت ڏيندو هو، پر هتي هڪ اهم نڪتو اهو آهي ته ايرٽ کي صرف سندس پيءُ جي وارث طور ڏسڻ، سندس شخصيت سان زيادتي ٿيندي. قديم حوالن مان اهو تاثر ملي ٿو ته هوءَ نه فقط پنهنجي پيءُ جي فڪر کي اڳتي وڌائيندڙ هئي، پر انهن خيالن کي ترتيب ڏيندڙ، پڙهائيندڙ ۽ اخلاقي بنيادن تي نئين معنيٰ ڏيندڙ به هئي.
قديم يوناني سماج ۾، جتي عورتن لاءِ علمي ۽ سياسي حلقن تائين رسائي محدود هئي، اتي هڪ عورت جو فلسفياڻي اسڪول جي اڳواڻي ڪرڻ، پاڻ ۾ هڪ انتهائي اهم واقعو آهي. ايرٽ بابت چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي پيءُ کان پوءِ سائرينيائي اسڪول جي ذميواري سنڀالي، ۽ پنهنجي پٽ Aristippus the Younger کي به فلسفي جي تعليم ڏني، جنهن کي تاريخ “Metrodidaktos” يعني “ماءُ وٽان سکيل” جي لقب سان ياد ڪري ٿي. اهو لقب، پنهنجي اندر هڪ عجيب فڪري اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته قديم دنيا ۾ علمي نسبت اڪثر پيءُ سان ڳنڍي ويندي هئي، جڏهن ته هتي هڪ فلاسافر پنهنجي ماءُ جي علمي تربيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
اريٽ جي فڪر بابت اسان وٽ ڪو مڪمل متن موجود ناهي، ۽ اها ئي ڳالهه سندس مطالعي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. اسان وٽ جيڪي حوالا آهن، اهي گهڻو ڪري بعد وارن تاريخدانن يا فلسفياڻي تذڪرن مان اچن ٿا، پر انهن ٽٽل حوالن جي باوجود، هڪ تصوير آهستي آهستي واضح ٿئي ٿي هڪ اهڙي عورت جي تصوير، جيڪا فلسفي کي صرف نظري بحث سان نه، پر انساني زندگيءَ جي اخلاقي ترتيب سمجهندي هئي.
سائرينيائي فلسفي کي اڪثر صرف “لذت پرستي” (Hedonism) سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي. هن فلسفي جو بنيادي مقصد خوشي، سڪون ۽ زندگيءَ مان لذت حاصل ڪرڻ ۽ هر قسم جي درد، تڪليف ۽ ڏک کان بچڻ آهي. هن فلسفي جي فڪر ۾ خوشي، انساني تجربي جو مرڪز هئي، پر اريٽ جي حوالي سان جيڪي اشارا ملن ٿا، انهن مان لڳي ٿو ته هن انهيءَ تصور کي وڌيڪ اخلاقي رخ ڏنو. يعني، لذت صرف جسماني يا عارضي خوشي نه، پر ذهني سڪون، اعتدال ۽ شعوري زندگيءَ سان جڙيل هئي.
اهو امڪان به موجود آهي ته اريٽ، پنهنجي تدريسي ڪردار سبب، فلسفي کي عملي اخلاق سان وڌيڪ ويجهو آندو. جيڪڏهن سقراط جي فلسفي ۾ سوال ۽ خودشناسي اهم آهن، ته سائرينيائي روايت ۾ انساني احساس ۽ تجربي کي اهميت ڏني وڃي ٿي. اريٽ جي شخصيت انهن ٻنهي وهڪرن جي وچ تي بيٺل محسوس ٿئي ٿي. هڪ اهڙي جاءِ تي، جتي عقل ۽ احساس، ٻئي گڏجي انسان جي اخلاقي تشڪيل ڪن ٿا. هتي هڪ اهم تحقيقي سوال پيدا ٿئي ٿو، قديم فلسفي جي تاريخ ۾ اريٽ جهڙيون شخصيتون ايتريون گهٽ ڇو محفوظ رهيون؟
هن سوال جو جواب رڳو ماخذن جي کوٽ ۾ نه، پر تاريخ جي چونڊيل يادگيريءَ ۾ لڪل آهي. قديم دنيا جا گهڻا متن مردن لکيا، مردن محفوظ ڪيا ۽ مردن جي فڪري روايتن کي مرڪز بڻايو. اهڙي ماحول ۾، عورتن جي فڪري موجودگي گهڻو ڪري يا ته حاشيي تي ڌڪي وئي يا انهن کي ڪنهن مرد فلاسافر جي نسبت سان ياد رکيو ويو. اريٽ جي صورت ۾ به، کيس اڪثر “ارسطيپس جي ڌيءَ” طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته سندس پنهنجو علمي وجود گهڻو گهٽ بيان ڪيو ويو آهي.
جديد دور ۾، خاص طور عورتن جي فلسفياڻي تاريخ تي ٿيندڙ تحقيق ۾، اريٽ جي اهميت ٻيهر اجاگر ٿي آهي. Mary Ellen Waithe جهڙن محققن اهو دليل ڏنو آهي ته قديم فلسفي ۾ عورتن جي ڪردار کي گهٽائي پيش ڪيو ويو ۽ انهن جي فڪري ورثي کي مڪمل طور پڙهڻ لاءِ ضروري آهي ته تاريخي متن کي نئين تنقيدي نگاهه سان پڙهيو وڃي. اريٽ جي شخصيت، ان تنقيدي پڙهڻيءَ ۾، هڪ اهڙي مثال طور سامهون اچي ٿي، جيڪا ثابت ڪري ٿي ته فلسفي جي دنيا ۾ عورتن جي موجودگي اتفاقي نه، پر بنيادي هئي.
اريٽ جي اهميت جو هڪ ٻيو پاسو، “تعليم” سان جڙيل آهي. فلسفو، قديم يونان ۾، صرف ڪتابي علم نه، پر هڪ طرزِ حيات سمجهيو ويندو هو. اريٽ جو پنهنجي پٽ کي فلسفو سيکارڻ ۽ ان نسبت سان مشهور ٿيڻ، اهو ظاهر ڪري ٿو ته هن لاءِ فلسفو زندگيءَ جي اخلاقي تربيت جو عمل هو. اهو تصور، بعد ۾ اسٽوئڪ ۽ ايپيڪيورين فلسفي ۾ به نظر اچي ٿو، جتي فلسفو انسان جي اندروني سڪون ۽ اخلاقي توازن سان ڳنڍجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن اريٽ کي وسيع فلسفياڻي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته هوءَ صرف هڪ فرد نه، پر هڪ علامت بڻجي وڃي ٿي. هڪ اهڙي علامت، جيڪا علمي وراثت، عورت جي ذهني خودمختياري ۽ فلسفي جي انساني رخ کي ظاهر ڪري ٿي. سندس شخصيت اهو سوال به اٿاري ٿي ته: ڇا فلسفي جي تاريخ، حقيقت ۾، اڌ محفوظ ٿيل تاريخ آهي؟ ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا اريٽ جهڙيون شخصيتون ان گم ٿيل اڌ کي ٻيهر ظاهر ڪرڻ جي چاٻيون ناهن؟
آخرڪار، اريٽ جو مطالعو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته فلسفو رڳو وڏن نالن ۽ محفوظ متنن جو نالو نه آهي. فلسفو انهن خاموش اثرن جو به نالو آهي، جيڪي مڪمل طور لکيا نه ويا، پر انساني فڪر جي وهڪري کي بدلائڻ ۾ اهم رهيا. اريٽ جي شخصيت، انهيءَ خاموش اثر جي هڪ روشن مثال آهي اهڙو اثر، جيڪو وقت جي غبار هيٺ دٻجي وڃڻ باوجود، اڄ به فڪري تحقيق لاءِ اهم ۽ زنده آهي.
حوالا:
Diogenes Laërtius, Lives and Opinions of Eminent Philosophers.
Lives and Opinions of Eminent Philosophers
Waithe, Mary Ellen. A History of Women Philosophers, Volume I.
Stanford Encyclopedia of Philosophy
Aristippus of Cyrene بابت قديم يوناني
Internet Encyclopedia of Philosophy Cyrenaics Entry
…(هلندڙ)…
هي مضمون ڪيئن رهيو؟