مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مشڪلاتن جو ڳڙھ بڻيل سرڪاري دفتر

Shabir Khokhar تجزيه نگار، ليکڪ، ڪالم نويس، سينئر صحافي

ايم فل اسڪالر، شاعر، تجزيي نگار، نقاد، محقق، اٺ ڪتابن جو ليکڪ، مضمون نگار، ڪالم نويس.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نجي اسڪولن جي تعليم ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جا ڀرتي ڪيل آفيسر سياستدانن سميت سنڌ جي تباهي جا ذميوار آهن، انهن جي اهليت مان سنڌ کي ڪو فائدو، آساني، سهولت يا سڌارو ملڻ بجاءِ نقصان پهتو آهي. نجي اسڪولن جي تعليم، ماحول سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب جي مڪمل خلاف انگريزي ٻولي، ثقافت، تهذيب جي پيروي تي مشتمل آهي. انهن اسڪولن مان پڙهي نڪتل تعليم يافته طبقي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تهذيب کي وساري ڇڏيو آهي. هو جڏهن ڪميشن پاس ڪري آفيسر بڻجي ڪرسي سنڀالي ٿو تڏهن به هو سنڌي ٻوليءَ کان اجنبي ٿي رڳو انگريزي ٻوليءَ کي اپنائي ويهي ٿو. ٻولي رڳو پيغام رسائي لاءِ ناهي، ٻوليءَ سان لاڳاپيل ثقافت ۽ تهذيب پڻ متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جي ذميوار نجي اسڪول ۽ آفيسر شاهي آهي، جيڪي نوڪري سنڌ ۾ ڪن ٿا، پر ٻولي ۽ ثقافت انگلينڊ جي اپنائي ويٺا آهن.
اعليٰ ذهانت جي امتحان پاس ڪرڻ، آءِ ٽي، اي آءِ جي دور باوجود آفيسن جو ڪم ڪار، ڪارڪردگي ٻڙي تي بيٺل آهي. عوام جو وقت ۽ دولت ضايع ٿي رهي آهي، سڄي افسر شاھي جي ڪري سڄي قوم تڪليف برداشت ڪري رهي آهي. سياست، حڪومت بيوس نظر اچي رهي آهي. اشرافيه جي حڪومت، آفيسر مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن. حاڪم ۽ آفيسر رڳو مالي فائدا، مراعتون حاصل ڪرڻ ۾ پورا آهن. جڏهن ته خدمت، سڌاري، سهولت ۽ آساني پيدا ڪرڻ جو ڪٿي نالو نشان ناهي. هڪڙو وزير رڳو پنهنجي کاتي جا آفيسر سڌاري ڏيکاري ته به ڪافي آهي. سنڌ ڪابينا ۾ ڪوبه اهڙو وزير ناهي، عوام کي جيترو سرڪاري دفترن ۾ رلايو وڃي ٿو ايترو ظلم ڪٿي به ناهي. ھاءِ! حيدرآباد تنهنجي قسمت روز نوان روڊ، گٽر نالا تعمير پيا ٿين، پر گٽر جو پاڻي روڊن تي اٿلي پوي ٿو، واسا جا انجنيئر ڪرسي تي ويٺل آهن ڪير پڇڻ وارو ناهي. ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي، اعليٰ اختيارين کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ کپي، بدانتظاميءَ جي باوجود اهي آفيسر ڪرسيءَ تي ڇو ويٺل آهن؟ ان جو جواب ڪير ڏيندو.
تمام سرپرستي وارو ادب ۽ صحافت نظرياتي سياست هٿان استعمال ٿيو، جڏهن نظرياتي سياست جو سج لٿو ته ادب صحافت پڻ فوٽ پاٿ تي اچي ويٺي. ڪجھه کي سرڪاري سرپرستي سان اسٽيج تائين رسائي حاصل آهي، باقي ادب صحافت بنا سرپرستي جي سوشل ميڊيا تي انفرادي طور تخليقي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. آفيسر مراعتون جديد ترين حاصل ڪن ٿا، پر ڪارڪردگي، آفيس جي ڪم ڪار ۾ سئو سال پوئتي سفر ڪري رهيا آهن.
جيم خانا، حيدرآباد ڪلب جون سهولتون انهن آفيسرن کي حاصل، جيڪي عوام لاءِ ڪابه سهولت، آساني پيدا نه پيا ڪري سگهن. ماڻهن جو وقت ۽ پئسو ضايع ڪري رهيا آهن. هڪڙي ڏينهن جي ڪم ۾ هڪ مهينو لڳائي ڇڏين ٿا، ڪير پڇڻ وارو ناهي. حيدرآباد ضلعي انتظاميه ۾ سوين آفيسر مان هڪڙو به اهڙو ناهي، جنهن جي تعريف ڪري سگهجي، جنھن جي ڪارڪردگي قابل تعريف هجي، جنهن جو ماڻھن سان سلوڪ بهتر هجي. سرڪاري دفتر مشڪلاتن جو ڳڙھ بڻيل آهن. روحانيت، ادب سان ڪو نقصان نه ٿيو آهي جيترو هن دنيا کي سياست نقصان پهچايو آهي. سياست جي تباهي کان بچڻ لاءِ به سياست کپي ٿي جيڪا سنڌ جي مخالفت ڌر نه پئي ڪري سگهي، جتي دانشور، صحافي ۽ وڪيل نه ڦٻجي سگهن اتي هاري ۽ مزدور جي ڪير ٻڌندو. شڪر ڪيو پرويز مشرف جو جنهن عورتن کي اسيمبليءَ ۾ پهچايو.
سڀني فورم ۾ شريڪ ڪنهن وٽ به ڪو درست گس، بيانيو ناهي سڀ ساڳيا چهرا ساڳيون ڳالهيون ڪرڻ وارا آهن، جن جو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ به مشڪل آهي. ڪمشنر پنهنجي ماتحت ضلعي آفيسر ڊپٽي ڪمشنر کان، ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ماتحت آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ کان وڌيڪ رڳو گهربل سرڪاري انفارميشن جو طلبگار رهي ٿو، باقي سڀ ڪجھه هن جي پنھنجي مرضي تي ڇڏي ڏئي ٿو، نتيجي ۾ ڪوبه آفيسر عوام جي ڪم ڪار، آفيس ۾ ڦاٿل فائلن جي نيڪال تي ڌيان ڏيڻ وارو ناهي، آفيس جو ڪوبه فائل ميرٽ تي صحيح نٿو ٿئي، درخواستن جي داخلا تاريخ ۽ ان آفيس مان نڪرڻ يا خارج ٿيڻ جي وچ ۾ ڪيترو وقت ضايع ٿئي ٿو، ان جو پڇاڻو ڪوبه آفيسر نٿو ڪري جنهن ڪري آفيس جي اصل ڪارڪردگي ۾ ڪو سڌارو نه پيو اچي. کليل ڪچهريون ان ناانصافي، بداصولي، بدعنواني جو ثبوت آهي. ٿيڻ ته ايئن کپي ته هر آفيس ۾ روزانو جي بنياد تي داخلا واري ٽپال جي چڪاس ورتي وڃي يا هڪ رپورٽ رکڻ کپي جنهن روزانو صحيح ٿيل ٽپال، فائلن جو تفصيل موجود هجي، جيڪي فائل اعتراض وارا آهي پڻ لکت ۾ تفصيل جاري ڪرڻ کپن. اهڙي طرح آفيسرن جي ڪارڪردگي کي پرکي سگهجي ٿو. ٽپال، فائل جي وقت تي صحيح نه ٿيڻ جا سبب سامهون اچي سگهندا، آفيسر کان جواب طلب ڪري سگهجي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو