مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

لوڀي لوڪ، جي ٿيندو

Hakeem Prem Chandwani ڪالم نگار، شاعر

ايم.اي (اڪنامڪس)، ايل.ايل.بي (فاضل طب ۽ جراحت)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سماج جي سڃاڻپ رڳو وڏين عمارتن، جديد بازارن، تيز رفتار گاڏين ۽ وڌندڙ دولت سان نٿي ٿئي، سماج جي اصل سڃاڻپ ان جي ماڻهن جي اخلاق مان ٿيندي آهي. جڏهن ماڻهوءَ جي دل ۾ انسانيت، قناعت، انصاف ۽ احساسِ ذميواري زنده هجن، تڏهن معاشرو خوشحال هجڻ سان گڏ خوبصورت به هوندو آهي، پر جڏهن هر خواهش جو آخري مقصد وڌيڪ حاصل ڪرڻ، وڌيڪ گڏ ڪرڻ ۽ ڪنهن به طريقي سان اڳتي نڪرڻ بڻجي وڃي، تڏهن دولت ته وڌي سگهي ٿي، پر اخلاق آهستي آهستي گهٽجڻ لڳي ٿو. ان ئي حقيقت کي ٻن سٽن ۾ نهايت گهري معنيٰ سان هينئن چيو ويو آهي:
لوڀي لوڪ، جي ٿيندو، اخلاق ڪٿي، پوءِ رهندو.
لوڀ رڳو پئسي جي وڌيڪ خواهش جو نالو ناهي، لوڀ هڪ اهڙي ذهني حالت آهي، جنهن ۾ انسان وٽ موجود نعمتون ننڍيون ۽ نه مليل شيون وڏيون نظر اچڻ لڳن ٿيون. قناعت انسان کي پنهنجي حصي تي شڪر ڪرڻ سيکاري ٿي، جڏهن ته لوڀ انسان کي ٻين جي حصي ڏانهن به ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. اتان ئي حق تلفي، دوکو، ٺڳي، ملاوٽ، ناجائز منافعي خوري ۽ خود غرضي جا دروازا کلي وڃن ٿا پوءِ حقن تي ڌاڙو عام ٿئي ٿو.
جڏهن لوڀ ڪاروبار ۾ داخل ٿئي ٿي ته ايمانداري من ۽ ذهن مان موڪلائي وڃي ٿي. جڏهن لوڀ تعليم ۾ اچي ٿي ته علم خدمت بدران ڪاروبار بڻجي وڃي ٿو. جڏهن لوڀ رشتن ۾ داخل ٿئي ٿي ته محبت جي جاءِ تي مطلب اچي بيهي ٿو. جڏهن لوڀ خدمت جي ميدان ۾ پهچي ٿي ته خدمت به شهرت جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي انسان کان وڌيڪ وسيلو سمجهڻ لڳن ٿا ۽ جڏهن انسان وسيلو بڻجي وڃي ته انسانيت جو وقار زخمي ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
اخلاق ڪنهن ڪتاب جي هڪ باب جو نالو ناهي، جيڪو پڙهي امتحان پاس ڪري وساري ڇڏجي. اخلاق روزاني زندگيءَ جو اهو خاموش قانون آهي، جيڪو انسان کي اتي به سچ ڳالهائڻ تي آماده ڪري ٿو، جتي ڪو ڏسڻ وارو نه هجي. اصل اخلاق اهو آهي ته ماڻهوءَ کي موقعو هجي ته هو ڪنهن جو حق کسي سگهي، پر هو پنهنجي ضمير جي ڪري ائين نه ڪري. وٽس طاقت هجي، پر هو ڪمزور کي نه دٻائي. وٽس اختيار هجي، پر هو ان کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال نه ڪري. لوڀيءَ جي سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو ڪڏهن به بس نٿو ڪري. هڪ خواهش پوري ٿئيس ٿي ته ٻي پيدا ٿئيس ٿي، هڪ منزل مليس ٿي ته ٻي جي تمنا جاڳي پويس ٿي. انسان پنهنجي ضرورتن کان اڳتي نڪري خواهشن جو قيدي بڻجي وڃي ٿو. پوءِ دولت مقصد نه، پر نشو بڻجي وڃي ٿي. اهڙي نشي ۾ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اهو به وساري ويهندو آهي ته عزت خريد نٿي ڪري سگهجي، اعتماد گڏ نٿو ڪري سگهجي ۽ سٺو نالو ڪنهن بازار مان حاصل نٿو ڪري سگهجي. سماج کي دولت جي ضرورت آهي، ترقيءَ جي ضرورت آهي، ڪاروبار ۽ خوشحاليءَ جي ضرورت آهي، پر انهن سڀني شين کان اڳ هڪ اخلاقي بنياد ضروري آهي. دولت هٿن ۾ هجي ته نعمت آهي، پر دل ۾ هوس هجي ته مصيبت بڻجي سگهي ٿي. مال انسان جو خادم هجي ته زندگي آسان ڪري ٿو، پر جيڪڏهن انسان مال جو خادم بڻجي وڃي ته پوءِ زندگيءَ جا ڪيترائي خوبصورت قدر قربان ٿي وڃن ٿا.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن کي رڳو ڪاميابيءَ جو سبق نه پڙهايو وڃي، پر ڪاميابيءَ جو اخلاق به سيکاريو وڃي. کين ٻڌايو وڃي ته اڳتي وڌڻ سٺو آهي، پر ڪنهن کي پوئتي ڌڪي اڳتي وڌڻ ڪاميابي ناهي. وڌيڪ ڪمائڻ غلط ناهي، پر ناجائز طريقي سان ڪمائڻ ترقي ناهي. پنهنجي حق لاءِ بيهڻ ضروري آهي، پر ٻئي جو حق کسي پنهنجو مستقبل ٺاهڻ انسانيت ناهي. قومون قانونن سان مضبوط ٿين ٿيون، پر اخلاق سان عظيم بڻجن ٿيون. قانون اڪثر انسان جي هٿ کي روڪي سگهي ٿو، پر اخلاق انسان جي نيت کي سنواري ٿو. قانون جي نظر کان بچي سگهجي ٿو، ضمير جي نظر کان نه. تنهنڪري ڪنهن به سماج جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جون عمارتون يا خزانا نه، پر ان جا بااخلاق انسان آهن. جيڪڏهن لوڀ جون حدون اورانگهيون ويون، ته خواهشن جي بازار وڌندي رهندي ۽ انسانيت جون وصفون ۽ قدر موڪلائي ويندا. جيڪڏهن قناعت، انصاف، رحم، سچائي ۽ احساس کي زندگيءَ جو حصو بڻايو ويو، ته معاشرو دولت سان گڏ دل جو به امير ٿيندو.
اصل سوال اهو ناهي ته انسان وٽ ڪيترو آهي، اصل سوال اهو آهي ته وٽس جيڪو ڪجهه آهي، ان سان هو ڪيترو انسان آهي. ڇو ته دولت وڃائجي ته ٻيهر حاصل ٿي سگهي ٿي، پر اخلاق وڃائجي وڃي ته انسان وٽ سڀ ڪجهه هوندي به اندر خالي پڻو رهجي وڃي ٿو. ان ڪري سماج جي خوشحاليءَ جو پهريون شرط صرف دولت جو وڌڻ نه، پر ضمير جو جاڳڻ آهي. لوڀ جي جاءِ تي قناعت، خود غرضيءَ جي جاءِ تي انسانيت ۽ مطلب جي جاءِ تي اخلاق اچي وڃي، ته پوءِ معاشرو رڳو ترقي يافته نه، پر قابلِ احترام به بڻجي سگهي ٿو.
لوڀي لوڪ، جي ٿيندو، اخلاق ڪٿي پوءِ رهندو.
هوس نه پوري ٿيڻي آ، نيڪ نيتي، ضروري آ.
نيڪي ايئن باقي رهڻي آ، هوس کان دوري، رکڻي آ.
(حڪيم پريم چاندواڻي)

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو